ناميارو صحافي، اديب، ۽ ڊراما آرٽسٽ حميد ڀٽو: فقير محمد سنڌي اي حميد ڀٽو 6 جولاءِ 1969ع ڌاري حاجي عبدالمجيد ڀٽو جي گهر نئون ديرو روڊ گجڻ پورمحلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم جا 3 درجا چنا پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪرڻ بعد چوٿين کان پنجين درجي واري تعليم لاڙڪاڻي جي جيلس بازار واري اسڪول شاهه محمد سنڌي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، جڏهن ته لاڙڪاڻي جي مشهور هاءِ اسڪول گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد هن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ شاهه عبدالليف يونيورسٽي خيرپرو مان ايم اي سوشيالوجي جي ڊگري حاصل ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ سان خاص دلچسپي هئي، ان ڪري ئي هو ٻاروتڻ واري عمر ۾ ڪنهن به قسم جي راندين سان لاڳاپيل نه رهيو، البته حميد ڀٽو ڇهون درجو پڙهڻ دوران هن جناح باغ ۾ ان وقت موجود ”نيشنل سينٽر لائبريري“ لاڙڪاڻي ۾ ميمبرشپ وٺي ،روزانو لائبريري ۾ موجود مختلف موضوعن تي مشتمل جهڙوڪ تاريخ،ادب، سياست ۽ عالمي معلومات عامه وارن ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ۾ گذاريندو هو، ان ئي عرصي دوران يعنيٰ ڇهين جماعت پڙهڻ دوران 1984ع ڌاري سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو باضابطه ميمبر بڻيو ۽ سياست ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ سرگرم ٿيو جنهن ڪري پنهنجي ئي محلي گجڻ پورلاڙڪاڻو۾ ”سپاف“ يونٽ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ ڪجهه عرصي بعد هو گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو جي سپاف يونٽ جو صدر چونڊيو ويو. ناليواري هدايتڪار ”نياز شيخ“ کيس اسٽيج ناٽڪ ”مراد ِان ٽرپل“ ۾ ڪم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي، ۽ اهو ناٽڪ جنوري 1988ع ۾ پريس ڪلب لاڙڪاڻي جي اڱڻ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ حميد ڀٽو پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ حميد ڀٽو اسٽيج ناٽڪن ”ڌرتي دل وارن جي“، ”رشتو گهرجي“، ”هل چريا اوءِ“، ”سنڌ جو رکوالو“، ”دل جي دنيا“، ڊاڪٽر قادر مگسي جي جيل ۾ هجڻ دوران سندس حمايت ۾ منعقد ڪيل اسٽيج ڊرامو ” قادر مگسي“ سميت ٻين اسٽيج ناٽڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، انهي دوران حميدڀٽو ”لاڙڪاڻو بواءِ اسڪائوٽس“ گروپ ۾ به شامل ٿيو ۽ اسڪائوٽ جي فنڪشن (منعقد ٿيل پروگرام) ۾ ”ڪيمپ فائر“ ۾ پيش ٿيندڙ خاڪن ۾ پڻ بهترين پرفارم ڪيو ۽ ”سنڌ اسڪائوٽس ڪيمپوري“ ميرپور خاص ڪيمپ مان اسڪائوٽنگ جي تربيت حاصل ڪئي، نوجوانن کي بهتري طرف راغب ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي، حميد ڀٽو اهڙي سفر ۾ ”ٽائيگر آرٽ اڪيڊمي“ جو بنياد رکيو،حميد ڀٽو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جو سال 2000 ۾ ميمبر ٿيو ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جي ”فوڪ اينڊ هريٽيج“ ڪاميٽي جو سال 2005 ع۾ ڪو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ سال 2009ع ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي ”آڊيو وڊيو ۽ لائبريري ڪاميٽي“ لاءِ ڪو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ ساڳئي سال 2009ع ۾ ميمبرز ڪو آرڊينيشن ڪاميٽي آرٽس ڪائونسل جو ڪو چيئرمين چونڊيو ويو ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جو بنياد پوڻ بعد کيس 2009ع کان 2010ع تائين ”ڪو آرڊينيٽر“ چونڊيو ويو، جنهن جي واڌاري لاءِ حميد ڀٽو هميشه پاڻ پتوڙيندو رهيو.حميد ڀٽو سال 2001 کان ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبر شپ حاصل ڪئي جتي پنهنجو ڪردار سر انجام ڏئي رهيو آهي ۽ سال 2005 کان تي روزاني ”هلچل، حيدرآباد جو چيف رپورٽر ڪراچي بڻيو . حميد ڀٽو ”سنڌي اسپيڪنگ يونين“ جو ميمبر، ”پاڪستان ڪلچرل فورم“، ”ڪراچي يونين آف جرنلسٽ“، ”پاڪستان فلم ٽيليويزن جرنلسٽ فورم جو ميمبر“ 2002 ع کان پڻ آهي.فنڪارن سان ”شام“ملهائڻ ۽ سندن جون ورسيون ملهائڻ ۽ ناليوارن فنڪارن سان رهاڻيون رچائڻ جهڙا پروگرام پڻ شامل آهن. حميد ڀٽو سال 1999ع کان سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو مرڪزي چيئرمين چونڊيو ويو، جنهن سان دوستن جي ساٿ سان اڄ ڏينهن تائين ان عهدي سان سلهاڙيل آهي. حميد ڀٽو کي سال 2002 ۾ پاڪستان مان پهريون ڀيرو هندستان سرڪار جي ماتحت اداري” سنڌي اڪيڊمي دهلي“ جي دعوت تي ناليوارن دانشورن ۽ اديبن جنهن ۾ غلام علي الانا، شمشير الحيدري، قمر شهباز، شوڪت شورو، هدايت بلوچ، عبدالحئي پليجو، بشير مورائي سميت ٻيا شامل هئا انهن سان گڏجي ”انڊيا ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو. حميد ڀٽو ”انڊيا ڪانفرنس“ ۾ سنڌي ناٽڪ بابت مقالو پڙهيو جڏهن ته فني دنيا ۾ ڪيل خدمتن عيوض ”انڊيا ڪانفرنس “ ۾حميدڀٽو کي ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويوحميد ڀٽو بغير ڪنهن ٿڪاوٽ ۽ وقفي جي فن، ادب، ثقافت، شوبز، ڪرنٽ افيئرز ۽صحافتي دنيا ۾ سندس فني سفر جاري آهي. 2016 کان 2017 تائين روٽڙي ڪلب سنڌ جو صدر پن آهي