سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس
    [​IMG]
    جوڳي منهنجا جُوءِ مَٽي ويا
    امتياز چانڊيو
    هو سدائين 63 ورهين جي ڄمار کان خوف کائيندو هو. ”يار 63 سال ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن، لطيف سائين به 63 سالن ۾ هن دنيا مان ويو، اڪثر وڏا ڏات ڌڻي ان ڄمار ۾ هليا ويا، خدا منهنجو به خير ڪري“ تاجل جڏهن ويجهن دوستن سان ملندو هو، تڏهن اهو ذڪر ڪندو رهندو هو، پر هو عمر جي اها حد خيرن سان پار ڪري ويو. خيرپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون 22 سيپٽمبر 1938ع ۾ جنم ورتو. جيتوڻيڪ سندس والد مرحوم محمد جعفر نه ڪو امير هو، نه وري ڪو سرندي وارو، پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ جي ٿر، بر، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ڪچي ۾ رهندڙن جي درد کي ئي نه ڏٺو، پر هو جڏهن 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ لڏي آيو ته هن ڪراچي جي ڀوائتي صورتحال تي به قلم کي وهايو.

    ڪراچي کي ڪير؟ واڳن جيئن ويڙهي ويا

    وجهي وات وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير

    گهاتو، پڄو گهير، ٿيا سڏ ساڻيهه جا

    پنهنجي ديس جي هر واهڻ ۽ وستيءَ کي ڏسڻ جو شوق رکندڙ تاجل بيوس جڏهن ٿر ۾ ويو ته ٿر جون ڀٽون، چوئنرا، ڏڪاريل ڏيهه جي ماڻهن جو درد ۽ پنهنجي مٽيءَ سان محبت هن کي اهو به لکڻ تي مجبور ڪيو ته:

    جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا

    اتان منهنجا مارو، ميارون مڪن ٿا

    46 ڪتابن جي خالق (31 ڇپيل) تاجل بيوس ڪيتريون ئي نوڪريون به ڪيون. هن 1998ع ڌاري سيڪيورٽيز اينڊ ڪميشن آف پاڪستان جي 20 گريڊ واري چيف رجسٽرار واري نوڪري تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو هڪ سال تائين صلاحڪار پڻ رهيو. معيشت جي ماهر هجڻ ڪري تاجل بيوس هڪ اسٽاڪ ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو به رهي چڪو، پر ان باوجود هن سنڌي ادب، خاص ڪري شاعري ڪرڻ، ڪتاب ڇپرائڻ، پروگرامن ۾ وڃڻ واري ڪرت جاري رکي. تاجل بيوس جي 46 ڪتابن مان 31 ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. هڪ ڪتاب ڇپائي هيٺ ۽ 14 ڪتاب به ڇپائي لاءِ تيار پيل آهن.

    ادبي کيتر ۾ تاجل بيوس سڀ کان وڌيڪ ڪم وائي ۽ ڪافي واري صنف تي ڪيو. پنهنجي شاعري ۾ نج سنڌي لفظ استعمال ڪندو هو ۽ سندس ڳالهائڻ جو لهجو به ڪچي واري علائقي جو هو. ناليواري شاعر آڪاش انصاري ٻڌايو ته، تاجل بيوس بدين جي ساحلي پٽيءَ ۾ موجود تاريخي نريڙي ڍنڍ جي گهمڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، پر کيس اها ڍنڍ گهمڻ جو وري موقعو نه ملي سگهيو.

    تاجل بيوس سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب تي به ڪم ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ نه پر هند ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي ۽ اديبن ۾ چڱي سڃاڻپ رکندڙ هو، جنهن ڪري هندستان جي سنڌي اديبن کيس ڪيترن ئي اهم ايوارڊن سان پڻ نوازيو. کيس 1996ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل مليو. سنڌي ادبي سڀا پاران کيس فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل کانسواءِ 29 سيپٽمبر 2001ع ۾ کيس ڀارت ۾ مارئي ايوارڊ دهلي پڻ ڏنو ويو. تاجل بيوس لڳ ڀڳ 12 اهم ايوارڊ، گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ايتري قدر جو کيس سهيوگ فائونڊيشن ممبئي وارن 1999ع ٻيو ڀيرو نارائڻ شيام ايوارڊ ڏنو. اهي سڀ ايوارڊ تاجل بيوس کي پنهنجي حياتي ۾ صرف ۽ صرف سنڌي ادب ۾ بهترين ڪم ڪرڻ عيوض مليا. هو هڪ مهينو اڳ ٿر ديس کي پنهنجي اکين سان پسي آيو هو، هن پنهنجي لکيل وائي ۾ ٿر جي ٿوهرن جو به ذڪر ڪيو.

    ٿڪجي پيا ٿوهر

    رهڙون ڏيندي روح کي

    وسندا مينهن ملير تي

    هن ڀيري هر هر

    ٿڪجي پيا ٿوهر

    رهڙون ڏيندي روح کي....!

