منهنجا دلنواز دلبر…! جڏهن کان هن دل جي ڳلي مان تنهنجو گذرڻ ٿيو آهي تڏهن کان هنن نيڻن مان ننڊ توڙي خمار ڪنهن اڻ ڏٺي پار ڏي پرواز ڪري ويا آهن، آءُ ڪائنات جي هر هڪ جُز توڙي ڪُل ۾ توکي تلاش ڪندي پنهنجي اڌوري پن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهيان، منهنجي هر هڪ ساھ سان تنهنجي سار منهنجي دل ۽ دماغ ۾ گردش ڪرڻ لڳي ٿي، تنهنجون سوچون بارش بڻجي ڪري منهنجي من جي وارياسي سرزمين کي شاد ڪن ٿيون، آءُ ماڪ ڦڙو بڻجي وقت جي وهڪري ۾ وهڻ لڳا ٿو…!!! سوچن جو سمنڊ جڏهن پنهنجي سرمستي ۾ مون کي لوڙهي وجهندي آهي تہ تڏهن آءُ ان وقت پاڻ تي ضابطو آڻيندي ڪنهن مھا ليکڪ جي تحريرن کي پڙهندي ان جي لکيل لفظن ۾ پناھ وٺڻ لڳندو آهيان، ڪڏهن ڪنهن شاعر جي شاعري ۾ گم ٿي ڪري پاڻ کي محفوظ ڪرڻ جو سوچيندو آهيان تہ وري ڪڏهن پوري هن ڪائنات کي پنهنجو گهر سمجهندي اُن ۾ تحليل ٿي وڃڻ چاهيندو آهيان…!!! آءُ تنهنجي چاهت ۾ هر روز نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترا روپ ڌاريندو رهندو آهيان، منهنجا سڀ روپ، منهنجا سڀ رنگ تنهنجي وجود کي تلاش ڪندي ڀٽڪيل روح وانگر ڪڏهن ڪٿي تہ وري ڪڏهن ڪٿي ڀٽڪندا رهن ٿا، تنهنجو عڪس منهنجي اڌوري پن کي مڪمل ڪري منهنجي وجود جي ان تلاش کي ماٺار عطا ڪندي…!!!