5 جولائي جي رات، جنهنجي صبح نه ٿيڻ ڏني ويئي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اپريل 1977ع جي ڳالهه آهي جو پوري ملڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف تحريڪ شروع ٿي ويئي،اها تحريڪ انهيء سال مارچ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي نتيجي ۾ شروع ٿي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويئي.پاڪستان قومي اتحاد وٽ توڙي جو عوامي قوت نه هئڻ برابر هئي ۽ اليڪشني جلسن دوران به اهي ماڻهن کي گھڻو متاثر نه ڪري سگھيا هئا پر ان تحريڪ لاء انهن نظام مصطفيٰ جي نفاذ جو نعرو بلند ڪيو ۽ ان تحريڪ کي نظام مصظفيٰ جي تحريڪ جو نالو ڏيئي ڇڏيو.اسلام جي نالي تي اڄ کان چاليهه سال پهرين به ماڻهن جي جذبن سان اهڙيء طرح ئي کيڏيو ويندو هو جهڙيء ريت اڄ کيڏيو وڃي ٿو.

    تحريڪ جي نتيجي ۾ ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ٿيو،احتجاج،ٽوڙ ڦوڙ ۽ جلسا جلوس روز روز جو معمول بڻجي ويا.ڪجھه ماڻهو به مئا پر ڀٽي صاحب کي هٽائڻ لاء رڳو اسٽريٽ پاور جو مظاهرو ئي ڪافي نه هو ان لاء پارلياماني عدم استحڪام پيدا ڪرڻ به ضروري هو.پارٽيء جي اندر ڏار پيدا ڪرڻ جي به ضرورت هئي.انهيء مقصد لاء ايجنسين پنهنجي راند شروع ڪري ڏني.ڪجهه غلطيون ڀٽي صاحب کان به ٿيون يا ڪرايون وييون . ڪجهه پارٽي اڳواڻ اڳ ۾ ئي اصل اقتدار ڌڻين جي اشارن تي نئين منزل طرف سفر لاء تيار هئا.اهي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي هوا جو رخ ڏسي فيصلو ڪندا آهن ته کين ڪهڙي طرف سفر ڪرڻو آهي ۽ ڪڏهن وفاداريون بدلائڻيون آهن.هوا جي مخالف طرف اڏامڻ انهن پکين جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي.

    اپريل جو مهينو گھڻي حد تائين ان قسم جي اڻ وڻندڙ صورتحال ۾ گذريو،ڪٿي ڀڃ ڊاهه ته ڪٿي مظاهرا.ڪٿي محلاتي سازشون ته ڪٿي ڳالهين جون ڪوششون.8 اپريل تي ڀٽي صاحب پارٽي مفادن جي ابتڙ سرگرمين جي الزام ۾ تاج محمد لانگاهه،احمد رضا قصوري ۽ حامد ياسين کي پارٽيء مان نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.احمد رضا قصوري بعد ۾ ان ڪيس جو فريادي بڻيو جنهن جو انجام آخرڪار ڀٽو صاحب جي ڦاسيء تائين پهتو.

    12 اپريل تي پيپلز پارٽيء جي سيڪريٽري جنرل مبشر حسن استعفيٰ ڏيئي ڇڏي،انهيء ئي ڏينهن ملتان کان پي پي جي عورت اڳواڻ فخر النساء کوکر پارٽي رڪنيت تان استعفا ڏني.اڳئين ڏينهن تي ايجنسين اسيمبلين ۾ راند شروع ڪري ڏني.پنجاب اسيمبليء مان ڀٽو حڪومت خلاف پهرين استعفا چوڌري اعتزاز احسن ڏني.چوڌري اعتزاز احسن پي پي حڪومت ۾ صوبائي وزير قانون جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو.ان جو جواز هن اهو ٻڌايو ته 9 اپريل تي لاهور ۾ مظاهرو ڪندڙن تي جيڪا فائرنگ ڪئي ويئي ان ۾ نوڪرشاهي سندس حڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. انهيء ئي ڏينهن پنجاب اسيمبليء مان عبدالحفيظ ڪاردار ۽ قومي اسيمبليء مان سردار احمد علي به استعيفا ڏئي ويو.ٻوريء ۾ سوراخ ڪرڻ جي دير هئي ۽ هڪ هڪ ڪري پي پي جا اهي نام نهاد وفادار ساٿي ريتيء جي ذرن جيان وهندا ويا.انهيء دوران ڀٽي صاحب ڊسيپلين جي خلاف ورزيء تي سردار شوڪت حيات کي به پارٽيء مان ڪڍي ڇڏيو.ٻئي طرف رستن تي تحريڪ به هلندي رهي.انهيء تحريڪ دوران غير ملڪي ڪرنسي خاص طور تي ڊالرن جي برسات به وسڻ لڳي.ذوالفقار علي ڀٽي کي يقين ٿي ويو هو ته عالمي طاقتون هاڻي کيس اقتدار ۾ نٿيون ڏسڻ گھرن.پنهنجي اقتدار دوران هن عرب ملڪن کي تيل جي دولت کي مغرب خلاف هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.اسلامي دنيا کي متحد ۽ منظم ڪرڻ جون ڪوشسون ڪيون هيون.لاهور ۾ سڏايل اسلامي سربراهي ڪانفرنس به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي.پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ لاء هن جيڪي عملي قدم کنيا هئا آمريڪا انهيء تي سڙيو ويٺو هو.

    28 اپريل تي ذوالفقار علي ڀٽي پارليامينٽ کي ٻڌايو ته “ هاٿي” هن کان ناراض ٿي ويو آهي پر هن کي شايد خبر ناهي ته سندس واسطو ڪنهن ريگستانيء سان پيو آهي.آمريڪي وزير خارجه سائرس وانس ڀٽي صاحب کي خط لکيو ته جيڪي به شڪايتون آهن انهن تي خاموشيء سان آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ڪري معاملا حل ڪيا وڃن.ڀٽي صاحب اهو ئي خط مري روڊ راولپنڊيء جي هڪ چوواٽي تي عوام سامهون ڦڙڪائي ڇڏيو.

    مئي جو مهينو شروع ٿيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جون ڪوشسون تيز ٿي وييون.انهيء دوران تحريڪ استقلال جيڪا قومي اتحاد جو حصو هئي ان جي اڳواڻ اصغر خان فوجي جنرلن نالي هڪ خط لکيو جنهن ۾ هنن کان مطالبو ڪيو ويو ته اهي ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر قومي مفاد ۾ اقتدار جون واڳون سنڀالي وٺن.جنرلن ان وقت ته ظاهر ۾ ان خط کي ڪا اهميت نه ڏني پر بعد ۾ ملڪ جي “وسيع تر قومي مفاد” کي به نظرانداز نه ڪيو ويو.جون ۾ ڳالهين جو عمل شروع ٿيو.اڄ ڪلهه ملڪي معاملن ۾ آمريڪي مداخلت جون ڳالهيون ڪندڙ ان ڳالهه کي وساري ويهن ٿا ته اهي ڳالهيون پاڪستان جي معاملن ۾ سعودي حڪومت جي سڌي سنئين مداخلت جي نتيجي ۾ شروع ٿيون هيون.پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير رياض الخطيب حڪومت ۽ اپوزيشن اڳواڻن کي هڪڙي ميز تي ويهاريو.ڀٽي صاحب جي مذاڪرتي ٽيم ۾ حفيظ پيرزادو ۽ ڪوثر نيازي جڏهن ته اپوزيشن جي ٽيم ۾ مفتي محمود سان گڏ پروفيسر غفور احمد ۽ نوابزادو نصر ﷲ خان شامل هئا.ڳالهين جو سلسلو هڪ مهينو جاري رهيو،انهيء دوران ڪجهه خيرخواهه حلقن پاران ڀٽي صاحب کي ٻڌايو به ويو ته فوج سندس حڪومت جو خاتمو آڻي سگھي ٿي پر ڀٽي صاحب انهن ڳالهين طرف ان ڪري ڪو خاص ڌيان نه ڏنو جو هو جنرل ضياء الحق کي پنهنجو قابل اعتماد جنرل سمجھندو هو.هن ڪيترن ئي سينئر جنرلن کي نظرانداز ڪري نهايت ئي جونيئر ضياء الحق کي ان ڪري فوج جو سربراهه مقرر ڪيو هو جو ضياالحق نهايت ئي چاپلوس ۽ خوشامدي هو ۽ هر وقت ڀٽي صاحب سامهون نياز نوڙت جا ڪرتب ڏيکاريندو رهندو هو.نواب صادق حسين قريشي جي رهائش گاهه وائيٽ هائوس ملتان ۾ اوچتو ڀٽي صاحب جي اچڻ تي هن ٻرندڙ سگريٽ به پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجھي ڇڏيو هو.ذوالفقار علي ڀٽو ڀلا ڪيئن گمان ڪري سگھيو ٿي ته اهو ئي ضياء الحق نه رڳو سندس اقتدار کي ختم ڪندو پر کيس ڦاسي به ڏيئي ڇڏيندو.عالمي سازشن جو تاڃي پيٽو به هميشه کان منجھيل ۽ اڻ سلجھيل رهيو آهي.جنرل ضيا کي ستر جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري شاهه حسين حڪومت جي مدد لاء هڪ دستي جي ڪمان ڏيئي اردن موڪليو ويو هو.ان دستي اتي موجود فلسطيني مجاهدن جي رت سان پنهنجا هٿ رڱيا جيڪي اردن لاء مٿي جو سور بڻيل هئا.فلسطينين جي ان قتل عام جي صلي ۾ جنرل ضيا کي اردن حڪومت طرفان فوجي اعزاز سان نوازيو ويو.جنرل ضيا پنهن جي ڪنڌ ۾ جيڪو ويڪرو بيلٽ پائيندو هو ۽ جنهن سبب هن جا مخالف کيس “بينڊ ماسٽر“ سڏيندا هئا اهو پٽو کيس فلسطينن جي قتل عام جي صلي ۾ انعام طور مليو هو.مبصرن جو خيال آهي ته آمريڪا سان جنرل ضيا جا ناتا انهن ئي ڏينهن ۾ شروع ٿيا هئا ۽ بعد ۾ هڪ منصوبي هيٺ امريڪين خود ڀٽي صاحب هٿان کيس فوج جو سربراهه لڳرائي ڇڏيو.

    فوجي اڳواڻ جي حيثيت سان جنرل ضيا حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڳالهين کي تمام ويجھڙائيء کان مانيٽر ڪري رهيو هو.هو انهن ڳالهين دوران وزيراعظم هائوس ۾ ايندو ويندو رهندو هو.هڪ دفعو هن مبصر جي حيثيت سان انهن ڳالهين جي عمل ۾ شامل ٿيڻ جي به ڪوشش ڪئي پر نوابزادي ۽ مفتي محمود جي احتجاج تي ڀٽي صاحب هن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.ڳالهين ۾ جنهن به موڙ تي ڪنهن ٺاهه يا مفاهمت جي صورت پيدا ٿيندي نظر ايندي هئي ته جنرل ضيا ڳالهين کان ٻاهر ويٺل قومي اتحاد جي ٻين اڳواڻن ذريعي انهن ۾ وڌيڪ مونجھارو ۽ ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي ٿي.اصغر خان ساڻس لاڳيتو رابطي ۾ هو ۽ هن جي اشاري تي ڳالهيون ناڪام بنائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هو.مفتي محمود،نوابزادو ۽ پروفيسر غفور جڏهن ڳالهين بعد انهن جي حتمي منظوريء لاء اپوزيشن جي ٻين ليڊرن وٽ آيا ٿي ته انهن ۾ ڪونه ڪو رولو وجھڻ لاء اصغر خان هروقت تيار رهيو ٿي.هڪ مهينو ان ڪيفيت م ئي گذري ويو ۽ جولائي جو مهينو شروع ٿي چڪو هو.حڪومت ۽ اپوزيشن جون ڳالهيون ڏينهن رات جاري رهيون.سازشن جي بوء هاڻي ڀٽي صاحب کي به اچڻ لڳي هئي.4 جولائي تي رات جو دير سان ذوالفقار علي ڀٽي هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته اپوزيشن سان سمورا معاملا طيء ٿي ويا آهن.معاهدي تي صبح جو صحيحون ٿي وينديون.صبح جو صحيحون ڪيئن ٿين ها جو ڪنهن ستمگر اها صبح ٿيڻ ئي نه ڏني!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو