• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نالوارو شاعر ذوالفقار سيال

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
ناليوارو شاعر، اديب، ڪمپيئر ۽ڪالم نگار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال :
فقير محمد سنڌي
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريدآباد، تعلقي باقراڻي، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. خانداني لحاظ کان سندس لاڳاپو زميندار ۽ تعليم يافته خاندان سان آهي. هن 1972ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1984ع ۾ ڪميشن جو امتحان ڏئي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪيائين. آر. ايم. او (ايڊمنسٽريشن) ايل. ايم. سي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو (1989ع-1988ع) رهيو. ان کان سواءِ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد، ايڊيشنل پوليس سرجن جناح اسپتال ڪراچي ۽ ايم. ايس چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻو به رهيو.
ذوالفقار سيال 1971ع ڌاري لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئـي. سندس ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن جـي ’ٻارن جي صفحن‘ ۾ ڇـپـجـــنــديـون رهيون. چـانـڊوڪــي پـبليڪيشن لاڙڪاڻي جو (1976ع-1974ع) جو ايڊيٽر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ’سنگت‘ مخزن جو چيف ايڊيٽر (2008ع- 2006ع) رهيو آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ 1972ع ۾ ان جو سيڪريٽري بڻيو. ان کانپوءِ 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ايل. ايم. سي جو سيڪريٽري ٿيو. 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي ۽ 2006ع ۾ ٻن سالن لاءِ سنگت مرڪز جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سٺو ڪمپيئر به آهي ۽ ٽي. وي جي ڪيترن پروگرامن جي ميزبان جي حيثيت سان ڪمپئرنگ ڪري چڪو آهي. هن ڪيترن سنڌي ۽ اردو ڊرامن (’ڪن ۽ ڪنارا‘، ’پرهه کانپوءِ‘، ’غازي عبدالقيوم شهيد‘، ’درد ڪو جو زبان ملي‘) ۾ اداڪاري به ڪئي آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا 16 ڪتاب ڇپيل آهن جنهن ۾، (1) ’رڻ سڄـــو ئــي رت ڦڙا‘1977ع سنڌ اڪيڊمي حيدرآباد ، (2) ’ڳاڙها هٿ پيلا چهرا‘، (3) ’چهرا چنڊ گلابن جھڙا‘ (4) ’بارش کانپوءِ)(‘ 5) اکر اکر سرهاڻ( 6) آئينه ۽عڪس(7) لفظن جا رانديڪا (8) سنڌي شاعريءَ جو سفر ۽( 9) پنهنجي ٻولي، پياري ٻولي، ادب جي کيتر ۾ شامل آهن.​
 
Back
Top