    هن هڪ وائي ۾ انهن رولاڪ گيڙو ويس ڪندڙ جوڳين کي به ياد ڪيو، جيڪي سندس جوءِ مان لڏي ويا.

    نٿو نبري نينهن

    جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا

    ويا اهڙي ملڪ،

    جتي رات نه ڏينهن

    جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا.

    تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي گيت، وايون، چوسٽا، ٽه سٽا، نثري نظم، طويل نظم سميت شاعري جي هر صنف ۾ شاعري ڪئي.

    تاجل بيوس پنهنجي تخليق ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پوئلڳ رهيو. اهو سبب هو، جو تاجل بيوس آخري ايامن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جيان پنهنجو ”تاجل جو رسالو“ پڻ لکي مارڪيٽ ۾ آندو. تنقيد ته هر اديب تي ٿيندي رهندي آهي ۽ تاجل بيوس به ان تنقيد جو ٿورو گهڻو ضرور نشانو بڻيو، پر هن ۾ اها مايوسي نه هئي، جيڪا اڪثر ڪري تخليقڪارن کي مايوس ڪري ڇڏيندي آهي.

    ڪراچي ۾ زندگي جو وڏو عرصو گذاريندڙ تاجل بيوس ”تاجل جو رسالو“ پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ ان گهر واريءَ نالي ڪيو، جنهن کي هو مٺڻ سڏيندو هو. 4 ڊسمبر تي فالج جي حملي تاجل بيوس کي ڪوما ۾ اماڻي بيوس ڪري ڇڏيو. ڪالهه صبح جو جڏهن تاجل بيوس کي موت پنهنجي هنج ۾ وٺي ڇڏيو، تڏهن سڄي سنڌ سندس جدائي تي ڏکاري بڻجي پئي. جنهن وقت تاجل بيوس جي جنازي کي گهر کان ٻاهر آندو پئي ويو، تڏهن سندس گهر واري ۽ اولاد دانهون ڪندي ڏولي سان چنبڙي پيا. سندس آخري ديدار ڪري جنازي کي ڪلهي ڏيڻ وقت سندس اهي سٽون ذهن ۾ تري آيون، جنهن ۾ تاجل سنڌ کي ڀيٽا ڏيندي لکيو هو:

    سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان

    ڇا لکي ڇا لکان،

    هڪ قلم هڪڙو مان ، ڇا لکي ڇا لکان.

    تاجل بيوس چوڪنڊيءَ جي ان تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو، جنهن ۾ دفن ڪرڻ جي به هن پاڻ وصيت ڪئي هئي. تاجل جي جنازي ۾ صرف اهي سندس ذاتي دوست هئا، جيڪي جيئري به ساڻس گڏ هئا ۽ آخري ڏينهن ۾ به سندس ڪلهي ڪانڌي ٿيا.

    تاجل بيوس جي ورسي رپورٽ

    تاجل بيوس جي شاعري سائڻ عابده جي آواز ۾

    سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان

    جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا




    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس

    جڏهن به محترم سائين تاجل بيوس جو ذڪر ٿيندو آهي ته مونکي پنهنجن ڳلن تي سندس ڏنل مٺين جي آلاڻ محسوس ٿيندي آهي، نڙي ۾ سندس وڇوڙي جوغم ڀرجي ويندو آهي ۽ اکڙين ۾ سارنگ اچي ويندو آهي ۔۔۔ اهڙن پيارن، اڏول ۽ سگهارن ماڻهن کي موت سان ڀاڪرين پوڻ سسبب، موت جي اهميت جي خبر پئجي ويندي آهي ۽ هڪ خيال ايندو آهي ته ؛ ڪاش اي موت! تنهنجو وجود ئي نه هجي ها ته هوند اسانجا سهڻا ماڻهون اسانکان جدا ته نه ٿين ها ۔۔۔ پر ڪير ٿو موت سان مقابلو ڪري سگهي ۔۔۔؟
    رب العالمين کيس پنهنجي پناهه ۾ جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس

    مهربانيون سائين​
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس

    الله تعالي سندن مغفرت فرمائي
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس

    بهترين تمام سٺو
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس

    سنڌ جي سهڻي شاعر تاجل بيوس جو آخري آرامگاهه ۔۔۔ چوڪنڊي جو تاريخي قبرستان ۽ پنهنجي دوست کان وڇڙيل محترم شمشير الحيدري ۔۔۔ اڪيلائي ۾ پنهنجي دوست سان وري ملڻ جا واعدا ڪندي ۔۔۔
    [​IMG]
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس

    سائين قرب ڪري ڇڏيوَ
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس



    سنڌ جو سهڻو شاعر مرحوم تاجل بيوس، لطيف سڳوري جي بيتن تي ڳالهائيندي ۔۔۔
     
  9. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس

    تمام بهترين سائين ممتاز اڄ ڪافي ڏينهن کان پوء بهترين ونڊ کڻي آيو آهي

    لاجواب
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس

    بهترين ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو