خود اعتمادي کي ڪئين بحال ڪجي…!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    خود اعتمادي هڪ اهڙو سگهارو عنصر آهي جيڪو انسان جي اندروني صلاحيتن کي نکاري ڪري کيس پنهنجي شعبي ۾ نروار ڪري ٿو، خود اعتمادي جي ڪمي سبب ڪافي سارن فردن کي پنهنجي لاڳاپيل شعبي منجھ شرمندگي کي محسوس ڪرڻو پوي ٿو ۽ وري شرمندگي واري عنصر جو منفي پهلو اِهو آهي تہ اهو انسان کي سندس عزت نفس جي گهٽ هجڻ جو احساس جاڳائي ٿو جنهن سبب وري بہ ذهني ازينت پلئہ پوي ٿي…!!!

    مطلب تہ خود اعتمادي ڪنهن بہ شخص لاءَ هٿيار جو ڪم ڏي ٿي، خود اعتمادي جو هجڻ مطلب تہ سگهاري قوت جو پاڻ سان گڏ هجڻ، خود اعتمادي جي ڪمي مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪرڻ، هاڻ اِها خود اعتمادي آخر انسان منجھ پيدا ڪئين ٿئي ٿي، اچو تہ ان ڳالھ تي غور ڪريو تہ آخر ان کي پيدا ڪئين ڪيو وڃي يا ان کي بحال ڪئين ڪيو وڃي…!!!

    خود اعتمادي کي بحال ڪرڻ جو هڪ موثر طريقو اهو پڻ آهي تہ پنهنجي پاڻ تي مڪمل طور تي يقين هجڻ گهرجي، جنهن ڪم ڪرڻ جي نيت ماڻهو ڪري تہ ان کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ جو ارادو پڪو ۽ اٽل رکڻ گهرجي، ارادي جي ڪمزوري بہ خوداعتمادي کي گهٽ ڪري سگهي ٿي، ان لاءَ سڀ کان پهريان ئي پنهنجي پاڻ تي اعتبار ڪرڻ سکڻو آهي، جڏهن ڪنهن بہ فرد کي پنهنجي پاڻ تي يقين پختو ٿي ويو تہ ان ۾ پاڻهي ڄاڻ خود اعتمادي پيدا ٿيڻ لڳندي…!!!

    انسان ۾ ڪنهن قدر خود اعتمادي جو عنصر فطري طور پنهنجي طبعيت ۾ شامل هوندو آهي، اسين هر روز زندگي جي ڪافي سارن ڪم ڪارن ۾ ڪنهن جي بہ پرواھ نہ ڪندي ان ڪم کي سرانجام ڏيندا آهيون، اهو ڪنهن جي بہ پرواھ نہ ڪرڻ وارو رويو بہ دراصل خوداعتمادي جو هڪ روپ آهي، اعتماد جي بحال ٿيڻ کان پوءَ ڪنهن جي پرواھ ڪرڻ جو ڪوبہ سبب باقي نٿو رهي…!!!

    ان لاءَ اهو سمجهڻ گهرجي تہ خوداعتمادي کي تڏهن ئي بحال ڪري سگهجي ٿو جڏهن پنهنجي پاڻ تي ٻين کان وڌيڪ يقين هوندو يا وري پنهنجي پاڻ تي ٻين کان وڌيڪ يقين رکڻو پوندو، جڏهن پنهنجي پاڻ تي ٻين کان يقين ڪرڻ جو عمل ڪامياب رهيو تہ پوءَ ان کان پوءَ اوهان کي حيران ڪندڙ نتيجا ملڻ شروع ٿيندا، اهڙي نوعيت جا نتيجا جن جي باري ۾ اوهان ڪڏهن گمان بہ نہ ڪيو هوندو…!!!

    خوداعتمادي هڪ ٻڄ مثل هجي ٿو جيڪو هر فرد جي اندر ۾ موجود هجي ٿو ان کي رڳو همت، پڪي ارادي ۽ پختگي جي پاڻي جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ان کي مجموعي طور اهي قوتون مشترڪ طور ملن ٿيون تہ اهو ٻڄ وڌي ڪري وڻ ٿيڻ لڳي ٿو ۽ ان وڻ جي وڌڻ سان ان فرد جي شخصيت جا لڪل پهلو پڌرا ٿيڻ لڳن، کيس معاشرتي مقام جي وڌڻ جو احساس ٿي ٿو، سندس عزت نفس ۾ واڌارو ٿي ٿو…!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو