پي پي پي لاء پيدا ٿيل مشڪل صورتحال!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پوري ملڪ وانگر سنڌ ۾ به چونڊ سرگرميون عروج تي آهن.ڪراچي سان گڏوگڏ سنڌ جي ڪجهه ٻين ضلعن ۾ به دلچسپ مقابلن جي اميد ڪئي پيئي وڃي.پاڪستان پيپلز پارٽي،تحريڪ انصاف،ايم ايم اي،جي ڊي اي ۽ ٻيون مذهبي توڙي سياسي جماعتون پنهنجي چونڊ مهم نهايت ئي جوش ۽ جذبي سان هلائي رهيون آهن.متحده مجلس عمل طرفان ڪراچيء جي باغ جناح ۾ ڀرپور جلسو ڪري پنهنجي سياسي قوت جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ ايم ايم اي سنڌ جي اندرين علائقن ۾ به سياسي سرگرميون ڪري رهي آهي.ايندڙ اليڪشن ۾ اها ڪهڙي ڪارڪردگي ٿي ڏيکاري اها خبر ته 25 جولائي تي پوندي.

    ايم ڪيو ايم جا پي آئي بي ۽ بهادرآباد وارا ٻئي ڌڙا هن وقت متحد ٿي چڪا آهن ۽ اهي هڪڙي ئي چونڊ نشان يعني لغڙ تي چونڊ وڙهي رهيا آهن تنهن هوندي به ايم ڪيو ايم جي هڪ سينئر اڳواڻ شاهد پاشا پنهنجو هڪ الڳ ڌڙو بنائي ورتو آهي.ايم ڪيو ايم سان گڏوگڏ پي ايس پي ۽ مهاجر قومي موومينٽ (آفاق گروپ)به پنهنجا اميدوار ميدان ۾ لاٿا آهن.اهڙيء طرح ڪراچيء ۾ چونڊن جي صورتحال نهايت ئي دلچسپ بڻجي ويئي آهي.

    هي پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مقبول پيپلز پارٽي ۽ شهري علائقن ۾ مقبول ايم ڪيو ايم ٻئي گھڻو مشڪلات ۽ ڏکائين جو شڪار ٿي چڪيون آهن.پير صاحب پاڳارو جيڪر اليڪشن جي باري ۾ آخر تائين سنجيده رهي ٿو ۽ سندس اڳواڻيء ۾ جي ڊي اي ڀرپور نموني اليڪشن مهم هلائي ٿي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيء لاء سياسي صورتحال اڃا به وڌيڪ مشڪل ٿي ويندي.پيپلز پارٽيء جي قيادت هينئر ڪراچيء جي ڪيترن ئي تڪن مان ڪاميابي حاصل ڪرڻ متعلق ڪافي پراميد نظر اچي ٿي جن مان ملير ضلع سرفهرست آهي جتان پي پي قيادت قومي اسيمبليء جون ٽيئي سيٽون کٽڻ جي اميد رکي ٿي.تنهن هوندي به ضلع سينٽرل، ،ڏکڻ،اتر،اولهه ۽ ڪورنگيء ۾ پيپلز پارٽيء جي ڪاميابيء جا امڪان گھٽ آهن.تنهن هوندي به ضلع ڏکڻ ۽ ضلع اولهه مان ٿي سگھي ٿو ته پي پي پي هڪ هڪ سيٽ ڪڍي وڃي.بدقسمتيء سان پي پي حڪومت پنهنجن ڏهن سالن جي اقتڊار ۾ ڪراچيء تي ڪو خاص ڌيان ڌيئي نه سگھي البت آخري ڏينهن ۾ هن ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه لياقت آباد ۾ هڪ ڪامياب سياسي جلسو ڪري ڏيکاريو هو.انهيء ۾ شڪ ناهي ته ايم ڪيو ايم ۾ ٿيل ڌڙي بندين ۽ پي ايس پي جي قيام جي ڪري ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ ورهائجي ويندو.اٽڪل ٽن ڏهاڪن بعد ڪراچيء جو سياسي ميدان سمورن سياسي رانديگرن لاء کلي ويو آهي.نين تڪ بندين به ٻين مذهبي ۽ سياسي جماعتن لاء ڪجهه آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته ايم ڪيو ايم بلڪل ختم ٿي چڪي آهي يا اردو ڳالهائيندڙ آباديء جي اڪثريت ايم ڪيو ايم کي ووٽ نه ڏيندي.اها هاڻي به ڪيترن ئي تڪن ۾ مخالف اميدوارن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهي ۽ اليڪشن ۾ اها ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ قابل ذڪر سيٽون ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.

    2013ع جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيء ڪراچيء مان اڪيلي رڳو لياريء واري سيٽ کٽي هئي جنهن تي پي پي اميدوار شاهجهان بلوچ ڪامياب ٿيو هو پر هن اليڪشن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست تي اختلاف سبب شاهجهان بلوچ،احسان بروهي،امان محسود ۽ حاجي مظفر شجره آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي رهيا آهن.ٻئي طرف ملير ۾ جيالا ٽڪيٽن جي ورهاست خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن.پيپلز پارٽي لياريء واري سيٽ تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاء اتان بلاول زرداريء کي ميدان ۾ لاٿو آهي ۽ ظاهر ۾ بلاول جي ڪاميابي اتان يقيني نظر اچي ٿي.ڪراچيء ۾ پيپلز پارٽي به ڪنهن به ٻي سياسي پارٽيء سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ڪري هاڻي سندس اميدوارن جي ڪاميابيء جو سمورو دارومدار پيپلز پارٽيء جي ووٽ بينڪ تي ئي آهي جڏهن ته مضبوط تنظيمي نيٽ ورڪ نه هئڻ جي ڪري به پيپلز پارٽي مشڪلن جو شڪار آهي ۽ اڪثر اميدوار اڻ سڃاتل ۽ نوان آهن.

    پيپلز پارٽي سنڌ مان قومي اسيمبليء جي سمورين ايڪهٺ سيٽن ۽ صوبائي اسيمبليء جي 130 عام سيٽن تي پنهنجا پارٽي اميدوار بيهاريا آهن ۽ مخصوص سيٽن تي به وڏي تعداد ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن.سنڌ ۾ پي پي اميدوارن جي جيڪا لسٽ سامهون آئي آهي ان مان لڳي ٿو ته گھربل اڪثريت حاصل ٿيڻ جي صورت ۾ آصف زرداريء جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي آئنده سنڌ جي وزير اعليٰ بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ هن کي هن دفعي قومي اسيمبليء بدران لاڙڪاڻي واري صوبائي سيٽ پي ايس 10 تان فارم ڀرايو ويو آهي.

    ميان شهباز شريف ڪراچي اولهه جي اين اي 249 تان چونڊ وڙهي رهيو آهي انهيء علائقي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي ۽ اهو علائقو ايم ڪيو ايم جو ڳڙهه رهيو آهي پوء به خبر ناهي ڇو ميان صاحب اتان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟ٿي سگھي ٿو ته ساڻس ايم ڪيو ايم جي ڪا مفاهمت ٿيل هجي يا ٿي وڃي.

    فنڪشنل ليگ سربراهه پير صاحب پاڳاري جي اڳواڻيء ۾ قائم گرينڊ ڊيموڪريڪٽڪ الائنس ۾ پي پي جي باغي اڳواڻن مان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس گھر واري فهميده مرزا به شامل آهن.پي پي جو حصو رهندڙ اڳوڻو وڏو وزير علي محمد مهر ۽ علي گوهر مهر به جي ڊي اي جو حصو آهن.جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ چونڊن ۾ سيٽ ايڊجيسٽ مينٽ ٿي چڪي آهي.هوڏانهن پي پي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاء جي ڊي اي مخدوم شاه محمود قريشيء جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي تڪ اين اي 220 ۽ 221 تي مخدوم شاهه محمود قريشيء جي حمايت جي بدلي تحريڪ انصاف عمرڪوٽ،ميرپور خاص ۽ ٿرپارڪر ۾ جي ڊي اي جي اميدوارن جي مدد ڪندي.هوڏانهن مخدوم شاهه محمود قريشي،مخدوم جميل الزمان ۽ پير نور محمد شاه جيلانيء جو به چونڊ اتحاد ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن.ٻئي طرف جي ڊي اي طرفان سنڌ ۾ متحده مجلس عمل سان به چونڊ اتحاد ڪرڻ بابت ڳالهيون اٽڪل طيء ٿي چڪيون آهن جنهنجو باقائدي اعلان جلد ئي ڪيو ويندو.ايم ايم اي سنڌ جي صدر راشد محمود سومري مطابق زرداريء کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻ لاء جي ڊي اي ۽ ٻين جماعتن سان چونڊ اتحاد ڪري سگھجي ٿو.

    ڪيتريون ئي قوم پرست ۽ ترقي پسند جماعتون به جي ڊي اي سان گڏ آهن،ايئن چئجي ته سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون توڙي گروپ هن وقت پيپلز پارٽيء جي سامهون بيٺل نظر اچن ٿا.انهيء کان سواء پي پي اميدوارن کي سنڌ ۾ گذريل ڏهن سالن جي بري ۽ ناقص حڪومتي ڪارڪردگي سبب عوام طرفان سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.جتي پي پي پي ايتري مشڪل صورتحال جو شڪار آهي اتي ٽي شيون چونڊن ۾ سندس فيور به ڪري رهيون آهن جن مان پهرين بلاول ڀٽو زرداريء جي اليڪشن مهم جي اڳواڻي ڪرڻ آهي جنهن سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڀٽو فيڪٽر ڪافي فائيديمند ثابت ٿي سگھي ٿو.ٻي ڳالهه بينير انڪم سپورٽ پروگرام جا عورتن کي ملندڙ پئسا آهن جن جي باري ۾ ووٽرن کي اهو باور ڪرايو پيو وڃي ته جيڪر پي پي جي حڪومت نه آئي ته اهي پئسا ملڻ بند ٿي ويندا.ٽيون فيڪٽر پي پي مخالف اتحاد ۾ ارباب ۽ لياقت جتوئي جهڙن تڪراري شخصيتن ج شامل هئڻ آهي جن کي عام طور تي سنڌي سنڌ دشمن پاليسين لاء مکيه ذميدار سمجھن ٿا.بهرحال پيپلز پارٽي انهن مشڪل حالتن ۾ ڪهڙيء طرح ڪاميابي حاصل ڪري سنڌ جي وزارت اعليٰ تي تخت نشين ٿئي ٿي اهو ڏسڻ لاء مهينن جي نه پر ڏينهن جي دير باقي رهجي ويئي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو