اي جان بهاران…! گهڻي عرصي کان سوچيم پي تہ توسان ڪجھ راز نياز جون ڳالهيون اُوريان، سوچيندو تہ گهڻي وقت کان ئي رهيم پر وري ڪڏهن حالاتن اجازت نہ پي ڏني تہ وري ڪڏهن وقت ساٿ نہ پي ڏنو، هن مھل وقت توڙي حالاتن کي پنهنجي گرفت ۾ ڪري توکي پنهنجي دل جو احوال لکي رهيو آهيان…!!! تون کي ياد هوندو تہ جنهن ڏينهن پاڻ پهريون دفعو هڪ ٻي سان ڊپارٽمنٽ جي ڪينٽين ۾ عليڪ سليڪ ڪيو هو تنهن ڏينهن منهنجي بار بار موبائل طرف نهارڻ واري عمل مون کي ڪيترو نہ شرمندو ڪرايو هو، تون اِهو سمجهي رهي هئي تہ ڪو آءُ تو کان بي زار ٿيندي بار بار موبائل طرف نهاري رهيو آهيان حالانڪ ائين نہ هو، تنهن مھل منهنجي دل جي دڙڪن ايتري تہ تيز ٿي چڪي هئي جو منهنجا هٿ بنا ڪنهن جواز جي ڏڪڻ لڳا هئا ۽ منهنجون نظرون توکي ڏسڻ کان پوءَ سنئو سڌو موبائل ۾ کپي پئي ويون…!!! ان کان علاوه تو هڪ دفعي مون کان پڇيو هو تہ مون کي فلسفي جي عنوان تي ڳالهائڻ وڌيڪ پسند ڇو آهي، اهو ان ڪري تہ آءُ فلسفي کي ٻين علمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وسيع ۽ ڳجهو علم سمجهندو آهيان، ٻيا علم جيتوڻيڪ ڪنهن مهدود مدار ۾ ماپي ڪري اُتي بس ڪندا آهن يا وري وڌيڪ وضاحت ڏيڻ کان قاصر هوندا آهن ان جي ڀيٽ ۾ فلسفي جي علم ۾ انيڪ رمز ۽ راز سمايل هوندا آهن جيڪي فڪر ڪرڻ سان نروار ٿي ڪري سامهون ايندا آهن ان لاءَ مون کي فلسفي جو علم ٻين علمن کان وڌيڪ عزيز آهي…!!! پيار جي فلسفي کي ئي ڏس کڻي ان ۾ ڪيتري قدر ڪشش سمايل آهي جو مون جهڙي ڇڙواڳ مزاج رکندڙ فرد کي بہ ان فلسفي وقت سان گڏ هلڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو آهي…!!!