ڪالم نگار فاطمه ڀٽو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    مصنف، ڪالم نگار، شاعر ۽ صحافي، فاطمه ڀٽو :
    فقير محمد سنڌي
    فاطمه ڀٽو 29 مئي 1982ء تي افغان گاديء جي ھنڌ ڪابل ۾ ان وقت پيدا ٿي، جڏھن ھن جو والد مير مرتضيٰ ڀٽو جلا وطني جي زندگي گذاري رھيو ھو۔
    فاطمه ڀٽو اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي جڏھن تہ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي ڀائٽي آھي جڏھن تہ ھن جي والده فوزيہ فصيح الدين ڀٽو افغان وزارت خارجه جي اھلڪار جي ڌيءُ ھئي۔ ماٽيلي ماءُ غنويٰ ڀٽو ھن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) جي چيئر پرسن آھي۔ فاطمه ڀٽو جو والد میر مرتضيٰ ڀٽو 1996ء ۾ پنھنجي ڀيڻ بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ شهيد ٿيو.
    فاطمه ڀٽو ابتدائي تعليم دمشق(شام) ۾ حاصل ڪئي۔ 1993ع پنھنجي والده غنويٰ ڀٽو ۽ ننڍي ڀاءُ ذوالفقار ڀٽو جونيئر سان پاڪستان آئي ۔ ھن ڪراچي ۾ امريڪن اسڪول مان او ليول ڪئي۔ پوءِ 2004ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي، نيويارڪ مان امتيازي نمبرن سان گريجوئيشن ڪئي۔ گريجوئيشن ۾ ھن جو خاص مضمون وچ اوڀر ۾ ڳالھايون ويندڙ ٻوليون ڪلچر ھو۔ 2005ع ۾ ھن اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز مان ”سائوٿ ايشين گورنمينٽ ۽ سياسيات“ ۾ ماسٽرز ڪئي۔
    فاطمہ ڀٽو شاعره ۽ ليکڪا آھي، پاڪستان ، آمريڪا ۽ برطانيا جي مختلف اخبارن ۾ ڪالم بہ لکي ٿي۔ 1997ع ۾ پندرھن ورھن جي عمر ۾ فاطمہ ڀٽو جو پھريون شعري مجموعو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاڪستان مان شايع ٿيو جنھن جو عنوان Whispers of the Deserts (ريگستانن جون سرگوشيون) ھو۔ 2006ع ۾ ٻيو ڪتاب 8 آڪٽوبر 2005ع تي آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا ۾ آيل زلزلي جي موضوع تي عنوان سان شايع ٿيو۔ جڏھن تہ ٽيون ڪتاب ”Songs of Blood and Sword“ پڻ ڇپيو آھي
    فاطمه ڀٽو کي سماجي فلاح ۽ بھبود جي ڪمن سان گھري دلچسپي آھي، بالخصوص سنڌ جي جيلن ۾ قيد عورت سان ٿيندڙ سلوڪ، ھن جي توجھہ جو خاص مرڪز آھي۔ ھو صرف ان موضوع تي تفصيل سان لکندي رھي آھي، بلڪه باقاعدگي سان لاڙڪاڻو ويمنز جیل جو معائنو به ڪندي آھي۔ ھن کي ڪراچي ۾ ڪچي آبادين ۾ وسندڙ ماڻھن جي مسئلن سان بہ گھاٽي دلچسپي آھي ۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو