• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ جي تاريخ ڇا ڏنو ڇا ورتو

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
اڄ جي تاريخ ڇا ڏنو ڇا ورتو فقير محمد سنڌي:

15 آگسٽ 1902ع تي شاعر انجم هالائي هالن ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1914ع تي شاعر غني قاضي جنم ورتو.
15 آگسٽ 1918ع تي قائد اعطم جي شادي 41 سالن جي عمر ۾ هڪ پارسي سيٺ مسٽر ڊنشا پيٽنٽ جي ڌي مس رتنا ٻائي سان هندستان جي شهر ڪلڪتي ۾ ٿي هئي.
15 آگسٽ 1921ع تي سنڌي ناول نويس ۽ نثر نويس گوبند مالهي جنم ورتو.
15 آگسٽ 1922ع تي سنڌ خلافت ڪاميٽي صوبي ۾ غازي ڪمال ڀاشا جو ڏهاڙو ملهايو.
15 آگسٽ 1929ع تي ليکڪ مراد علي مرزا (ٽنڊو آغا) ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1932ع تي ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ آنند تاملراماڻي جنم ورتو.
15 آگسٽ 1932ع تي سنڌ جو ناميارو ليکڪ ۽ هدايتڪار آنند ٺهلراڻي ميهڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو.
15 آگسٽ 1937ع تي نوابشاهه سان تعلق رکندڙ شاعر ولي رام ڪشائي جنم ورتو.
15 آگسٽ 1939ع تي ليکڪ محمد علي حداد خيرپور ۾ اک کولي.
15 آگسٽ 1949ع تي مزاحمتي شاعر افضل قادري لاڙڪاڻي جي ڳوٺ دودي سنهڙي ۾ ڄائو.
15 آگسٽ 1955ع تي ادل سومرو اصل نالو (ڊاڪٽر عبدالڪريم سومرو) سکر شهر ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، محقق، ۽ ٻاراڻو ادب جو تخليڪار، پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ادبي سنگت تاريخ ۽ ڪردار.
15 آگسٽ 1959ع تي شاعر ۽ صحافي اثر سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالعزيز سولنگي ولد چنيسر خان سولنگي جهمپير ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1973ع تي نوجوان شاعر ۽ صحافي علي زاهد اصل نالو زاهد علي عباسي ولد غلام محمد عباسي ڳوٺ خانپور تعلقو ڪي اين شاهه، ضلعو دادو ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1981ع تي بينظير ڀٽو صاحبا کي ڪراچي جيل منتقل ڪيو ويو.
15 آگسٽ 2002ع تي سنڌ جي ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار رزاق مهر هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.​
 
Back
Top