ناليوارو اديب ۽محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    نالي وارو اديب ۽ محقق، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ :
    فقير محمد سنڌي
    در محمد پٺاڻ ولد گل محمد پٺاڻ 25 مئي 1945ع تي ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1963ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. بي. اي پرائيويٽ 1967ع ۾ ڪيائين. بي. ايڊ 1971ع ۾ اول پوزيشن ۾ پاس ڪيائين ۽ 1972ع ۾ ايم. اي سنڌي ٽئين پوزيشن سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1979ع ۾ ”ڪراچيءَ جو سنڌي ٻوليءَ علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. در محمد پٺاڻ 1973ع ۾ تعليم کاتي ۾ ليڪچرار ۽ 1985ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. ان ئي عرصي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي مقرر ٿيو، جتي ڪجهه عرصو قائم مقام ڊائريڪٽر به رهيو. ڊيپوٽيشن جا پنج سال پورا ڪرڻ بعد 1990ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 1991ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو ۽ 1991ع کان 1995ع تائين اتي ئي پرنسپال ٿيو. جتان رٽائر ٿيو .سندس هن وقت تائين سنڌ بابت تحقيق کان سواءِ اٽڪل 500 کان مٿي ثقافتي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مضمون ڇپيل آهن. جڏهن ته سندس ٽيهارو کن ننڍا وڏا ڪتاب لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، جن ۾”موتي مور ملوڪ جا“ (سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي لوڪ شاعري، ترتيب: 1981ع)، ٻــارڙن لاءِ ”ذهـنـي آزمـائـش“ ۽ ”ڇـيـلـڙي وارو شـهـزادو“ (1984)، ”سنڌ ۾ سياسي چرپر“ (1985ع)، ”مولانا عبيدالله سنڌي“ (ٻارن لاءِ: 1985ع).”آدرش رنگ“ (شاعري: 1986ع)،”ادب ۽ ماحول“ (1987ع).”جهڙا گل گلاب جا“ (هندو شاعرن جي شاعري: 1988ع)، علامه آءِ. آءِ. قاضي سووينئر (ترتيب :1989ع)،”موتين مٺ ملوڪ جي“ (سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي لوڪ شاعري: 1990ع)، ”سنڌي ادبي بورڊ ڪارڪردگي (ڪتـابـڙو:1991ع)، ”لاتيون سهڻي لقمان جون“ (سگهڙ محمد لقمان جي لوڪ شاعري: 1995ع) ۽ ٻيا ڪتاب به ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي سڃاڻپ آهن.
    . ڪتاب ”ادب ۽ ماحول“ کي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران 1988ع ۾ ايم. اي سنڌي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ پنهنجي امڙ حيات خاتون ۽ ابي گل محمد جي نالي سان ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ جهڙو علمي ادارو پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي قائم ڪري مثال پيدا ڪيو آهي. هي سنڌ جو اهڙو غير سرڪاري ادارو آهي. جنهن ۾ هزارين ناياب ڪتاب ۽ فن، ثقافت، سياست، شخصيات ۽ تاريخ بابت اخباري ڪترُن تي مشتمل هزارين فائيلن جو مواد موجود آهي. ڊاڪٽر در محمد انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد طرفان ڏهاڪو مضمونن ۾ پي. ايڇ. ڊي گائيڊ طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. 1985ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ هڪ پراجيڪٽ ”پرزرويشن آف هسٽري ڪلچر ۽ لٽريچر آف سنڌ“ هـيٺ سندس ڪيل جاکوڙ ۽ ٻين خدمتن جي مڃتا طور 1986ع ۾ سنڌالاجيءَ ۾ ”ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪارنر“ قائم ٿيو ، جنهن مان ڪيترن شاگردن پـي. ايـڇ. ڊي لاءِ مدد حاصل ڪئي آهي.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو