شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جديد سنڌي ادب جو مھندار. فقير محمد سنڌي مرزا قليچ بيگ جديد سنڌي ادب جو معمار ۽ مهندار آهي جنهن جي ڪري سندس لقب شمس العلماء يعني عالمن جو سج آهي. مرزا قليچ بيگ 7 آڪٽوبر 1853ع تي فريدون بيگ جي گهر ٽنڊي ٺوڙهي نالي هڪ پاڙي ۾ ڄائو. قليچ بيگ سنڌي نثر جي دنيا ۾ گهڻ پاسائون انقلاب ۽ تبديلي آندي. جيتوڻيڪ سندس ڪيترن هندو مسلم همعصرن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ به ڳاڻيٽي جهڙو ڪردار آهي، پر قليچ بيگ جو قد، مقام ۽ مرتبو ٻين سڀني کان مٿانهون ڀانيو وڃي ٿو . اها حيرت جوڳي ڳالھ آهي ته هڪ روينيو آفيسر، پنهنجي منصب جا لوازمات ۽ جوابداريون فرض شناسيءَ سان بجا آڻيندي، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي دامن ۾ 457 ڪتابن جو وسيع ذخيرو ۽ سرمايو داخل ڪيو. هي عالم شخص هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي، فارسي، عربي، ترڪي ۽ اردو زبانن تي دسترس رکندڙ هو. سندس علمي ۽ ادبي پورهئي تي نظر وجهبي، ته هو هڪ ئي وقت افساني، ناٽڪ، ناول، تنقيد، شاعري، تاريخ، تهذيب، تعليم، اخلاق، مذهب، طب، تصوف، سوانح، آتم ڪٿا، لغت، ٻوليءَ، سائنس، لطيفيات، لسانيات، گرامر، موسيقيءَ، زراعت، باغباني، سائنس، حشرات الارض، ٻارن جي ادب، تقابلي مذهب، مطلب ته علم ادب جي ڪيترين ئي شاخن تي ڪتاب ترجمو ٿيل آهن مرزا قليچ بيگ مرزا لسانيات تي اهم ڪتاب ترتيب ڏنا جنهن سنڌ ٻوليءَ جي دامن ويتر حسين بڻايو . لغات لطيفي، سنڌي وياڪرڻ چار ڀاڱا، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي لغات قديمي، پهاڪن جي حڪمت، پارسي زبان جي تاريخ Persian entomology جهڙا اهم ڪتاب لکي، پنهنجي علميت جي ڇاپ ڇڏي ويو آهي. لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن 8 ڪتاب لکيا. انهن ۾، شاهه جو رسالو، Life of Shah Abdullah (3) ساڳيو ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ٿيو، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو، ڪافي مواد ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي ڪجھ ڇپيو به آهي جنهن ۾شاھ جي مختلف سرن جي تشريح ڪتابڙا، لغات لطيفي، لطيفي لات، شاھ جي رسالي جي ڪنجي شامل آهن. سنڌ جو سر موڙ سياستدان ۽ليکڪ مرزا قليچ بيگ 3جون 1929ع تي 76 سالن جي عمر ۾ راھ رباني ورتي.