سنڌ جو لوڪ راڳي، فقير عبدالغفور فقير محمد سنڌي فقير عبدالغفور، صالح محمد لکڻ جي گهر حيدآباد ۾ 1910ع تي جنم ورتو .فقير عبدالغفور دنياوي علم تحت 5درجا مس پرائي سگهيو، زندگيءَ جي لاهن چاڙن کيس 12سالن جي عمر ۾ راڳ جي چوواٽو تي اچي بيهاريو ننڍڙي عمر ۾راڳ جي ويجهو اچڻ ڪري حقيقي طور تي راڳ کي ڄاڻي ورتو ، انهيءَ محنت جي ڪري دنيا سندس فقير عبدالغفور جي نالي سان سڃاڻي ٿي. فن کي دنيا ۾ سلامت رکڻ لاءِ استاد جي ضرورت پوي ٿي ائين ئي فقير عبدالغفور به ڪيو، حيدرآباد ويجهو ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳائڻي حاجيءَ سان ڳائڻ لڳو،جيڪو بنيادي طور تي فقير عبدالغفور جو استاد آهي، سنڌي زبان ۾ تمام ٿورا ڳائڻا آهن جن فن کي رڳو پنهنجي زندگيءَ جو گذر معاش طور ڪتب نه آندو انهن ۾ فقير عبدالغفور به شامل آهي جنهن ڳائڻ سان گڏ ٽانگو هلائي زندگي جو گذارو ڪيو. غم ته دنيا ۾ گهڻا، پر عشق جو غم ٻي شي آهي، انهيءَ عشق جي رمز فقير عبدالغفور کي، حضرت سچل سرمست جي طالب سان وڃي ملايو، اهو چنڊ جهڙو دلبر دوست شاعر سردار محمد بخش ڪوجهيءَ هو جنهن فقير عبدالغفور کي سچل سائينءَ جي درگاهه تي وٺي ويو. ان ڏينهن کان وٺي فقير عبدالغفور سچل سائينءَ جي عقيدت ۾ گيڙوءَ رنگ جو لباس پائڻ شروع ڪيو. سچل جو ڪلام سندس فقير ته ڳائيندا هئا پر ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي سڀ کان اڳ فقير عبدالغفور ڳائڻ شروع ڪيو. 1955ع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ته فقير عبدالغفور اتي ڳائڻ شروع ڪيو.سوز جا سيني ۾ سنڀرن، سهسين سور نوان نوان، زندگي ڏکن سکن جو مجموعو طور تي گلدستو آهي جنهن جي هر موڙ تي نازڪ ۽نفيس موڙ به اچن ٿا، انهن سڀني موڙن کي آسانيءَ سان فقير عبدالغفور پار ڪيو. سُنگ واري انداز کي اڳتي وڌائڻ ۾ فقير عبدالغفور جو وڏو هٿ آهي. فقير عبدالغفور ان انداز جي شروعات حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 218 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي 21 اپريل 1970ع کان ڪئي. فقير عبدالغفور کي سنگ ۾ ممتار مرزا ڳائرايو. ان کان پوءِ درگاهن کان سواءِ عام محفلن ۾ به اهو انداز وڻڻ لڳو . جنهن جي اڳواڻي فقير عبدالغفور هر هنڌ ڪندو رهيو. فقير عبدالغفور گهڻي ڀاڱي سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڳائيندو هو، پر انهن ٻولين کان سواءِ اردو، پنجابي، فارسي ۽ گجراتيءَ ۾ به پڻ ڳايو، هن شاهه لطيف رح، سچل سرمست رح، خواجه غلام فريد رح، بابا بلي شاهه ۽ ٻين صوفين جو ڪلام گهڻو ڳايو آهي. هن فلم ”مٺڙا شال ملن“ جا نغما به ڳايا، جنهن ۾ شيخ اياز جو نغمو ”سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار“ تمام گهڻو مقبول ٿيو. فقير عبدالغفور آمريڪا، جپان، جرمنيءَ، دبئيءَ وغيره ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو،راڳ جي جن قدرداني ڪئي راڳ انهن کي پنهنجي مقام تي اچي بيهاريو، دنيا ڏسندي دنگ رهجي وئي، سينگار جو حقيقي روپ تصوف ۾ مجازي پوشاڪ پهرائي ظاهر ڪرائڻو پوي ٿو، تڏهن محبوب حقيقي جو مشاهدو نظر اچي ٿو. تڏهن ڪنهن شاعر چيو آهي ته : ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي، تن تنين سي ڪٽ اڏي اوڏا پکڙا. فقير عبدالغفور دنيا جون سڀ يادگيرو، تاريخي ڪلام، دوست احباب ۽پرين پيارا ڇڏي 22 جولاءِ 1986ع تي راھ رباني ورتي آخري آرام گاهه ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري ويجهو حيدرآباد ۾ اٿس.