ماضي جو عروج رکندڙ ليجنڊ اداڪار نديم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماضيءَ جو عروج رکندڙ پاڪستاني ليجنڊ اسٽار نديم
    فقير محمد سنڌي.
    سپر اسٽار اداڪار نديم 19 جون 1941ع تي جنم ورتو اصل نالو نذير بيگ اٿس ، گلوڪاري جو شوق هن کي فلمي دنيا ۾ وٺي آيو. 1964ع ۾ پهريون ڀيرو ”سهرا“ نالي فلم ۾ بطور گلوڪار جو چانس مليو پر فلم ٺهي نه سگهي. 1966ع ۾ فلم بيگانه جي ذريعي سنگر جي حيثيت سان متعارف ٿيو ۽ 19 مئي 1967ع ۾ فلم چڪوري کان اداڪاري جي حيثيت سان متعارف ٿيو ۽ اچڻ سان ئي مشهور ٿي ويو، هن کي سپر اسٽار، ليجنڊ اسٽار، ميگا اسٽار جهڙن اعزازن سان نوازيو ويو آهي، نديم کي قومي صدارتي اعزاز تمغه حسن ڪارڪردگي، (پرائڊ آف پرفارمنس)، 1996ع ۾ صدر پاڪستان غلام اسحاق خان هٿان مليو هو. اداڪار نديم هڪ ڀارتي فلم ”دور ديش“ ۾ به ڪم ڪيو هو، هن جن مقبول فلمن ۾ فني جوهر ڏيکاريا انهن ۾ بازي، مهرباني، بندش، آئينه، شمع۽ معاشر آهن، نديم فلمن کان سواءِ تي وي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو آهي.اداڪار نديم
    پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات فلم ” چڪوري” کان ڪئي هئي جيڪا 19 مئي 1967ع تي رليز ٿي هئي بي پناهه ڪامياب رهي. ليجنڊ نديم جون 6 فلمون هڪ ئي تاريخ تي رليز ٿيون جن مان 4 ڊائمنڊ جوبلي(100 هفتا) ۽ 2 گولڊن جوبلي(50 هفتا) مڪمل ڪيا. پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ اهو اعزاز صرف نديم کي ئي حاصل آهي ته سندس 6 فلمون مختلف سالن ۾ ساڳي تاريخ تي رليز ٿيون ۽ ڪامياب ثابت ٿيون. نديم جي فلم ”پهچان“ ۽ ”اناڙي“ ساڳي تاريخ پهرين آگسٽ 1975ع تي رليز ٿيون جن مان ”پهچان“ 122 ۽ ”اناڙي“ 104 هفتا مڪمل ڪري ڊائمنڊ جوبلي ڪئي. جنهن بعد نديم جي فلم ”لاجواب“ ۽ قرباني ساڳي تاريخ پهرين جون 1981ع تي رليز ٿيون ۽ ڊائمنڊ جوبلي ڪري سپر هٽ ثابت ٿيون. ”لاجواب“ 110 هفتا ۽ ”قرباني“ 102 هفتا مڪمل ڪيا. 30 جون 1984ع تي عيدالفطر جي موقعي تي ٽن سالن کان پوءِ نديم جون 2 فلمون ”بسيرا“ ۽ ”ڪاميابي“ رليز ٿيون جن ترتيب وار 63 ۽ 81 هفتا مڪمل ڪري شاندار گولڊن جوبلي ۽ پلاٽينم جوبلي ڪئي. ياد رهي ته نديم جي شاهڪار فلم ”هم دونون“ سڀ کان وڌيڪ 165 هفتا مڪمل ڪندڙ ڊائمنڊ جوبلي فلم آهي جيڪا 15 فيبروري 1980ع تي رليز ٿي، ان فلم جو رڪارڊ ”آئينه“ کان سواءِ نديم سميت ڪنهن به اداڪار جي فلم ٽوڙي نه سگهي آهي. ”آئينه“ 400 هفتا مڪمل ڪري فلم انڊسٽري جو نالو چمڪايو.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو