سنڌ اڃا ڪيترو ڀوڳيندي؟

'راءِ شماري' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    روزاني ڪاوش تي محترم عزيز اسلام جو پڇيل سوال سڀني ساٿين سان سَلي رهيو آهيان۔۔۔۔ سڀ کان پهريان توهان سندس پڇيل سوال کي غور سان پڙهو پوءِ پنهنجي راءِ کي وضاحت سان ٻڌايو جيئن سموري سنڌي ساٿ کي سنڌ سان ٿيندڙ هڪ ٻي نا انصافي جي سُڌ پئجي سگهي۔۔۔۔

    سنڌ اڃا ڪيترو ڀوڳيندي؟​


    اسان کان اڃان 1947ع واري لڏ پلاڻ ئي نه وسري آهي، ته هينئر وري سوات متاثرين جو رخ سنڌ ڏانهن آهي، اسان کي بحيثيت هڪ انسان ساڻن ڪافي همدرديون آهن، ڇاڪاڻ جو هو پنهنجا ٺهيل ٺڪيل گهر برباد ٿيندي ڏسي آيا آهن، پنهنجي پيارن کي تڙپندي ۽ مرندي ڏسي آيا آهن، پر سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته اسان تصوير جي صرف هڪ رخ کي ڏسي رهيا آهيون، جڏهن ته ان جو ٻيو رخ سوات جي منظرن جهڙو ڀيانڪ پڻ ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو اسان اهو نٿا ڄاڻون ته انهن پناهگيرن مان ڪيترا طالبان آهن ۽ ڪيترا عام ماڻهو؟ اسان کي اها به ڪل ناهي ته اڄ جن کي اسان جيءُ ۾ جايون ڏئي رهيا آهيون سي سڀاڻي شايد اسان جي ئي نياڻين جي تعليم بند ڪرائين ۽ اسان کي 1400 سال پراڻي دنيا ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪن! هي مسئلو تمام حساس آهي، جنهن بابت اسان ڪجهه چئي نٿا سگهون، هن وقت سنڌ جي ڪافي شهرن ۾ پناهگير پهچي چڪا آهن، جنهن ۾ حيدرآباد جي آس پاس جا ڳوٺ، ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري سميت ٻيا شهر به شامل آهن، خير هي وقت سنڌ لاءِ تمام ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ اڳي ئي لساني جهيڙن ۽ قبيلائي تڪرارن جي ور چڙهيل رهي آهي ۽ هاڻي ڪٿي ائين نه ٿئي ته سنڌ جو عوام به انتهاپسندي جي ور چڙهي وڃي، ڇو ته جن ماڻهن مذهب جو ٺيڪو کنيو آهي سي پنهنجي نظريي واري ڪيسيٽ وڄائڻ بند ڪونه ڪندا، تنهن کانسواءِ هڪ ٻي ڳالهه اها آهي ته 1947ع واري لڏپلاڻ سبب آيل پناهگير ڀائرن کي ”پاڪستان آگي هي“ چوڻ وارو پنجاب هاڻي ان صورتحال کي ڪيئن منهن ڏيندو؟ جڏهن لکين پناهگير پنجاب جو رخ ڪندا ته ٿي سگهي ٿو ته ”وڏو ڀاءُ“ هاڻي به ڪو حربو هلائي انهن کي سنڌ جو رستو ڏيکاري، ڇاڪاڻ جو سنڌ ته اها ڌرتي آهي، جتي ڌرتي ڌڻي دربدر ۽ ڌاريا موجون ڪندا آهن.

    عزيز سلام پنهور/حيدرآباد
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، سنڌ امڙ جو الله آهي، بس ڏک جلد ئي دور ٿي ويندا۔
    اگر اسان جا ڪامورا سنڌ امڙ سان سچا ٿين ته سنڌ واقعي سنڌ لڳندي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بلڪل ادا توهان سچ پيا چئو جيڪڏهن سنڌي ڪامورا سچا ٿين ته ڪا مشڪل ناهي
     
  4. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا
    دوست بلڪل صحيح ٿا چون
     
  5. اسدي

    اسدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڀاءُ رشيد سمون
    اسان سنڌي ڀائر سنڌ کي ايترو مظلوم ڪري ڇو ٿا پيش ڪيون جڏهن ته سنڌ جي تاريخ هزار سال پراڻي آهي سنڌ جي ڌرتي تي عظيم هستين جنم ورتو آهي سون جي تعداد ۾ ايندڙ پناهگير اسان تي قابض ٿي ويندا اسان رڳو احساس ڪمتري جو شڪار رهندا سين
    هئير به توهان سنڌ ۾ نظر فرايو ڌارين جو ڪيترو راڄ آهي پنهجي وطن ۾ پاڻ کي مظلوم ڇو ٿا تصور ڪيون اسان بجائي انهي جي ته پنهجي پاڻ کي مظلوم تصور ڪيون اسان کي گهرجي ته پنهجي نوجوانن ۾ علمي شعور پيدا ڪرڻ گرجي اسان سنڌي علم ۽ هنر جي ذريعي اڳتي اچون اسان خود سنڌي سنڌ سان ڪيترا وفادار آهيو؟ خصوصا تعليمي نظام ۾ ثقافتي نظام ۾ ۔۔۔وغيره ۔سنڌ ۾ خود اان جا سنڌي استاد آهن سڀ واڳون سنڌين جي هٿ ۾ آهن پوءِ پنهجي پاڻ کي مظلوم چوڻ کان بهتر آهي ته پنهجي سنڌ جي سڌاري لاءِ جاکوڙ ڪيون ۔
     
  6. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    پر ادا سمان ظلم اهو ئي ته آهي ته اسان کي پنهنجن ماريو آ ادا۔۔ پراوا ڇا ڪندا۔۔۔ پڙهائي جو ٻيڙو غرق۔۔ سڀ ڪامريڊ ڪاپي ڪندا ۽ ٻين کي ڪاپي ڪرائيندا۔۔ ۽ پو وري سنڌ جي ڳالهه۔۔ سنڌ جي تاريخ جون ڳالهيون ڪندا۔۔ ادا ماضي ڀلي ڪيتري به ڀلوڙ هجي۔۔ مستقبل انهن ڪاپي ڪري پاس ٿيڻ وارن جي هٿن م اٿئي ماما۔۔۔

    يار پاڻ ب ڪاپي ڪري پاس ٿياسون۔۔ انٽرنيٽ هلائڻ اچي ويو۔ ان جي معنا اها ڪانهي ته اسان هوشيار آهيون۔۔ انڌاري آ ادا۔۔ صفا انڌاري اٿئي۔۔ باقي پاڻ کي خوش رکڻ لا ڀلي چئو ت سب ٺيڪ آهي۔ ڀالي چئو ادا۔۔ چوندو ره۔۔ پر سچ اهو اٿئي ت ڪجه ب ٺيڪ نه اٿئي
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ٻروچ بلڪل سچ ٿو چئين پر پرين هاڻي ڪجي ڇا۔
     
  8. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ايڊيٽر صاحب
    اڃا وقت ويو ناهي اوهان جهڙا سجاگ نوجوان ايتري پيش قدمي ڪري سگهن ٿا اسان هن ئي فورم ذريعي پنهنجي سنڌي ماروئڙن کي بيدار ڪري سگهو ٿا اسان ڪيستائين ڪامورن جاغلام هوندا سين ڪيسستائين اسان وٽ ڪارو ڪاري ڪڌي رسمون وغيره ۔۔۔۔۔۔۔۔هلنديون هتي فورم ۾ اهڙن موضوئن تي چڳي طرح بحث ڪئي وڃي رڳو سافٽوئر شئر ڪرڻ تي زور نه هجي سافٽوئرن جون ته بازار ۾ کوڙ ساريون سي ڊيون موجود آهي پر سنڌ جي سجاڳي لاءِ فقط توهان جهڙا نوجوان ئي ڪجه ڪري سگهن ٿا ۔sadayeen gud
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا بلڪل سچ ٿو چئين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو