• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي آر بلوچ

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
اداڪار ۽صداڪار اي آر بلوچ :
فقير محمد سنڌي
اداڪار اي آر بلوچ، سنڌي ڊرامن ۾ پنهنجي آواز ذريعي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي، هن کي فني دنيا ۾ آڻيندڙ اداڪار فريد نواز بلوچ هو، اي آر بلوچ حيدرآباد جي پڪي قلعي تي 15 مارچ 1923ع اميد علي بلوچ جي گهر جنم ورتو. بلوچ صاحب رائل ايئر فورس م نوڪري ڪئي نوڪري ڪرڻ دؤران نماز پڙهڻ جي اجازت نه ملڻ تي آفيسر سان سندس منهن ماري ٿي. جنهنڪري کيس چريو قرار ڏئي نوڪري مان ڪڍي کيس گدو ۾ چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. اسپتال مان صحتياب ٿيڻ تي اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر پنهنجي نياڻي سندس نڪاح ۾ ڏني. جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو. ريڊيو پاڪستان تي انور بلوچ ۽ ٽي وي تي عبدالڪريم بلوچ صاحب متعارف ڪرايس . بلوچ صاحب ٽي وي تي پهريون ڊرامو جيڪو آغا رفيق جو لکيل هو ڪيو. جنهنجو نالو هو. خوابن جو سوج“ سنڌي فلمن. ليلي مجنون. بادل ۽ برسات. رت ۽ اجرڪ م پڻ اداڪاري ڪئي. ڊرامن. م ديوارين. جهنگل. هٿين گل ميندي. دنگي منجه دريا هئا. سندس ڊرامون بخت خان بيحد مشهور ٿيو . سندس آخري ڊرامو ٽيپو سلطان هو، اي آر بلوچ جو اصل نالو عبدالرسول شاهاڻي هو. آخري ۾ اي آر بلوچ تي فالج جو حملو ٿيو جنهن جي ڪري ڪافي عرصو بيمار رهيو، پر ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيائون، 82 سالن جي عمر ۾ مالڪي حقيقي سان وڃي مليو.
اي آر بلوچ پهرين جولا 2005ع تي الشفا ڪراچي ۾ وفات ڪئي.​
 
Back
Top