”ناليوارو شاعر، نثر نويس ۽ ڪمپيئر: احمد علي ’صابر‘ چانڊيو“ فقير محمد سنڌي هر سمنڊ ماڻڪ ناهي، هر هاٿي موتين لائق ناهي، هر بن ۾ چنڊ ڪونهي، هر وستيءَ ۾ ساڌو ناهه، پر سنڌ ڌرتيءَکي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته هر آرٽسٽ ماڻڪ موتي لعل آهي. اهڙو ئي خوبصورت نانءُ لاڙڪاڻي جي حضور ۾ هر وقت حاضر رهندڙ ”احمد علي صابر چانڊيو به آهي. جنھن جي ملڻ سان روح کي سڪون ملندو آهي. هي سھڻو شاعر، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار احمد علي 14-جولاءِ 1952ع تي نواب خان چانڊيو جي گهر ڇاڄڙي تعلقو ميروخان ۾ جنم ورتو. سنڌ جي موتين ۾ سندس نالو، احمد علي صابر چانڊيو نروار سونھن ڀريو آهي، تنھنڪري احمد علي صابر چانديو، تعليم جي زيور سان ايم.اي سنڌي، ايم.اي پوليٽڪل سائنس ۽ ايل ايل.بي پڻ آهي. هن سماج ۾ جياپي لاءِ نوڪري تمام ضروري آهي، تنھن پاسي کي به احمد علي صابر خال جيئان پـُر ڪري پي ٽي سي ايل انجنيئرنگ سپروائيزر تان 2008ع ۾ رٽائر ڪيو. جنھن ديس جي آبھوا روح کي تاز توانو ڪري، ان سر زمين جا سرجڻھار به ڏاڍا قربائتا هوندا آهن. انهن جي لکڻين ۾ هر جيو لاءِ ڇانورا ئي ڇانورا موجود هوندا آهن. احمد علي صابر چانڊيو ادب جي ميدان ۾ وڏي تم طراق سان هلي رهيو آهي، جيڪو دعوى ڪندو آهي، اهو دليل به ضرور پيش ڪندو آهي. دليل طور احمد علي صابر جا ڪتاب سنڌ جي ادب جي سونھن آهن، جنھن ۾ 1. گهايل منھنجا گيت (شاعري)، 2. پياسي سپ سمونڊ جي (ڪھاڻيون)، 3. ڪويڄن ڪُٺي آهيان (تاريخي ناول) ۽ 4. ڪاڪ ڪڪوري آءُ (شاعري) شامل آهن. ان کان وڌيڪ مواد احمد علي صابر جو اڻ ڇپيل آهي. 1. عشق الانبو وحدت وائي (تصوف)، 2. سورن سلا نسريا (مضمون ۽ مقالا)، 3. زندگي هڪ ناٽڪ (ناٽڪ)، 4. اسٽيج ناٽڪ جو عروج ۽ زوال (ناٽڪ جي تاريخ)، 5. چپٽيءَ منجهه جھان (تحقيق)، 6. ڏوجهرن کان ڏور (پرڏيھي سفر نامو)، 7. سڄڻن سار لڌي (خط)، 8. زندگيءَ جا اصول (قول) ۽ 9.تاريخي ناٽڪ شامل آهن. سچ پچ ته احمد علي صابر چانديو سنڌي ادب ۾ دردمند ۽ ديوانو عاشق آهي. شاعريءَ ۾ منفرد، طريقو جمالياتي حسن جو ادراڪ نمايان طور تي ملي ٿو. پيارل اچ تون پيارن وانگي، چمڪي چنڊ ستارن وانگي. ”صابر سان ڇڏ ريت رسڻ جي، ڪاوڙ ڪر نه قـھارن وانگي. يا وري؛ تو وٽ ڪنھن جون سارون آهن، قربن جون ته قطارون آهن. ٿر ۾ بوند نه برسي ڪائي، هر جا ميگهه ملھارون آهن. شاعرن جي دل جي فراسي اجري ۽ روشن آهي. تنھن ڪري ساري دنيا جو درد پنھنجي سيني ۾ سانڍي سماج کي مرڪون آڇيندا آهن. انهن مرڪن جي عيوض ليکڪ داد وصول ڪندو آهي. جيئن احمد علي صاحب ايوارڊن ۽ شيلڊن جي عيوض حسن ۽ عشق جو داد وصول ڪيو آهي. گهايل منھنجا گيت شاعري جي بھترين ڪتاب تي پريس ڪلب شھدادڪوٽ پاران ايوارڊ 1993ع ۾، بھترين ڪمپيئر ايوارڊ آرمي پبلڪ اسڪول سکر پاران 1997ع. ڪھاڻي ڪتاب ”پياسي سِپَ سمونڊ جي“ تي، سٽيزن ايوارڊ سوشل ويلفيئر شھدادڪوٽ 1998ع، لافاني شاعر ۽ انوکو انسان استاد پيرل قمبر لکيل مقالي تي پيرل قمبر ايوارڊ 2007ع ۽ ان کان علاوه ٻيا به ننڍا وڏا 10 ايوارڊ ۽ شيلڊون احمد علي صابر پنھنجي نالي ڪري چڪو آهي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو خيال آهي ته، احمد علي صابر ڌرتي ۽ عوام جو شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ر واني به آهي ته جدت ۽ جوش به آهي. اسان لفظن ۽ خيالن کي تلاش ڪندا آهيون، ليڪن لفظ ۽ خيال احمد علي صابر جي تلاش ڪندا آهن. صابر سچ ۽ سونھن جو شاعر آهي. معاشري جي اوڻائين سان کيس نفرت آهي ۽ هو انهن خلاف بغاوت ڪري ٿو. احمد علي برائيءَ جو دشمن ۽ ڀلائيءَ جو دوست آهي.