ناليوارو شاعر ۽نثر نويس عزيز بلال بروهي : فقير محمد سنڌي ناليوارو شاعر ۽اديب عزيز بلال بروهي 15ڊسمبر 1967ع تي حافظ محمد دريا خان بروهي جي گهر قمبر جي غريب آباد محلي ۾ جنم ورتو. عزيز بلال بروهي جو اصل نالو عبدالعزیز آهي، عزيز بلال جي والد کي درس تدريس سان لاڳاپيل هيو جنهن ڪري، حافظ دريا خان کي ديني تعليم جو دل جوش هو جنهن جي ڪري هن لاڙڪاڻي جي چونڊ ڪئي ۽هجرت ڪري ڪري لاڙڪاڻي۾ درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. لاڙڪاڻي جي مشهور ديني درسگاهه لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ جيد عالم دين مولوي محمد احمد کوکر جي اسرار تي قرآن پاڪ پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو. عزيز بلال بروهي، پرائمري جي تعليم گورنمينٽ لاهوري محلي جي اسڪول مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول مان، انٽر ڪمرشل ڪاليج مان، بي اي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. علم ادب جي شروعات 1984ع کان باقاعدي ڪيائين جنهن جي لاشاعري ۾استاد، استاد الشعراء لقمان حڪيم کوکر کان سکيا وٺڻ شروع ڪئي، مشاعرن جي محفل ۾استاد جي رهبري ۾ مشاعرن ۾شعر پڙهڻ شروع ڪيا. عزيز بلال بروهي سنڌي ادب کي شاعري جا 2ڪتاب ارپيا آهن، جنهن ۾ نعتيه ديوان، ڪريم ٿي باڪمال آيا، ٻيو ڪتاب انڊلٺ جا رنگ شامل آهن. ادب جي سفر ۾ لاتعداد مضمون، مقالا لکي ۽ ادب دوستن جا انٽرويو ڪري اخبارن ۽مئگزين جي زينت بڻائي چڪو آهي. علم ادب جي دنيا ۾ اڃا وڌيڪ بهتر جستجو ڪري پراڻي تنظيم بزم سچل لاڙڪاڻو جي مختلف وقتن تي ذميوار عهدن تي رهيو آهي. عزيز بلال بروهي هن وقت استاد پيرل قمبر ساهت سنگت لاڙڪاڻي جو صدر آهي. عزيز بلال بروهي ادب جي دنيا ۾مسلسل محنت سان گڏ سڄي سنگت کي حوصلو به ڏيندو رهي ٿو، جنهن ڪري بلاول ڪٿي به ڪونه ٿڪيو آهي، عزيز بلال بروهي سنڌ جي ڪيترن رسالن ۽اخبارن ۾ معاون طور ڪم ڪري ٿو. ادبي دنيا لاءِ بلاول بروهي کي جيڪو به حصي جو ڪم مليو آهي اهو هر صورت ۾ هن پورو ڪيو آهي ، اها بزم سچل هجي يا وري ٻئي ادبي سنگت هجي پر عزيز بلال بروهي پنهنجي ڪم ۽فرض ۾ ڪڏھن به ڪوتاهي برداشت کي آڻڻ ڪونه ڏنو آهي . ليڪن ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته عزيز بلال بروهي پنهنجي همعصر ۽ بزرگ اديبن سان هر وقت دوستي جي سونهن بڻيل رهي ٿو. آچر ۾ عزيز بلال بروهي لاءِ، ميان علي محمد قادري جو فارسي زبان ۾ لکيل شعر ذهن جي آڳر تي تي تري آيو آهي ته.. نشستہ بر درت اين داد خواهت، زمد تھا به اميد نگاهت بيا اي قادري بي خود بين، بجز مستي در اينجا نيست راحت. (اوهان جي داد جو طلبگار در تي بيٺو آ، مدت کان اميدن جي نگاهن سان. اي قادري خود کان بيخود ٿي، جو سواءِ مستي جي هتي راحت نصيب ڪونهي ڪا .)