شفيق الرحمان شاڪر چوندا آهن ته انسان ڪنهن به حال ۾ خوش نٿو رهي.سرديءجي موسم ۾ هن کي سرديء جي شدت جڏهن ته گرميء جي موسم ۾ کيس گرميء جي حدت تنگ ڪندي رهي ٿي. جڏهن به ڏسو سندس زبان تي ڪا نه ڪا شڪايت،ڪانه ڪا دانهن ۽ ڪونه ڪو فرياد موجود رهي ٿومطلب ته سندس زبان هر وقت گلائن ۽ شڪايتن سان ٽمٽار رهي ٿي. ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ شايد ان ڪري جو انسان بنيادي طور تي ڪمزور آهي،پنهنجي آسپاس جي ماحول کان گھڻو متاثر ٿئي ٿو.هو انهيء ماحول مطابق پاڻ کي بدلائڻ يا پنهنجي مطابق ماحول کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر جڏهن هن کي پنهنجي چئني پاسين پکڙيل ناانصافيون نظر اچن ٿيون ته مايوسيون ۽ پريشانيون کيس گھيري وڃن ٿيون.هو پنهنجو پاڻ کي زنجيرن ۾ جڪڙيل محسوس ڪرڻ لڳي ٿو.هو انهن زنجيرن کي ٽوڙڻ جون هزارين ڪوششون ڪري ٿو پر ڪامياب نٿو ٿئي ڇوته سندس آسپاس “ جنهنجي لٺ تنهنجي مينهن” وارو قانون رائج آهي.سندس سموريون سوچون،سمورا فلسفا ۽ نظريا طاقت سامهون سر جھڪائڻ تي مجبور آهن. هو پنهنجون حالتون بدلائڻ جون لکين ڀيرا ڪوششون به ڪري ٿو سندس چئني طرف رڙهندڙ خوفناڪ ڀٽون کيس چرڻ نٿا ڏين.هو ڏسي ٿو ته سندس آسپاس سازشن جا ڄار اڻيا پيا وڃن،هو انهن ڄارن جي تاڃي پيٽيء کي سمجھڻ باوجود انهيء جي ڳنڍين کي کولي نٿو سگھي،ڄار جي ريشمي ڏورين کيس اهڙيء طرح ته پنهنجي پڪڙ ۾ جڪڙي رکيو آهي جو ان قيد مان نڪرڻ هن لاء ممڪن ئي نه رهيو آهي.انسان ڪمزور آهي،هن جي شخصيت ۾ موجود اوڻايون ئي هن کي ڪمزور بنائين ٿيون. سندس خلاف ڄار اڻندڙ هن جي ڪمزورين مان پوريء طرح واقف آهي ۽ هو هو هن جي ڪمزور حصن کي ئي پنهنجو نشانو بڻائي ٿو.هو پنهنجي آسپاس وڏي بيوسيء سان نهاري ٿو،ڪيترين ئي حالتن ۽ واقعن جو مشاهدو ڪري ٿو،ڪيتريون ئي ڳالهيون هن جي سمجهه ۾ اچي به وڃن ٿيون پر طاقت جو خوف هن کي پنهنجي زبان بند رکڻ تي مجبور ڪري ٿو.اها ئي غلامي آهي.حضرت انسان جي تاريخ ڪيترن ئي لاهن چاڙهن سان ڀريل آهي.ان تاريخ کي ڏسندي ۽ پڙهندي انساني ذهن مفلوج بڻجي ڪري رهجي وڃي ٿوخليل جبران آدم جي اولاد جي تاريخ کي انسان جي زبان مان ئي وڏي وضاحت سان بيان ڪيو آهي.“ انسان زندگيء جو غلام آهي ۽ اها غلامي هن جي ڏينهن کي ذلت ۽ خواريء جي پردي ۾ ويڙهي ۽ سندس راتين کي رت جي سيلاب ۾ ٻوڙي ڇڏي ٿي.منهنجي پهرين پئدائش کي ست هزار سال گذري چڪا پر مون اڄ تائين تسليم پيشا غلامن ۽ ٻيڙين ۽ ٻنڌڻن ۾ جڪڙيل قيدين سواء ٻيو ڪجھه ناهي ڏٺو.مون دنيا جي اولهه ۽ اوڀر جو سفر ڪيو،زندگيء جي اونداهين ۽ روشنين آڏو چڪر لڳايا ،قومن۽ نسلن کي ٽولا ٽولا بڻجي غارن مان نڪري محلن طرف ويندي ڏٺوپر پوء به نميل ڪنڌن، جڪڙيل ڪرائين ۽ بتن سامهون جھڪندڙ گوڏن سواء مون ٻيو ڪجهه نه ڏٺو.