غزل سور ته سڀ سان ورڇڻ جهڙا ڪو نه هئا، پر توکان به لڪائڻ جهڙا ڪو نه هئا تو ته مسيحائئ کان ڪو نه گهٽايو پر، منهجا گهاوَ ئي ڀرجڻ جهڙا ڪو نه هئا اکڙين جي آکيري مان بي اڏري ويا، خواب اوهان جا ترسڻ جهڙا ڪو نه هئا سالن جا اوجاڳا هئا ء اوسيئڙا، نيڻ اسان جا روئڻ جهڙا ڪو ن هئا درد نه ها ميرا ڪپڙا جو ڌوئان هان، گهاوَ ته دل جا ڌوئڻ جهڙا ڪو نه هئا تون منصور پريشان آخر ڇو ٿو ٿئين؟ هو ڪنهن سان بي نڀائڻ جهڙا ڪو نه هئا
جواب: منهجي شاعري سائين منصور سيتائي صاحب اوهان جو هر ونڊ لاجواب هوندو آهي پر اوهان کي هڪ گذارش آهي ته اوهان پنهنجي هر نئين غزل ، شعر يا نظم جي ونڊ ڪرڻ وقت موضوع جو نالو ”منهنجي شاعري“ جي بدران اهو رکيو جيڪو اوهان جي نظم، ًغزل يا شاعريءَ جو شروعاتي عنوان وارو حصو آهي۔۔۔
جواب: منهجي شاعري تمام سهڻا، ساده ۽ آسان لفظ، سهڻو خيال پر هڪ ڳالهه جا سوچڻ جهڙي آهي ته هڪ بند ۾ محبوب مسيحا ۽ ٻي بند ۾ بي وفا ۔۔۔؟ يا وري ائين چئجي ته؛ اقرار ته مسيحا ۔۔۔ انڪار ته بي وفا ۔۔۔ ؟؟؟ ڪجهه اسانکي به سمجهايو اهي عشق جون رمزون ۔۔۔!!!
جواب: منهجي شاعري نثار ابڙا سائين سائين منصور سيتائي جي هن غزل ۾ عشق جون رمزون پنهنجي هر بند ۾ مختلف نموني جو آهين ئي آهن، پر سڀ کان وڌيڪ ادا منصور جي هن زبردست غزل جون ٽيڪنيڪلي رمزون هر بند جي نون نڪور ۽ مختلف خيالن کي جديد غزل جي وهڪري ۾ سئو فيصد آڻين ٿا۔ ڇا اها ڳالهه خوبصورت ڪانهي ته غزل جي گُلدستي جو هر بند هڪڙي مختلف گُل وانگر آهي۔