جديد يوگوسلاويا جو ابو مارشل ٽيٽو فقير محمد سنڌي ٽيٽو مارشل 25مئي 1891ع تي جوسپ بزاز جي مقام تي جنم ورتو. جديد يوگوسلاويا جو ابو آهي. هن 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سوويت روس کان يوگوسلاويه جي آزادي بچائي ۽ ٽين دنيا ۾ پنهنجي ملڪ کي مٿڀري حيثيت ڏياري. ٽيٽو جو اصل نالو جوزف بروڊز هو. هن جو پيءُ ڪروٽ ۽ ماءُ سالوين هئي. ٽيٽو ڄمڻ وقت آسٽرو هينگيرين سلطنت جي رعايا مان هو. هن ڌاتسازيءَ ۾ مزدور ٿي ڪم ڪيو، ٽريڊ يونين ۾ شامل ٿيو ۽ ڪروشيا جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي فوج سان گڏ روسي محاذ تي وڙهي رهيو هو، تڏهن روسين کيس گرفتار ڪيو. روس جي 1917ع واري انقلاب کان پوءِ هو. روس جي گھرو ويڙهه دوران سرخ فوج سان گڏ وڙهيو. هو 1920ع ۾ ڪروشيا موٽيو ته سندس ملڪ سربيا جي بادشاهه پيٽر جي هٿ هيٺ قائم ٿيل سربين، ڪروٽن ۽ سالون جي نئين بادشاهت جو حصو بڻجي چڪو هو. ڪروشيا 1928ع ۾ پنهنجي جدا پارليامينٽ زگرب ۾ قائم ڪئي. سربيا جي شاهي حڪومت انهيءَ پارليامينٽ جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ رياست جو نالو بدلائي يوگوسلاويا (ڏاکڻيون سلاويا) رکي ڇڏيو. ڪروشين ۽ مقدوني قوم پرستن 1934ع ۾ بادشاهه کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ هن جي جاءِ تي سندس پٽ پيٽر II تخت تي ويٺو. 1937ع ۾ رضا ڪارن جي فوج موڪلي. هو 1945ع ۾ يوگوسلاويا جو وزيراعظم چونڊيو ويو. نومبر ۾ سندس پارٽي آئين ساز اسيمبليءَ جون چونڊون کٽيون ۽ يوگوسلاويا کي وفاقي جمهوريه ٺهرايو، جنهن ۾ سربيا، ڪروشيا، بوسنيا، هرزيگووينا، ميڪيڊونيا، سالوينيا ۽ مونٽينگرو جون سوويت سوشلسٽ جمهوريتون شامل هيون. ٽيٽو کي قومي سطح تي شاندارا اعزاز حاصل هئي. ڪميونسٽ هوندي به کيس مغرب جي پٺڀرائي مليل هئي. هن آزاد رهڻ جو پڪو پهه ڪندي يونان ۾ ڪميونسٽن جي بغاوت کي مدد ڏني، ٽريسٽيءَ کي يوگوسلاويا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ويڙهه ڪئي ۽ ڪئٿولڪ چرچ تي حملو ڪيائين. مغربي ملڪن جي ڪاوڙ وڌي. اسٽالن 1948ع ۾ انهيءَ اميد تي يوگوسلاويا کي ڪومنٽرن مان ڪڍي ڇڏيو ته جيئن اڪيلو ٿيڻ ڪري اهو ملڪ مجبور ٿي سوويت بلاڪ ۾ شامل ٿيندو، پر نتيجو ابتڙ نڪتو. سڄي قوم پنهنجي اڳواڻ جي پٺيان گڏ ٿي وئي ۽ 1953ع ۾ کيس صدر چونڊيائين. روس ۽ يوگوسلاويا جي وچ ۾ مفاهمت ڪرڻ لاءِ نئين سر ڪوششون ٿيون، پر اهي ڪوششون، هنگريءَ تي 1956ع ۾ سوويت يونين جي ڪاهه سبب ڪامياب ٿي نه سگھيون. صدر ٽيٽو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جو دورو ڪري عالمي سطح تي اهميت اختيار ڪري ويو. هن هندستان جي وزيراعظم نهروءَ ۽ مصر جي ناصر سان گڏجي ”غير جانبدار“ ملڪن جي هڪ اهم ڪانفرنس ڪوٺائي ۽ ’غير جانبدار تحريڪ‘ جو بنياد وڌو. تنهن کان سواءِ ٽيٽو آزاد خارجه پاليسي اختيار ڪري، ماسڪو جي يورپي ڪميونزم جي سامهون ٿيو. پر يوگوسلاويا جون قوميتون وفاق مان مطمئن نه هيون. ٽيٽو 1970ع ۾ جيتوڻيڪ ڪراڙو ٿي ويو هو، تنهن هوندي به يورپ جو سڀ کان هوشيار مدبر ليکبو هو، پر انهيءَ زماني کان ئي اهڙيون رٿون تيار ٿيڻ لڳيون، جن مطابق کانئس پوءِ اڳواڻن کي ملي جلي ملڪ هلائڻو هو، پر هن جي اڳواڻي برقرار رهي. شايد هو ملڪ جو واحد اڳواڻ هو. جيڪو پنهنجي گھڻ قومي ملڪ کي متحد رکي ٿي سگھيو. پاڻ 4 مئي 1980ع ۾ وفات ڪري ويو.