خوشفهمين يا غلط فهمين ۾ ڦاٿل سوچون.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اسان مسلمانن کي عام طور تي ۽ پاڪستانين کي خاص طور تي اها خوشفهمي يا غلط فهمي اڪثر رهندي ٿي اچي ته دنيا ۾ اسان جهڙي بااخلاق ، باڪردار ۽ بااصول قوم ٻي آهي ئي ڪانه! اسان کي جيڪو نصاب پڙهايو ٿو وڃي انهيء ذريعي به اسان جي ان تصور کي هٿي وٺرائي وڃي ٿي.اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته دنيا ۾ هر علم،ادب،تهذيب،فن ۽ ثقافت جو بنياد وڌو ئي مسلمانن هو.پوء اسان کي اهو به پڙهايو وڃي ٿو ته مسلمانن پوري دنيا کي فتح ڪري ان تي وڏي شان شوڪت،عدل ۽ انصاف،رحم دلي ۽ سخاوت،اصولن ۽ اقدار سان حڪومت ڪئي ۽ انهن جي حڪمرانيء جي زماني ۾ دنيا ۾ هر طرف امن ۽ شانتي،سڪون ۽ سرور،عدل ۽ انصاف،علم ۽ ادب، تهذيب ۽ ثقافت جا دريا وهي رهيا هئا.پوء اسان کي مسلمان سائنسدانن جا ڪارناما به ٻڌايا ۽ پڙهايا وڃن ٿا،مسلمان بادشاهن جي عدل ۽ انصاف جون ڪهاڻيون به ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ انهيء سموري تفصيل کي “اسلامي تاريخ” جو نالو ڏنو وڃي ٿو.اهو ته ٿيو معاملي جو هڪڙو رخ پر ٻيو رخ جيڪو ان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي سو اهو ته دنيا جي ٻين سمورين قومن کي اسان غير مهذب، ظالم، جاهل، انسانيت دشمن ۽ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن لقبن سان نوازيندا رهيا آهيون.اهو تعصب جيڪو شروع کان اسان جي ذهنن ۾ ڀريو ويو آهي ان دنيا ۾ اسان کي ڪنهن ڪم جو رهڻ ناهي ڏنو. ان ۾ ڪو شڪ ئي ناهي ته تاريخ لکڻ جو اڪثر ڪم بادشاهن جي درٻارن ۾ ٿيندو هو ۽ انهيء مقصد لاء انهن وٽ باقائدي وظيفي خور تاريخدان مقرر ٿيل هئا جيڪي اهو ئي لکندا هئا جيڪو وقت جي بادشاهن کي وڻندو هو.وري هڪڙو اصطلاح ”مسلمان امت“ جو متعارف ڪرايو ويو جنهن جي جھنڊي جي ڇانو ۾ ماضيء جون حڪايتون،قصا ڪهاڻيون بيان ڪري پنهنجي طور تي اهو طيء ڪيو ويو ته دنيا ۾ بس اسان ئي آهيون ۽ اسان کان سواء ٻيو سڀ ڪوڙ آهي.بجاء ان جي جو اسان خوابن جي ان دنيا مان ٻاهر نڪري پنهنجي تاريخ،طرز عمل ۽ غلطين تي نظرثاني ڪيون ها ،اسان ان موضوع تي ڪجهه ڳالهائڻ کي عظيم گناه ۽ صحيح ۽ غلط کي الڳ ڪرڻ واري عمل جي مطالبي کي ئي اسلام سان بغاوت قرار ڏيئي ڇڏيو.ان موضوع تي نه ته اسان ڪجهه وڌيڪ سوچڻ جي همت رکون ٿا ۽ نه ئي انهيء خوشفهميء جي ڄار مان ٻاهر نڪرڻ جو تصور به ڪري سگھون ٿا. نتيجو ڇا نڪتو جو اسلامي تاريخ ۽ مسلمانن جي تاريخ ٻئي پاڻ ۾ گڏ وچڙ ٿي وييون جڏهن ته ٻئي بلڪل جدا جدا شيون آهن.خلافت راشده جي مختصر دور حڪومت کان پوء جيڪي به حڪومتون ۽ بادشاهيون قائم ٿيون انهن جو اسلام سان ڪهڙو واسطو ۽ تعلق هو؟جڏهن اسان دنيا جي ٻين غير مسلم قومن طرف آڱر کڻون ٿا ان وقت اسان کي پنهنجي رت ۾ ريٽيل خانه جنگين جي پوري تاريخ ئي وسريو وڃي.جيڪر اڄ مغربي ۽ ٻيون غير مسلم قومون قوت ۽ اقتدار جي جنگ وڙهي رهيون آهن ته اسان جا نام نهاد مسلمان بادشاه وري ڇاجي جنگ وڙهي رهيا هئا؟ڇا انهن پنهنجن خاندانن جي اندر ئي ان اقتدار جي نشي ۾ پنهنجن جا ئي ڪنڌ نه ڪپيا آهن؟اقتدار جي بک ۽ هوس ۾ ته اسان انهن قومن سان برابر آهيون.هاڻي اچو عيش عشرت طرف ته ڪيترا مسلمان بادشاه هئا جن کي واقعي خدا جو خوف هو ۽ اهي خلق جي دک درد جو خيال رکندا هئا.صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا چند حڪمران تاريخ ۾ ملندا باقي ٻين جا افعال ۽ پرڪار ته هنن غير مسلم بادشاهن کان به برا هئا.هاڻي اچو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ علم ادب طرف ته حالت اها هئي جو ترڪ خلافت جنهن جي عظمت جا داستان اسان کي ٻڌايا وڃن ٿا ان جي هڪڙي ترڪ مولوي جيڪو پنهنجو پاڻ کي شيخ الاسلام سڏائيندو هو تنهن اها فتوا جاري ڪئي ته پرنٽنگ پريس قائم ڪرڻ حرام ۽ ڪفر آهي.نتيجو ڇا نڪتو جو مسلمان دنيا ۾ پرنٽنگ پريسون مغربي دنيا کان اٽڪل ٻه سو سال پوء پهتيون جڏهن ته انهن ٻه سو سالن ۾ مغرب علم ۽ ادب جي ميدان ۾ خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي پهچي چڪو هو. پري نه وڃو خود اسان جي هن برصغير پاڪ هنڌ ۾ ڇا مولوي صاحبن فتوائون ڏيئي انگريزي ٻوليء کي حرام قرار نه ڏنو هو؟پوء جڏهن سرسيد احمد خان مسلمانن لاء جديد تعليمي ادارا قائم ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي ته هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو؟ مغرب وارن ۾ هزارين خرابيون آهن پر ڇا سندن سماج ۾ ايڏي وڏي ڪرپشن،بد ديانتي،ڪوڙ،دوکي ،وعدي خلافي ۽ ٽيڪس چوريء جو تصور به ڪري سگھجي ٿو؟ قدم قدم تي قانون ٽوڙڻ يا اجايو وقت وڃائڻ يا وقت جي پابندي نه ڪرڻ جو گمان به ڪري سگھجي ٿو؟اسان ماڻهن جي حالت اها آهي جو ڪو مسلمان ملڪ سوئي ٺاهي نٿو سگھي پر دعوائون ٻڌو ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن. هر شيء کي تعصب جي عينڪ سان ڏسڻ سان جيڪر ڪنهنجو دنيا ۾ قد بلند ٿي سگھي ٿو ته ڀلي تعصب ڪجي؟ پر ان حقيقيت جو ڇا ڪجي جو موذي مرضن کان بچاء جي لاء اسان جي ٻچڙن کي ملندڙ ٽڪا ۽ ويڪسين به انهن ئي غير مسلمن جي ايجاد آهي. اتحاد ۽ ايڪي جي حالت اها آهي جو عرب ملڪ فلسطين جو نه پر اسرائيل جو ساٿ ڏيئي رهيا آهن ۽ انهن ئي سڀني کان اڳ اسرائيل کي تسليم ڪري ساڻس سفارتي لاڳاپا قائم ڪري رکيا آهن.سو مقصد اهو ته مسلمانن کي ماضيء جي فسانن مان نڪري حال جي تلخ حقيقتن ۽ سچائين جي سامهون ٿيڻ گھرجي.