مجيب سنڌي ڪورائي
سينيئر رڪن
وائي. مجيب سنڌي
توسان آ منهنجو چاھ
او دل جا شهنشاھ
جا آهي پيار واري
سا ڪيئن ڇڏيان مان راھ
او دل جا شهنشاھ
نفرت جي هر بشر کي
او شل لڳي ڪا باھ
او دل جا شهنشاھ
ديوار جا آ دوکو
جلدي انهيءَ کي ڊاھ
او دل جا شهنشاھ
توکي ڪندس مان پنهنجو
دل جي اها چاھ
او دل جا شهنشاھ
مل اچ "مجيب" سان تون
نڪري متان هي ساھ
او دل جا شهنشاھ.