آئون شاهي محلن،مدرسن ۽ عبادتگاهن ۾ ويس، قربان گاهن ۽ مندرن سامهون بيٺو رهيس ۽ ڏٺم ته مزدور واپاريء جو غلام،واپاري سپاهيء جو غلام،سپاهي سپهه سالار جو غلام ۽ سپهه سالار بادشاهه جو غلام آهي.آئون اميرن ۽ طاقتورن جي حويلين ۾ داخل ٿيس،غريبن ۽ ڪمزورن جي جھوپڙين ۾ ويس ،هاٿيء جي ڏندن جي تصويرن ۽ سون چانديء سان سينگاريل ڪمرن ۾ ويٺس،نااميدين ۽ نراس جي پاڇن ۽ موت جي هچڪين سان لبريز ڪوٺين ۾ ترسيس ۽ ڏٺم ته ٻار کير سان گڏ غلاميء جو زهر پي رهيا آهن.نوجوان الف.ب،ت سان گڏ ذلت ۽ خاڪساريء جو سبق سکي رهيا آهن.غلاميء جا جيترا قسم ۽ صورتون مون ڏٺيون آهن نهايت ئي عجيب آهن.رنگ برنگي غلامي جيڪا شين کي واقعي انهن جي حقيقي قيمت ادا ڪرڻ سواء خريد ڪري ٿي ۽ انهن کي انهن نالن سان سڏي ٿي جيڪي اصل نالن کان مختلف بلڪ انهن جي ابتڙ آهن.تنهن ڪري اهي مڪاريء کي عقلمندي،بڪواس کي معرفت،ڪمزوريء کي نرم دلي ۽ بزدليء کي انڪار ۽ بي نيازيء سان تعبير ڪري ٿي. خميده غلامي جيڪا ڪمزورن جي زبان کي خوف ۽ دهشت جي اثر هيٺ حرڪت ڏئي ٿي ان ڪري اهي اهڙيون ڳالهيون چون ٿا جن کي پاڻ نٿا سمجھن.اهڙين شين جو اظهار ڪن ٿا جيڪي سندن دلين ۾ ناهن هونديون ۽ بيوسي ۽ لاچاريء هٿان ڪپڙي جي ان ٿان جيان ٿي ويندا آهن جنهن کي جڏهن چاهيو ويڙهي وٺو ۽ جڏهن چاهيو کولي وٺو.ڪٻڙي غلامي جيڪا هڪ قوم کي ٻي قوم جي قانونن طرف وٺي وڃي ٿي.جڏهن آئون ٿڪجي چور ٿي هڪ جڳهه تي ويهي رهيس ته مون ڏٺو ته هڪڙو نازڪ سايو سج تي نظر ڄمايو اڪيلو هلندو ٿو وڃي .مون ان کان پڇيو؛ تون ڪير آهين؟ هن جواب ڏنو؛ آزادي! مون وري سوال ڪيو؛ ۽ تنهن جا پٽ ڪٿي آهن؟ چيائين هڪڙو سوريء چاڙهي ڇڏيو ويو،ٻيو پاڳل بڻجي مري ويو ۽ ٽيون اڃا پيدا ناهي ٿيو!اهو چئي اهو پوئتي مڙيو ۽ منهنجن نظرن کان غائب ٿي ويو.” دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نيڪ ارادن،وسيلن جو بهترين استعمال،ملڪ ۽ قوم سان سچائي، خدمت جي اعليٰ درجي يا بي رحم احتساب جي انديشي کان صرف اهڙن هنڌن تي ڪيو ويندو آهي جتان عوامي ڀلائيء جو ڪو چشمو ڦٽي نڪري. انهن جو بنيادي مقصد ئي انسانيت جي ڀلائي هوندو آهي جو اتي انسان کي انسان سمجھيو ويندو آهي.ڪيترا ئي ملڪ اهڙا به آهن جتي جانورن جي حقن جو به گھڻو خيال رکيو ويندو آهي.هي جديد دور جڏهن دنيا تيزيء سان ترقيء جون منزلون طيء ڪري رهي آهي ۽ حيرت ناڪ ٽيڪنالاجيء ذريعي ڪائنات کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏٺا پيا وڃن پر اهو ئي انسان جنهن ۾ هيتريون ساريون اعليٰ خوبيون ۽ چڱايون آهن اتي دنيا ۾ اهڙا ڪردار به موجود آهن جيڪي هڪڙي خاص ترتيب ڏنل نظام ذريعي هر وقت اقتدار جي ڊوڙ ۾ ئي نظر ايندا آهن.اهو گھڻو ڪري ترقي پذير ملڪن ۾ ٿئي ٿو.عالمي سطح تي موجود حڪومتي ڪرپشن عوام کي تباهيء جي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي.انهن ملڪن جا ڪرپٽ ۽ بد ديانت حڪمران پنهنجن ملڪن ۽ اتان جي عوام کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائيندا ئي هليا ويا.اهڙا حڪمران عالمي سامراج جي وڇايل ڄار ۾ پاڻ ڦاسائي عوام کي به انهن عالمي شاهوڪارن وٽ گروي رکي چڪا آهن.اٽڪل سٺ ڪروڙن جي آبادي رکندڙ ايڪيتاليهه ملڪن جي مجموعي جي ڊي پي دنيا جي صرف ستن امير ترين ماڻهن جي مجموعي دولت کان به گھٽ آهي.حقيقت ۾ انهن عالمي وياج خور ادارن پويان عالمي طاقتن جي خوفناڪ پاليسي لڪيل آهي اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري هڪ طرف اهي حڪمران انهن عالمي طاقتن جا هر وقت پير وٺندا رهن ٿا ته جيئن سندن اقتدار کي ڊيگهه ۽ دوام ملندو رهي.انهن جي ئي ئي ڊڪٽيشن تي روزانو عوام تي نون نون ٽيڪسن جو بار ڪيرايو وڃي ٿو. بي روزگاري، مهانگائي،ناانصافي،حق تلفي،بدامني،ڪرپشن ۽ پنهنجن کي نوازڻ جو فصل تيزيء سان اڀرندو،اسرندو ۽ نسرندو رهي ٿو.عوام جي حالت ان درجي تي پهچي وڃي ٿي جو انهن کي رڳو ٻن وقتن جي مانيء جو حصول ئي ياد رهجيو وڃي.انساني طبيعت ۽ فطرت ۾ اها ڳالهه شامل آهي ته هو هميشه ٻين کي هيٺائون ۽ پاڻ کان گھٽ ڏسڻ گھرندو آهي.انساني ذهن جي انهيء ئي فلسفي انساني غلاميء جي تصور کي جنم ڏنو.غلاميء جي مختلف قسمن مان ان جو ڪريل ۽ شرمناڪ قسم اهو آهي جيڪو غربت،مفلسي ۽ لاچاريء سان گڏوگڏ ذات پات جي ذلت آميز ۽ نفرت انگيز نظام سان ڳنڍيل آهي.ڪم ڪرڻ ئي انهن جي زندگيء جو مقصد ۽ انهن جي اولاد جي پئدائش ئي ڄڻ غلام رهڻ لاء ٿي هجي! اهڙا ماڻهو جبري غلام ٿين ٿا،اهي هن نظام مان نڪري ئي نٿا سگھن، ڪنهن هڪ اڌ خاندان جو ڪو ٻار پنهنجي خداداد صلاحيتن سبب تعليم حاصل ڪري هن بدبودار نظام مان نجات حاصل ڪري سگھندو آهي.دنيا ۾ هن وقت به غلاميء جي اها لعنت گھٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي.آمريڪا ۽ يورپ ۾ انهيء کي اسمگلنگ ذريعي ترقي ملي ٿي.اهو هڪ اهڙو نفعي بخش ڪاروبار بڻجي چڪو آهي جنهن مان سالياني ڏيڍ سو ارب ڊالرن کان به وڌيڪ جي بچت ٿئي ٿي.آباديء ۾ زبردست اضافو جيڪو غربت ۽ غلاميء ۾ اضافي جو هڪ اهم سبب آهي. غربت سبب ئي پنهنجو ملڪ ڇڏي ٻين ملڪن جا ڌڪا کائڻا پون ٿا ۽ اهڙن ماڻهن لاء انساني سمگلر پهريان ئي گھات لڳايو ويٺا هوندا آهن.عالمي سطح تي دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي اڍائي آمريڪي ڊالرن کان به گھٽ جي روزاني آمدني تي گذر سفر ڪرڻ تي مجبور آهي.دنيا ۾ هڪ ارب کان به وڌيڪ ماڻهو ايڪويهين صديء ۾ داخل ٿيڻ باوجود نه ته ڪو ڪتاب پڙهي سگھن ٿا ۽ نه ئي پنهنجو نالو لکي سگھن ٿا.جيڪر پوري دنيا جا ملڪ پنهن جي جنگي بجيٽ مان رڳو هڪ سيڪڙو رقم ڪٽ ڪري تعليم تي خرچ ڪن ها ته اڄ کان 18 سال پهرين هر ٻار اسڪول وڃڻ جي قابل ٿي وڃي ها جيڪو نه ٿي سگھيو.