سنڌ جو ناليوارو محقق، عالم ۽شاعر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو : فقير محمد سنڌي ڊاڪٽر عبدالجبار جو جنم 26 نومبر 1935ع ۾ پير فتح شاهه، بدين ۾ سلطان احمد جي گهر ٿيو. عبدالجبار جوڻيجو بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1946 ع ۾ بدين آيو، اتي چار درجا انگريزي پاس ڪري، 51-1950ع ۾ ٽنڊي باگي پڙهڻ لاءِ ويو، ٽنڊو باگو بدين کان 12 ميل اوڀر اُتر ڪنڊ تي آهي، جتي جو هاءِ اسڪول ميرغلام محمد ٽالپر ٺهرايو. جنهن جو نالو”لارينس مدرسه ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو هو“ سٽي ڪاليج ۾ 58-1956ع تائين ٻه سال عبدالجبار جوڻيجو پڙهيو .انهيءَ دوران ادب ۽ تاريخ سان گهري دلچسپي پيدا ٿيس. 1958ع تائين سٽي ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ ان کان پوءِ فرسٽ ۽ انٽر آرٽس ۾ ڪري. 1960ع ۾ سنڌيونيورسٽي مان سنڌي ۾ بي اي ٽئين نمبر ۾ ڪئي، 1962ع ۾ ايم اي سنڌي ۾ پهرين نمبر ساڻ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، جنهن وقت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو B.A ۾ داخلا ورتي ته ان وقت سنڌي شعبي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ۽ ان بعد علي نواز جتوئي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رهيا. تعليم جي شعبي گهڻي محنت کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، 1960ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ جونيئر ليڪچرر مقرر ٿيو-1962ع ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 76-1970ع کان سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. 1976-1983ع تائين سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر ٿيو. 1976ع ۾ سوٽا جو صدر ٿيو رهيو. 1993ع کان 1994ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين پڻ رهيو. 2004ع کان 2007ع تائين ڊائريڪٽر لاڙ ميوزيم بدين رهيو . ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ مطالعو لکيو ’شيخ اياز: هڪ مطالعو‘، ’ڊاڪٽر سنديلو: هڪ مطالعو‘، ’محمد سومار شيخ: هڪ مطالعو‘، ’سرائيڪي شاعري: هڪ مطالعو‘ لکي، ان روايت کي پڪو پختو ڪيو. ، جيڪي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهم سرمايو ثابت ٿيا آهن. 1952ع کان شاعري شروع ڪئي . سندس شاعري جو هڪ مجموعو ”مرگهه ترشنا“ جي نالي سان 1976ع ۾ ڇپيو، جنهن کيس سٺن شاعرن جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لسانيات جو سٺو ڄاڻو هو، پاڻ سنڌي، انگريزي، اردو، سرائيڪي، پنجابي، چيني ٻولين تي سٺي دسترس رکندڙ هو، عربي ۽ فارسي ٻولين جي به سٺي نموني جو پارکو هو . سندس تعلق جيئن ته لاڙ واري علائقي سان هو. سنڌي ادب ۽ٻوليءَ لاءِ انتهائي مانائتو قدم کڻي ڪتاب ترتيب ڏئي تاريخ جو امر ڪردار ٿي ويو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جا ڪتاب سنڌي ادب جي سونهن آهن جن ۾. سوکڙي“ (بيتن ۽ ڪهاڻين جو مجموعو 1956ع)، باڻو گهر“ (ڪهاڻين جو مجموعو 1958ع)، دانشمندي“ (ايڊٽ ڪيل 1958ع)، ڪنز اللطيف“ (شاهه جي رسالي بابت 1961ع)، سوري آ سينگار“ (ناول 1963)، غزلن جو غنچو“ (ايڊٽ ڪيل 1963ع)، سنڌيون“ (مذهبي شعر بابت 1970ع)، سڄڻ نت سوجهرو“ (حضور صه بابت نظم جو ترجمو 1971ع)، سنڌي ٻيو ڪتاب“ (نصاب 1973ع) مائوءَ جي ملڪ ۾“ (سفرنامو 1973ع)، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ٽي ايڊيشن 93-83-1973ع)، اڪيلي“ (ناول ترجمو 1974ع)، لاڙ جي لغات“ (1975ع)، مرگهه ترشنا“ (شعرن جو مجموعو 1976ع)، لطيفيات“ (ببليو گرافي 1977ع)، ”لطيف ڪوئيز“ (شاهه لطيف بابت چٽاڀيٽيءَ جا سوال 1978ع)، سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ (ٿيسز 1980ع)، هيڪر هار سينگار سکي“ (ڪهاڻين جو مجموعو 1981ع)، سچل نامو“ (ببليو گرافي 1981ع)، يپڪ ملهار“ (آتم ڪهاڻي 1984ع)، سنڌي لوڪ گيت“ (1985ع)، سليس سنڌي“ (نصاب 1989ع)، سنڌي ڪوئيز“ (معلومات 1989ع)، ونڊ سر محل جو مسافر“ (سفرنامو 1989ع)، لاڙ جو مطالعو“ (مرتب ڪيل 1991ع)، ٿر جي ٻولي“ (هدايت پريم سان گڏ 1994ع)، مقالا“ (بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس لاءِ تربيت ڏنل 1988ع)، نرتي تند نيازسين“ (مرتب 1988ع)، ڪٺمال“ (تنقيدي مضمون 2003ع)، سنڌي لوڪ گيت“، سليس سنڌي“، سرائيڪي شاعري: ايڪ مطالعه“ ۽ ميرا عشق ڀي تو“. ليکڪ کي پنهنجي پگهر پوريون ان وقت سهڻو لڳندو آهي جڏهن هن کي دنيا ايوارڊ سان نوازيندي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر کي به قوم پنهنجي ڪم تي داد ڏنو، جنهن ۾، بين الا قوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي 1988ع سچل سرمست سيمينار درازان. لاڙ ثقافتي ميلو بدين 1991ع سچل سرمست ايوارڊخيرپور 1998ع انٽرنيشنل ڪانفرنس آن آرڪيالاجي خيرپور 2003ع ڀارت ۾ ماڊلز جا ايوارڊ 2005ع (قطب مينار دهلي- تاج محل آگرو، پارليامينار مسجد حيدرآباد دکن ۽ سنڌي ٻولي وڪاس پريشد جئپور) نئين زندگي ايوارڊ 2006ع بيدل ايوارڊ روهڙي 2006. انسٽيٽيوٽ آف بزنيس اِسٽڊيز ڪراچي 2008ع سنڌي ٻولي، لکت ۽ تهذيب ڪانفرنس حيدرآباد 2009ع سما دؤر سيمينار ڪراچي يونيورسٽي 2009ع ڪلهوڙا دور 2009ع ۽روضي ڌڻي ايوارڊ حيدرآباد 2010ع حاصل ڪيو . باقي هي زندگي فنا آهي، جنهن کي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو امر بڻائي، 12 جولاءِ 2011ع تي ڪراچي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ادب کان هميشه لاءِ جدائي ڪري ويو.