صحافي اي جي چانڊيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ڊراما نگار اي جي چانڊيو:
    فقير محمد سنڌي
    سڀ کان وڏو تحفو جيڪو توهان ڪنهن ٻئي کي ڏئي سگهو ٿا، اهو آهي ان ڏانهن پورو ڌيان ڏيڻ، جيئن سماج جي دري مان صحافي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي، اهڙو هڪ خوبصورت نالو اي جي چانڊيو جو به آهي.
    اي جي چانڊيو جو پورو نالو اعجاز علي چانڊيو هو، هو 31 آڪٽوبر 1966ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هن ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) ۽ بي. ايڊ، تائين تعليم حاصل ڪئي. هو کاٻي ڌر جي سوچ رکندڙ هو ۽ روزاني ”عبرت“ اخبار ۾ ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج هو. سٺو ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي هو. ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم، ڪهاڻيون، فيچر، رپورٽون ۽ ترجما ڇپيل اٿس. هن جا لکيل ڊراما اسٽيج ٿيا. اسٽريٽ ٿيٽر ۽ اسٽيج جي دنيا ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. هن آخري ڀيرو حيدرآباد پريس ڪلب طرفان سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ -امر جليل- سان ملهايل شام ۾ تقرير ڪئي ۽ -امر جليل- کان ڪيترائي سوال پڇيا، انهيءَ تقريب ۾ ڪچهري ڪندي هن کي دل جو دورو پيو ۽ اسپتال پهچڻ کان پهرين 27 مئي 2007ع تي گذاري ويو.اي جي چانڊيو، کاٻي ڌر جي ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي وطن دوست انقلابي پارٽيءَ ۾ پڻ رهيو. سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ وطن دوست انقلابي پارٽيءَ جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ هڪڙي ٽرائيڪائيسٽ ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر لال خان جي ”جدوجهڊ“ ۾ ساڻس گڏجي ڪم ڪيو ۽ ”جدوجهد“ جي ”اينٽر ازم“ پاليسيءَ تحت پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ”اينٽر ازم“ تحت پيپلز پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ جو مقصد اهو هيو ته جيئن پيپلز پارٽي ۾ سوشلسٽ ڌڙي کي مضبوط ڪجي ۽ پيپلز پارٽي تي اثر انداز ٿي ان کي سوشلزم واري راهه ڏانهن وٺي وڃڻ جي جاکوڙ ڪجي.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو