حفظ الله ڪاڪا
سينيئر رڪن
ڪراچي ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ کي فرقيواراڻي تڪرار جو طعنو ڏئي قاف ليگ جي قيادت لاهور پهتي، جتي مشاهد حسين سيد پنهنجي روايتي تنقيد ڪندي ايوان صدر کي آءِ ايم ايف جو قيدي ۽ وزير اعطم هائوس کي فائيو اسٽار هوٽل جو لقب ڏنو. مشاهد حسين کي اهڙا الفاظ اچاريندي ڪنهن به قسم جي هٻڪ محسوس نه ٿي.
وقت جي رفتار جيان خبر نه آهي ڇو سوچيون به تبديل ٿي وڃن ٿيون. سندن سوچن مان ائين محسوس ٿيندو آهي ته جمهوري حڪومت ڪاڻ سندن زندگيون روز جي زهر پئيڻ مثل ٿي ويون آهن، هنن پاڪستان کي پنهنجو ماڳ نه پر آءِ ايم جو قيدي سمجهو آهي،سندن سرن کي به ڄڻ ولين ورڇي ڇڏيو آهي. هنن آخر ڪهڙي سبب آءِ ايم ايم ايف جو قيد خانو ايوان صدر کي ڪوٺيو ۽ وزير اعظم هائوس انهن جي نظرن ۾ فائيو اسٽار جيل ڇو ٿي ويو آهي. پاڪستاني عوام ڪنهنجي قولن ۽ فعلن جي پنهنجو راهبر ڳولهي، قائد ليگ جي طعنن ۽ لقبن، نواز ليگ جي بيقرارين، متحدا جي متنازين، فنڪشنل جي فرمانن، اين اين پي جي ارمانن يا پيپلز پارٽي جي نعرن آڏو پنهنجو ڪنڌ جهڪائين. پاڪستاني عوام تي سياسي تڪرار واري ماحول جي آڙ ۾ جڪڙي ڄڻ آڪاش جي هن شعر مثل ٿي ويو آهي؛.
روز ٿــــــو زهــــــر پــيــــان ، مران جيان، جيان مران،
ڄڻ ڪلاچي ڪُـــن ۾ ، ٻڏان تـــران ، ٻڏان تران،
يا ديول جي ديپ جيئن، اُجھان ٻران ، اُجھـان ٻران،
ڄڻ صليب تي ٽنگيل، ڪو سرد مان هجان بدن..
پاڪستان ۾ سياسي روش ڪنهن ڏينهن به رڪي نه آهي، سياسي ڌريون هر پل هڪ ٻئي کي آمريتي جي هنج پلجڻ جا مهڻا ڏئي پنهنجي سياسي زندگي کي ڪجهه سالن لاءِ زندهه ڪرڻ لاءِ بيتاب ٿي وڃن ٿيون. ڪير آمر آهي ۽ ڪير همراز ڪنهن کي ڪا خبر نه آهي. هر پل سياسي مخالف ڪنهن نه ڪنهن ميدان ۾ پاڻ مڃائڻ لاءِ موجود بيٺا هجن ٿا. ڪڏهن ڪالاباغ جي اڏاوت جو مامرو ته ڪڏهن ٽارگيٽ ڪلنگ، ڪڏهن دهشتگردي ته ڪڏهن بدامني. پاڪساني عوام لاءِ جيئڻ جي ڪا به واهه نه بچي آهي، لاهور ۾ بم ڌماڪو ٿيو ته صوبي جي حڪومت بهادري جو مظاهرو ڪندي ائين چيو ته لاهور جو عوام دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پر عزم آهي.. ها واقعي عوام پر عزم ته آهي پر ان جي جسم ئي آيل رهڙن کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي..؟ انهن جي ڦٽن تي مرهم نه ٿو رکي سگهجي، انهن کي اها نه آٿت نه ٿي ڏئي سگهجي ته مستقبل ۾ ملڪ ۾ ڪا به اهڙي جارحاڻي راند برپا ٿيڻ نه ڏني ويندي... وقت جا واڳ ڌڻي اهڙين اوکين رنجشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءِ ته کڻي سگهن ٿا، پر ائين شايد نه آهي. بم ڌماڪن جو شڪار ٿيلن جون امڙيون پنهنجي پيارن جي وڇڙي وڃڻ تي پنهنجي پاڻ کي زندهه لاش محسوس ڪن ٿيون، جگر جي ٽڪڙن کي اياز جي هنن سٽن جيان ڳوليندي نظر اچين ٿيون ته؛
آ مَهڪ هوا ۾ مينديءَ جي، سي گھوٽَ اچن ٿا گهايل ٿي،
جي لالُ لَهوءَ ۾ ليٿڙجي، اڄ رت جي ريت نڀائن ٿا.
سندن خواهشون اهي هونديون آهن ته ٻئي ڏينهن جي صبح شايد ديس واسين لاءِ ٿڏي روشني وارو سج آڻيندي پر رت جا ڳوڙها ڳاڙيندڙ سندن اکڙيون جڏهن صبح ٿيندي ساڳي موسم پسن ٿيون ٿيون ته سندن زخم ٻيهر تازا ٿي وڃن ٿا.
پر انهن ڳوڙها ڳاڙيندڙ اکڙين ۽ زخمن ۾ چور جسمن جي مرهم بدران اسان جون سياسي ڌريون هڪ ٻئي جا اڇا چٺا پڌرا ڪندي نظر پيون اينديون. تنهن وقت ائين محسوس ٿيندو آهي ته هن ديس ۾ درد ڀري دل جي ڪو به دانهن ٻڌڻ وارو نه آهي، جذبا ته پري جي ڳالهه پر ڪنهن جي حياتيٰ جو به شايد ڪو قدر نه آهي. اتي هڪ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پاڪستاني عوام سياسي رنجشن مان آجپو ماڻي بهارن جي ڇانو پسندو....؟
ان سوال جو جواب رڳو سياسي تنظيمون ئي ڏئي سگهن ٿيون، جيڪي ايوان صدر کي آيم ايف جو قيدي ڪوٺي پنهنجو مان اوچو محسوم ڪنديون آهن. جيڪي عوامي بجيٽ کي ملڪ دشمن قرار ڏين ٿيون، جيڪي اقتدار ۾ ويٺل اڳواڻن کي قاتل ڪوٺين ٿيون يا اهي ئي جواب ڏئي سگهن ٿيون جيڪي ماروئڙن کان خوشحالي جي نانو ته ووٽ وٺن ٿيون. پر ڇا ماروئڙن کي ان جو جواب ملندو، جيڪڏهن ملندو ته ڪڏهن..؟ تڏهن ته نه ملندو جڏهن پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ٿيندو ۽ وري ڪو آمر اقتدار تي هٿ مضبوط ڪندو، يا تڌهن جڏهن ملڪ دهشتگردي جي ورچ چڙهي سوويت يونين مثل ٿي ويندو..؟
پاڪستان عوام ڪڏهن به اقتدار تي ڪنهن آمر کي پسند نه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته ديس واسين جي رڳن ۾ جنهن جمهوريت جو رت ڀريل آهي، اهي آمريت جي بوء به پسند نه ڪنديون آهن. پر جيڪڏهن ملڪ ۾ دهشگردي يا شهرين تي نشاني بازي، سياسي روش جي آڙ ۾ ويساهه گهاتيون يا بدعنوانيون ختم نه ٿيون ته شايد عوام جي امنگن جا ارڏا ارادا ڪنهن اڙانگي فيصلي ڏانهن بدلجي سگهن ٿا.
هڪ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته سياسي ڌريون حڪومتي ڌر سان ڇاڪاڻ جهيڙين ٿيون..؟ جيڪڏهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا فلاحي ڪم ٿين ٿا ته ان کي پئسي جو اجايو خرچ ڪوٺيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ٿرڪول منصوبو عمل پيرا ٿئي ٿو ته اتي ڪرپشن جا الزام مڙهيا ٿا وڃن ۽ جيڪڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي ڪا چڻنگ اڏامي ٿي ته ان کي حڪومت جي ناڪامي ڪوٺيو وڃي ٿو. ايوان صدر بي سبب ڪرپشن جي جڙ ۽ وزير اعظم هائوس فائيو اسٽار جيل سڏجي ٿو.. ائين ڇو آهي..؟”
عوام جيڪڏهن پنهنجا نمائندا پنجن سالن لاءِ چونڊي ٿو ته سياسي ڌريون ان کي ٻن سالن ۾ ئي ناڪام ڇو سڏين ٿيون. ڏهن سالن جي امريت جي پٺڀرائي به ڪجهه سياسي پارٽيون ئي ڪن ٿيون، جنهن ۾ ڪو به عوام جي ڀلائي وارو ڪم نه ٿئي يا شهرين کي ڳولي ماريو وڃي تڌهن به اها سياست خاموش هوندي آهي پر جيڪڏهن جمهوريت پسند حڪمرانن لاءِ ڪا به اوکي ويل پيش اچي ٿي ته ان ئي ناڪام ڪوٺي اڳواڻڻ مٿان الزامن جي باهه ٻاري وڃي ٿي، اهو ڪهڙو عمل آهي.
پاڪستان، ڇا سياسي رنجشن مان آجپو ماڻيندو...؟ عوام کي دهشگردي مان ڇوٽڪارو ملندو.. يا حڪومت مٿان بي سبب الزام مڙهڻ بند ٿيندا........؟ پاڪستاني عوام لاءِ اهو سوال هميشه مونجهارو پيدا ڪري ٿو.
حفظ الله ڪاڪا
ڪلفٽن ڪراچي
hafeezkaka@yahoo.com
03332945417