دنيا جي ٻن ارب ٻارن مان هڪ ارب ٻار نهايت ئي غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن،64 ڪروڙ ٻارن کي سر لڪائڻ لاء ڪا ڇانو موجود ناهي.چاليهه ڪروڙ ٻارن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ڪونهي جڏهن ته ستاويهه ڪروڙ ٻارن کي صحت جي نالي سان ڪا سهولت موجود ناهي.هڪ تازي رپورٽ مطابق دنيا ۾ اٽڪل چار ڪروڙ ٻار شگر جي مرض جو شڪار آهن.زندگيء جي لحاظ کان غربت ڪنهن انسان يا معاشري جي اهڙي حالت جو نالو آهي جنهن وٽ گھٽ ۾ گھٽ معيار زندگي ۽ لازمي وسيلن جي کوٽ هجي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ مطابق هر سال نو لکن کان وڌيڪ ماڻهو غيرقانوني طور تي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جو بارڊر پار ڪن ٿا جن مان گھٽ ۾ گھٽ پنجاهه هزار آمريڪا جو رخ ڪن ٿا.بيشڪ غربت ئي اهڙي بلا آهي جيڪا انسان کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ غلاميء طرف ڌڪي ٿي.اها غلامي گھرن، دفترن ، ٻنين،اوطاقن،فيڪٽرين،فوڊ پروڊڪٽس،بٺن،فارمن وغيره ۾ عام نظر ايندي آهي.هن وقت به عرب ملڪن ۾ انساني واپار جو ڌنڌو عروج تي آهي.جيڪر اتي ڪفيل صحيح آهي ته قسمت بهتر نه ته هڪ نئين غلاميء جو ٻنڌڻ ڳچيء ۾ پئجيو وڃي.اتي گھڻين جڳهن تي گھٽ مزدوريء تي زبردستيء ڪم ورتو وڃي ٿو.دنيا جا 58 سيڪڙو غلام رڳو انڊيا،پاڪستان،بنگلاديش،چين ۽ ازبڪستان ۾ موجود آهن.انڊيا ۽ پاڪستان ۾ غلاميء جو عنصر گھڻو آهي.جڏهن ته پوري دنيا ۾ غلاميء ۾ ڦاٿل انسانن جو اندازو ڇائيتاليهه ملين کان وڌيڪ لڳايو ويو آهي.ماريطانيا ۾ آباديء جي لحاظ کان هر پنجويهون جڏهن ته هيٽيء ۾ هر اٺيتاليهون ماڻهو غلام آهي.انڊيا جي ڪيترين ئي رياستن ۾ غلاميء جي شرح خطرناڪ حد تائين گھڻي آهي. بلڪه مجموعي طور تي 18.4 ملين ماڻهو غلام آهن.غلاميء جي لحاظ کان دنيا جي ٽاپ ٽين ملڪن ۾ انڊيا،پاڪستان،چين،هيٽي، ازبڪستان، سينٽرل افريڪن ريپبلڪ، سائبيريا، ماريطينيا ۽ دنيا جو امير ترين ملڪ قطر به شامل آهي.اهي ملڪ جتي غلامي نه هئڻ برابر آهي انهن ۾ آئيس لينڊ،ليگزمبرگ،نيوزي لينڊ،ناروي،فن لينڊ، ڊينمارڪ، سوئزر لينڊ،سويڊن ۽ آسٽيريا شامل آهن.اها غربت ئي آهي جيڪا غلاميء جو وڏي ۾ وڏو سبب آهي.اهو ئي سبب آهي جو معمولي پگھارن تي به ماڻهو خطرناڪ ملڪن عراق،مصر،شام ۽ يمن ۾ به ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. غلاميء جي ان ناسور کان نجات حاصل ڪرڻ لاء تعليم عام ڪرڻ، ڀوتارڪي ڪلچر جو خاتمو، ذات پات جي متڀيد جو خاتمو،حڪومتي وسيلن جي مساوي ورهاست،ڪرپشن جو خاتمو،انصاف جي يقيني ۽ وقت سر فراهمي نهايت ئي ضروري عمل آهن.انهن سڀني مان سڀ کان وڌي ڪري تعليم آهي جنهن سان شعور،ڄاڻ،سجاڳي ۽ ساڃاهه حاصل ٿئي ٿي.وڏيرا،جاگيردار ۽ سرمائيدار پنهنجن علائقن ۾ تعليمي ادارا کولڻ يا انهن کي صحيح نموني هلڻ ڇو نٿا ڏين،انهيء جو بنيادي سبب به اهو ئي آهي ته پوء انهن کي غلام ڪٿان ملندا!