شڪارپور جتي معمول مطابق سج ڦلا ٿي نڪري ٿو ، جتي پوندڙ آسماني آڳ ۽ مٿان وري بجليءَ جو بيقائده اچڻ ۽ وڃڻ ڪنهن آفت کان گهٽ ناهي، اتي زندگيءَ کي اگهاڙي پيرين ٽانڊن تي هلندو ڏسي ، سچ پچ حيران ڪندڙ آهي پر ان سان جيئڻ جو هڪ اتساهه به ملي ٿو اهو سوچڻ جو جواز به ملي ٿو ته ڇا چينلز تي ويهي ڳالهائڻ ۽ غربت کي ختم ڪرائڻ وارا مسيحا ، جيڪي هنن ۽ ههڙن جي نالي ۾ اهي ملڪ ۽ ماڳ گهمن ٿا ۽ سٺن ريسٽورانن ۾ پروگرام ڪرن ٿا ، جتي آسمان مان آڳ جا الا نه پر ٿڌيون هوائون ڪنڊيشن ٿي اچن ٿيون ، آءُ اهو ٿو سوچيان ته ڇا اهڙا ماڻهو سنڌ واسين جي مٿان ڪرندڙ ڪاڙهو محسون ڪري سگهن ٿا نه ، بهه نه پورهيتن جي حالت ڏسي مونکي استاد پيرل قمبر جي غزل جو بند ٿو ياد پويم ته جدائيءَ جا جيئن صدما سهڻ ڏاڍا ڏکيا آهي اگهاڙا پير ٽانڊن تي رکڻ ڏاڍا ڏکيا آهي سنگن وارو سنگن پچائڻ واري لاءِ ڪجهه سِٽون شاهه عبد اللطيف هاءَ اسڪول کان ٿورڙو اڳتي ، شري پوڄ سماڌا آشرم جي موڙ تي ، ڪرستانن جي هڪ ڳاڙهه سِري بلڊنگ جي ٻاهران بيٺل ، آرهڙ جي مند ۾ ٽانڊن تي سنگ پچائيندڙ هن پورهيت کي ڏسو ۽ سوچو ڇا هن جي به ڪو واهر ڪندو ، جي نه ته هن جي ايندڙ مستقبل جي باري ۾ ئي سوچيو ته هن جو ڇا ٿيندو ۽ هن جي اولاد جي حالن جي شاهدي هن جو پورهيو ڏئي رهيو آهي ته اهي ڪهڙي حال ۾ هوندا يقين ڪريو ته سنڌ ۾ هن کان به وڌيڪ بي حاليءَ جو شڪار آهين ماڻهو ، جن جي ڪوبه واهر نٿو ڪري ، آهي ڪو سچ ۾ انهن تي سوچڻ وارو…. ڏوڏيون وڪڻندڙ ٻار لاءِ ڪجهه سٽون هن معصوم ٻار ڏانهن به غور سان ڏسو ، جنهن کي ڏسي هڪ شعر ٿو ياد اچي ته ڏس ڇا مان ڇا بڻيا آهيون مند هئي ٽڙڻ جي اسين ڇڻيا آهيون شڪارپور جي بازار ۾ هن ٻار جي جڏهن تصوير پئي نڪتي ته هو ڏاڍو خوش پئي ٿيو ، ائين پئي لڳو ڄڻ هن جي تصوير پهريون ڀيرو پئي نڪتي يا ائين پئي لڳو ته ڄڻ هن جي اها تصوير هن جي پڙهائي جي دوران ڪنهن پهرين ٽرپ مهل پئي نڪتي . پر هن جي اهي ڀاڳ ڪٿي جو پڙهي پئي سگهيو زندگيءَ جي انتهائي مجبورين ۾ هي ٻار پورهيو ڪري رهيو هو ۽ سڌريل دنيا هن قسم جي پورهئي کي بانڊيڊ ليبر ٿي چئي ڀلا ڪير اهو ته ٻڌائي جي هي ٻار پورهيو نه ڪري ته هن جي ڪٽنب کي ڪير پاليندو، آهي ڪو جواب نوٽ مون هي سٽون 27 جولاءِ 2009 تي شڪاپور ۾ لکيون هيون ۽ اڄ به ساڳي پوزيشن آهي، پر صورتحال اڃا خراب ٿي آهي. حسام ميمڻ
جواب: شڪارپور جو پورهيت ليکڪ۔ ادا ڏاڍو ڏکيو موضوع کوليو اٿوَ۔۔ هن موضوع تي بحث ڪرڻ واقعي تمام ضروري آهي۔۔۔ ٻاهرين ملڪن جون مختلف تنظيمون ”ٻارن جي پورهئي“ جي خاتمي جي ڳالهه ته ڪن ٿيون ته پر اهي صرف ڊرائنگ رومن واري ڳالهه ٻولهه تائين ڪم ڪن ٿيون ۽ وڌ ۾ وڌ اخبارن ۾ڪا هڪ اڌ خبر ڏئي پاڻ کي انساني حقن جو علمدار سڏرائين ٿيون۔۔۔ پر سائين انهن کي واقعي اهو سوچڻ گهرجي ته اهو ٻار پورهئي تي مجبور ڇو ٿو ٿئي۔۔۔ ؟ ڇا ان کي هڪ وقت به کائڻ جيترو کاڌو ميسر آهي۔۔؟ ڇا سندس بدن پورو ڍڪڻ لاءِ ڪير کيس لٽا ڪپڙا ميسر ڪري ڏئي ٿو؟ ڇا جيڪڏهن هو مزدوري نه ڪندو ته ڪير ٻيو سندس گهر جي سار سنڀال ڪندو؟ توهان اهڙن ٻارن جي مستقبل جي ڳالهه ٿا ڪريو۔۔۔ جيڪي ويچارا اسڪول وڃڻ جي، پڙهڻ جي باري ۾ صرف سوچي سگهن ٿا۔۔ پاڪستان جي مقابلي ۾ ٻين ملڪن ۾ ته ڪُتن تي به وڌيڪ خرچ ڪيو وڃي ٿو۔ پر هڪ ٻي به ڳالهه آهي ته ٻين ملڪن ۾ وري ٻارن جو جنسي استحصال ٿئي ٿو۔۔ جيڪو عام دنيا کان لڪايو پيو وڃي۔۔ مون ڪجهه ڏينهن هڪ قومي اخبار ۾ پڙهيو هو ته ذري گهٽ 45 هزار کان وڌيڪ ٻارن جو صرف آمريڪا جي هڪ رياست جي اندر هڪ سال جي اندر جنسي استحصال ٿيو۔۔۔۔ ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪيو ادا۔۔۔
جواب: شڪارپور جو پورهيت ليکڪ۔ جيڪڏهن اسان جو هر امير پئسي وارو شخص پنهنجن غريب مائٽن ۽ اوڙي پاڙي ۽ تَرَ جي غريبن ۾ الله جي قانون مطابق زڪات ڏيڻ شروع ڪري پنهنجو پاڻ ته 100 فيصد يقين آهي ته غربت ختم ٿي ويندي