مالش ۽ خوشامد جو فن!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پراڻي زماني ۾ جسم جي مالش جو گھڻو رواج هو ۽ اڃا به آهي پر هن جديد دور ۾ سموري جسم يا جسم جي ڪنهن خاص حصي جي مالش ڪرائڻ لاء بي شمار مشينون ايجاد ٿي پييون آهن مٿي جي وارن کان وٺي پير جي آڱرين تائين بدن جي عر عضوي جي مڪمل سڪون ۽ آرام خاطر ترڪيء جي تاريخي حمامن،بينڪاڪ ۽ دبئي جي جديد مساج هائوسز ۾ مهيا ٿيندڙ بدن جي نس نس ٺاريندڙ خدمتن ۾ انهن مشينن جو ڪيترو ڪردار آهي،اهو ڄاڻڻ لاء ته کيسي ۾ غير ملڪي ناڻي ۾ مٽيل اڻ ڳڻيا نوٽ هئڻ گھرجن پر بازار ۾ به جيڪي ان مقصد لاء مشينون ۽ اوزار ميسر آهن اهي خريد ڪرڻ به عام شوقينن جي وس جي ڳالهه ناهي.البت مالش جو هڪڙو ٻيو قسم عام آهي جنهن کي “ خوشامد يا چاپلوسي” چيو وڃي ٿوجيڪا لفظن ذريعي مالش آهي اها سستي ۽ پهچ جي اندر آهي.خوشامد لاء جنهن اوزار جي ضرورت پوي ٿي اها آهي زبان يا وري قلم! اڪيلو قلم اهو سڀ ڪجهه ڪريو ڇڏي جيڪي دنيا جون سموريون مالشي مشينون گڏجي به ڪري نٿيون سگھن۽ جيڪر لکڻ وارو هٿ مضبوط هجي،ڏڪندو ۽ لڏندو نه هجي ته مالش جو مزو ٻيڻو نه پر ڪئي ڀيرا وڌي وڃي ٿو.دغا دعا،مجرم محرم،مشيت معيشت،چنڊ چنڊو ۽ ان طرح جي بي شمار هڪ ٻئي سان شڪل ۾ ملندڙ جلندڙ لفظن جي ڌٻڻ ۾ ٿورڙي به خطا قلم مان نڪرندڙ مس جو منهن ڪنهن طرف به موڙي سگھي ٿي،انهيء سان انڊلٺ جا رنگ به اڀري سگھن ٿا ۽ خود لکندڙ جو پنهنجو منهن مبارڪ به ڪارو ٿي سگھي ٿو.لفظ ويچاري جو ڪهڙو قصور،لفظ ته مزدور آهي جيڪو رڳو معنيٰ ڍوهي ٿو.لکندڙ جي مرضيء موجب تشبيهه،استعاري،اشاري،ڪنائي ۽ رمز جا روپ بدلائيندو آهي،نه عيوضو طلب ڪندو آهي ، نه اجورو گھرندو آهي۽ نه ئي حڪم جي نافرماني ڪندو آهي. بس ايترو ضرور آهي جو ڪجهه شخص پنهن جي ضمير جي روشني جھڪي ٿي وڃڻ جي صورت ۾ پنهن جي ذاتي دانائيء جي اوندهه جا الا ڀڙڪائي وٺندا آهن ۽ جوش ۾ اچي اهڙا اهڙا لفظ ان آڙاهه ۾ اڇلائيندا آهن جو نه رڳو ٻڌڻ ۽ پڙهڻ وارن تي انهن جا غير موسمي اثر مرتب ٿيندا آهن بلڪه ويچاري ممتا جي ماريل لغت کي به حيرت وچان ڏندين آڱريون اچيو وڃن !

    مالش ۽ خوشامد ان طرح به هڪجهڙيون آهن جو ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ ٻئي خوش ٿيندا آهن.مالش ۾ معاوضو ترت ملندو آهي پر خوشامد ۾ ايئن نٿو ٿئي.پر گھڻا جينيس ۽ ماهر ڪاريگر ايڊوانس کان سواء ان ڌنڌي ۾ هٿ وجھندا ئي ناهن.انهن کي پتو هوندو آهي ته ان رڻ جو سفر ڏاڍو اوکو ۽ خطرناڪ هوندو آهي جو خوشامد جي ڇنڊڇاڻ نهايت باريڪ بينيء سان ٿي سگھي ٿي.پهريون ته آواز يا تحرير کي ڪن يا اک تائين پهچڻ بعد ئي قسمت جو فيصلو ٿيندو آهي ته انهن ترن ۾ تيل ڪيترو آهي. ڪڏهن ڪڏهن وري خوشامد جو خط ئي ڪنهن غلط پتي تي هليو ويندو آهي يا اهو پهچندي پهچندي ايتري دير ٿي ويندي آهي جو سامهون وارو شخص صفحه هستيء تان ئي مٽجي چڪو هوندو آهي مطلب ته اهو پنهنجي عهدي تان ئي غائب ٿي ويندو آهي.هاڻي نشانو خطا ٿيل تير ڪهڙي ڪم جو!

    مالش وانگر خوشامد جا به ڪيترائي قسم آهن،ديسي،ولايتي،مقامي، صوبائي،مرڪزي،لاهوري، پشوري، اسلام آبادي،ڀوٿارڪي.درٻاري وغيره وغيره.اڄ ڪلهه جيڪا صنعت سڀ کان گھڻي مقبول آهي اها آهي اسلام آبادي.ان ۾ تيل ڪريم يا سڻڀ يعني سڻڀا لفظ استعمال نٿا ڪيا وڃن ڇو ته سڻڀ جي بوء سان ترت خبر پئجيو وڃي ته صاحب تازو مالش ڪرائي آهي.هاڻي گھڻي مالش صوتي يعني آواز واري هلي ٿي.اهڙي مالش جيڪا زبان ذريعي هڪڙي ڪن ۾ داخل ٿئي ۽ ٻئي ڪن مان نڪرڻ کان پهرين پوري جسم کي ٺاري يا ٻاري ڇڏي.اها کلي عام يعني اجلاسن ۾ به ٿئي ٿي ۽ اڪيلائيء ۾ پڻ! فرق رڳو اهو جو اڪيلائيء ۾ وڏي واڪي ۽ محفل ۾ محتاط طريقي سان سس پس واري انداز ۾ ٿئي ٿي.

    هڪڙي صاحب ڪنهن ملاقاتيء کي اندر سڏيو،کيس عزت سان ويهاري چانهه پيش ڪئي.هن ويچاري اڃا چانهن جو هڪڙو ڍڪ ئي مس ڀريو هوندو ته ايتري ۾ صاحب جو اسٽنٽ آيو جنهن صاحب جي ڪن ۾ ڪا سس پس ڪئي،ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن پٽاخي کي تيلي ڏيکاري هجي، صاحب کي ڄڻ ته اوچتو ڪو دورو پئجي ويو هجي.هن ترت پٽيوالي کي سڏيو ۽ حڪم ڏنائين ته هن ڪميڻي مهمان کي ڪرسيء سميت کڻي ٻاهر اڇلي ڇڏ.اهو مالش جو ڪهڙو قسم هو ان جو فيصلو اوهان پاڻ ڪجو.

    “اوهان روشن سج آهيو اسين اوهان جا ڪرڻا! اوهان آسمان آهيو اسين اوهان جا تارا! اوهان ڇانو ڀريا وڻ آهيو اسين اوهانجا پن! ”ڪنهن سياسي جلسي ۾سپاسنامو پڙهندي مقرر اڃا اهي لفظ چيا هئا ته سامهون ميڙ مان آواز آيو “ اوهان ديڳ آهيو اسين اوهان جا چمچا!” اهو مثال سرعام مالش جو آهي.پر سرعام مالش ۾ ڪنهن وقت ڪا گرهه لڳڻ جو به خطرو رهي ٿو.مشاعرن ۾ به اڪثر ان قسم جون گرهون لڳي وينديون آهن. ڪنهن مشاعري ۾ اردوء جي هڪ شاعر مطلع پڙهيو؛

    “اس زلف پي پڀتي شب ديجور ڪي سوجهي“

    ڪنهن شرارتي آواز ڏنو؛

    انڌي ڪو انڌيري مين بڙي دور ڪي سوجهي.

    خوشامد جي ميدان ۾ ميڊيا خاص طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا بي مثال ترقي ڪئي آهي.لفظن ۽ معنائن سان گڏ پلي بيڪ ميوزڪ،ناز ۽ ادا،ميڪ اپ،ايڪشن،تعريفن سان ٽمٽار ٿيل ڏونگرا،ڀلا ان سيلاب سامهون ڪير بيهي سگھي ٿو! نسلن جا داستان هڪ ئي ڌڪ ۾ ختم.بت شڪني،بت فروشي ۽ بت تراشي جا سڀئي ڪرتب هڪ ئي ڇت جي هيٺان اک ڇنڀ ۾ حاضر ء۽ انهيء ۾ ڪو خرچ به نٿو ٿئي.رڳو ٿوري زبان ئي ته گسائڻي آهي ۽ گسائڻ سان ته تلوار وڌيڪ تيز ٿي ويندي آهي!

    بهرحال خوشامد يا چاپلوسيء جو فن جنهن کي اچي ويو سو اڳيان نڪري ويو ۽ جنهن کي نه آيو سو افسوس وچان هٿ مهٽيندو رهجي ويو.ڪهڙو تالو آهي جو ان سان نٿو کلي.پر اهو ڪم مايوس ٿي ڇڏڻو ناهي،مستقل مزاجي ۽ نڪ جي ڏاڍائيء سان پنهنجو ڪم جاري رکيو وڃي ته هر ڪاميابي قدم چمندي.بيگم ڪيئن ٿئي اوهان جي حق ۾ بي غم،باس ڪيئن بنجي اوهانجو دوست خاص، سس ٽنڊي نه ڪري اوهان سان ڪا ڀنڊي،اوهان جا رشتيدار رڳو اوهان جو ئي ڪن انتظار، مطلب ته اوهين ان فن ذريعي وڏن وڏن جي رڳو اکين جا تارا نه پر سندن اکين جي تارن جا تارا بڻجي سگھو ٿا.جيڪر اوهان کي مکڻ لڳائڻ اچي ٿو.خبر ناهي اوهان مان ڪيترا اهو فن سکڻ لاء سنجيده آهن بهرحال اسان مفت ۾ خير جو ڪم ڪندي ڪجهه نسخا بيان ڪيون ٿا.

    باس،صاحب،ڀوتار جيڪو به هجي جيڪر نخريلو،نوڪيلو،غصيلو توڙي پٿريلو به هجي ته گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي،ٿورو وقت لڳندو باقي ڪم پڪو ۽ صاحب ميڻ ٿي ويندو.رڳو اوهان کي ان جي پسند ۽ ناپسند جي پوري لسٽ هٿ ڪرڻي پوندي،کيس وڻندڙ شين جي انڌي تعريف ۽ اڻ وڻندڙ شين تي هر وقت لعنت وجھڻ شروع ڪري ڏيو.رڳو وات جي بڪ بڪ سان به ڪم نه هلندو،ڪجهه کيسي کي به چهڪ ڏيڻو پوندو،سندس پسند مطابق ڪو تحفو ڪا سوکڙي،سندس جنم ڏينهن تي ڪيڪ ۽ ميڻ بتين واري رسم توڙي جو اوهان کي پنهنجي سالگرهه وسري ڇونه وڃي.ها، سندس هر حڪم جي ترت تعميل توڙي جو ان ۾ اوهان جي سر وڃڻ جو خطرو ڇونه هجي.سياڻن لاء اشارو ڪافي آهي وڌيڪ مٿو پاڻ کپائين.

    جيڪر بيگم گھڻي خوبصورت ناهي ته ڇا ٿيو،سندس صورت جي تعريف ڪندي ڪنهن جو تيل ته نه کٽي ويندو! خبردار جو ڪڏهن ڀلجي به سندس مائٽن جي باري ۾ ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍيو اٿو نه ته اها دوا ابتو ري ايڪشن ڪري ڪم وڃائي ڇڏيندي بلڪ جيترو ٿي سگھي پنهنجن سهاراڻن جا فضائل ۽ ڪرامتون بيان ڪندا رهو.مائيء جا مائٽ توڙي اڌرات جو اچي اوهان تي عذاب الاهي بڻجي نازل ٿين تڏهن به وڏيون واڇون ٽيڙي ۽ ٻٽيهي ٻاهر ڪڍي پهريائين سندن پير وٺو پوء اهلن و سهلن مرحبا چئي کين پنهنجو اڪيلو ڪمرو خالي ڪري پاڻ وڃي بورچيخاني ۾ بسترو لڳايو ۽ کين اهي لفظ چوڻ نه وساريو ته اوهانجي اچڻ سان گھر ۾ بهارون اچيو وڃن.

    اڃا به ڪا ڳالهه کوپڙيء ۾ نه ويهي ته فن مالش جي ڪنهن تجربيڪار ماهر ۽ خوشامد جي پروفيشن ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل ڪنهن پروفيسر جون خدمتون حاصل ڪري سگھجن ٿيون.وڌيڪ مرضيء جا مالڪ آهيو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو