عالم، اديب ۽شاعر ڊاڪٽر نذير احمد جروار فقير محمد سنڌي 22ڊسمبر 1933ع تي عالم، اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر نذير احمد جروار ولد عبدالله عرف جمعو خان جروار جو اصل نالو غلام نبي هو. شهدادڪوٽ ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ گل محمد جروار ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي تر مان حاصل ڪيائين جنهن ۾ فارسي تعليم نامياري عالم مولانا عزيز الله جروار کان ۽ عربي تعليم مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ کان حاصل ڪيائين. تعليم کان فارغ ٿي ڪجهه وقت لاءِ ميونسپل اسڪول ٽنڊي الهيار ۾ استاد طور ڪم ڪيائين، ان دوران حيدرآباد مان طبي تعليم به حاصل ڪندو رهيو. 1965ع ۾ ٽنڊي الهيار کي ڇڏي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ گل محمد جروار ۾ وڃي ڪلينڪ کوليائين، جتان وري 1971ع ۾ شهدادڪوٽ ويو، جتي زندگيءَ جي آخري ساهن تائين ڪلينڪ هلائيندو رهيو. شهدادڪوٽ ۾ ئي ڳلي جي ڪينسر جي ڪري 23 مئي 1994ع تي وفات ڪيائين. ڊاڪٽر نذير احمد جروار کي عربي مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي شعر ۽ شاعريءَ سان دلچسپي ٿي. مولانا الله, حبيب الله حبيب شهدادڪوٽي، مولانا محمد يوسف شهدادڪوٽي ۽ مرحوم نظام الدين گوپانگ جي صحبت سندس دلچسپيءَ ۾ غير معمولي اضافو آندو، نتيجي طور هو بهترين شاعر ثابت ٿيو، پر کيس علم عروض جي به وڏي ڄاڻ هئي. هن ان عنوان تي ’ميزان‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو، جيڪو سندس وفات کان پوءِ شايع ٿيو . هن ’تاريخ شهدادڪوٽ‘، ’بلوچ قبائل ڪا تاريخي پس منظر‘ ۽ ’بلوچستان تاريخ ڪي آئيني مين‘ نالي ڪتاب به لکيل، جيڪي قلمي صورت ۾ وٽس موجود هئا .