ٻين قومن تي لعنت ملامت ڪرڻ سان پنهنجي حصي جون بدنصيبيون گھٽائي ۽ نا اهليون لڪائي نٿيون سگھجن.پنهنجي تاريخ جو تنقيدي جائزو ئي اسان کي ايندڙ غلطين کان بچائي سگھي ٿو.پنهنجن روين جو جائزو وٺڻ گھرجي ۽ پنهنجي پاليسين، سوچن ۽ انداز نظر کي درست ڪرڻ سواء دنيا ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ ڪنهن ديواني جي خواب سواء ٻيو ڪجهه به ڪونهي.آخر ۾ هڪڙو ننڍڙو واقعو بيان ڪري هن قصي کي ختم ڪيون ٿا ته ڊاڪٽر “روٿ فائو” جو تعلق جرمنيء سان هو ،پنهنجي ڀاء جو جرمنيء ۾ علاج نه ٿي سگھڻ سبب هن ڊاڪٽريء جو پيشو اختيار ڪيو.هن پنهنجي زندگيء جو هڪڙو مقصد بنايو ته کيس غريبن، مسڪينن ۽ بي سهارا مريضن جو مفت علاج ڪرڻو آهي.1960ع ۾ هوء ڪوڙهه جي ڊاڪٽر طور انڊيا پئي ويئي.جهاز ڪجهه ڪلاڪن لاء ڪراچيء رڪيو ته هوء شهر گھمڻ نڪري آئي . هن روڊ جي ڪناري ڪوڙهه جو هڪ مريض ڏٺو ۽ ان جو علاج شروع ڪري ڇڏيائين.هن جو جهاز روانو ٿي ويو پر هوء ڪراچيء ۾ ڪوڙهه جي مريضن جي اڪيلي ڊاڪٽر بڻجي ويئي،پنجاه سٺ سال پهرين اهو مرض لاعلاج هو ۽ مريض جا گھر وارا مريض کي ان ڊپ کان گھر مان ڪڍي ڇڏيندا هئا ته متان اهو مرض منجھائس ٻئي ڪنهن کي لڳي.رٿ فائو اهڙن مريضن لاء جھوپڙيون ٺاهيون،انهن کي کاڌو خوراڪ مهيا ڪيو،انهن جي مرهم پٽي ڪئي ۽ مهنگيون دوائون خريد ڪري انهن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو.هن هزارين مريضن کي صحتياب ڪيو.ڪراچيء ۾ هڪڙو سيٽ اپ جوڙڻ بعد هوء ملڪ جي ڪنڊ ڪرڇ گھمي .کيس جتي به ڪو ڪوڙهه جو مريض هٿ آيو کيس ڪراچي شفٽ ڪري سندس علاج ڪندي هئي.وقت گذرڻ سان گڏ درد دل رکندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي ٽيم هن سان ان ڪم ۾ شامل ٿي ويئي.ڪوڙهه جو مرض تيزيء سان گھٽجڻ شروع ٿي ويو ۽ انهيء مرض تي ضابطو اچي ويو.رٿ فائو سچي ڄمار شادي نه ڪئي ۽ هوء ڪوڙهه جي مريضن کي ئي پنهنجو اولاد سڏيندي هئي.هوء انهن جي شادين ۽ غمين ۾ شريڪ ٿيندي هئي.85 سالن جي ڊگھي ڄمار پائڻ سبب اها پنهن جي مريضن جي پوٽن ۽ ڏوهٽن جي شادين ۾ به شريڪ ٿي.پاڪستان مان ڪوڙهه جي مرض کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪرڻ جي بدلي ۾ هن کي بيشمار اعزاز ۽ ميڊل به ڏنا ويا.جڏهن هوء پاڪستان مان جرمني رواني ٿي رهي هئي ته هڪڙي صحافيء کانئس اهو سوال ڪيو ته هن پاڪستان ۾ چاليهه پنجيتاليهه سال گذاريا،ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويئي.هن کي ڪهڙي شيء پاڪستان ۾ سٺي نه لڳي؟ڊاڪٽر رٿ اونهي دردمنديء وچان چيو “ هتي ظلم ۽ نا انصافي ڏاڍي آهي،اوهان ماڻهن وٽ نا انصافيء جي انتها آهي.اوهان وٽ ڪنهن غريب ۽ لاچار مريض جو علاج هڪ مذاق آهي،نهايت ئي ڪڌو مذاق!”
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو