ڪمپيئر ۽ڊراما آرٽسٽ نعمت الله جوڻيجو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڪمپيئر ۽ ڊراما آرٽسٽ نعمت الله جوڻيجو :
    فقير محمد سنڌي
    جهڙي طرح سونهن انسان جي ڪشش جو سسب رهي آهي. اهڙيءَ طرح سرهاڻ به ادب جو خاص محرڪ آهي ڇاڪاڻ ته انسان سرهائي ماڻي ٿو. اها سرهائي کيس سڪون ۽ فرحت فراهم ڪري ٿي انهيءَ سڪون ۽ فرحت جو اظهار فن ۽ ادب کي جنم ڏئي ٿو. انسان روشني، رنگ رنگت ۽ سرهاڻ مان مزو ته ماڻي ٿو پر ٻين جي حواسن کي به ان مان سرهائي پهچي ٿي. اهو هڪ فطري عمل آهي ته جيڪا به شي انسان کي متاثر ڪرڻ لڳي ٿي ته اهو انهيءَ فني ڪمال کي دنيا وري وري دهرائيندي آهي . اهڙو نوجوان دوست نعمت الله جوڻيجو والد حسين بخش جوڻيجو جي گهر 12 مارچ تي 1972ع بمطابق 21 رمضان المبارک تي گوٺ ٺل جوڻيجو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾مڊل اسڪول گوٺ احمد خان لاشاري مان 1988ع ۾ مئٽرڪ جي تعليم بنگل ديرو ۾ فرسٽ ايئر 1990ع ۾ بي اي 1992ع ۾ ڊگري ڪاليج رتو ديرو مان پاس ڪيائين. ان دوران 1989ع ۾ ٽائيپ رائيٽر ۽ ڪمپيوٽر ڪورس جي لاڙڪاڻي ۾ سکيا ورتائين. شروعاتي نوڪري 1994ع کان پوليس ڪانسٽيبل مليس. لکڻ جي شروعات 1999ع کان مختلف اخبارن ۽رسالن ۾ 2002ع کان نوجوان ادبي لاڙڪاڻو جو سرگرم رڪن رهيو آهي. فن جي دنيا ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئرنگ لاءِ آگسٽ 2000ع کان نئين ٽهي پروگرام کان شروعات ڪيائين، 2006ع ۾ ايگريڪلچر پروگرام ڪيائين ۽ اڄ تائين ريڊيو پاڪستان سان جڙيل آهي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي جن پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو تن ۾ نئين ٽهي، سائي ڌرتي، اسلام عليڪم لاڙڪاڻو، سونهن سمبارا، هيرن هار،ذهني ڄاڻ تي مبني پروگرام لوچيندڙ لهڻ، گيت سنگيت سچل سرمست جي حوالي سان سچل ڪوئيز ڪيائين ۽ ان سان گڏوگڏ ايف ايم چينل 88.8 . ٽي مارڪيٽنگ طور سر انجام ڏئي رهيو آهي 2004ع کان ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي تي۽ ڪشش چينل تي ڊرامن ۾ پنهنجي فن قوم جي آڏو پيش ڪري چڪو آهي، جنهن ۾فلم جيجل ماءُ، ڊرامو ڪاري رات، هر شخص ڪهاڻي آ، رواج، ڪروڙ پتي، ڪنجوس، انصاف، 3 سولو پلي گهڻي ماڊلنگ، انتطار گاہ۽ وجود شامل آهن. انسان حرص وارو آهي چوڻي آهي ته کاڌي خرار کٽي ويندا آهن پر ڪوشش ڪري پنهنجي محنت ڪجي ان ڳالھ جو نعمت الله جوڻيجو ڪائل آهي ۽ حرص کان پاسيرو آهي، پاڻ هر وقت محنت ۾ مشغول رهي ٿو.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو