آزاديءَ تحريڪ جو علمبردار رئيس غلام محمد ڀرڳڙي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    آزاديءَ جي تحريڪ جو علمبردار، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي :

    فقير محمد سنڌي

    سنڌ جو محب وطن سياستدان ۽تحريڪ آزاديءَ جو علمبردار رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، 23 جولاءِ 1878ع ۾ ڊينگاڻ تعلقي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) اڳوڻي ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو ميان ولي محمد خان هو. پاڻ سنڌ جي انهن معزز ترين هستين مان هو، جيڪي آزاديءَ جي تحريڪ جا علمبردار ۽ مخلص قومي ڪارڪن هئا. اهڙن بزرگن تي ملڪ ۽ قوم کي بجا طور فخر ڪري سگهجي ٿو. سندس نالو تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو.
    سياستدانن ۾ ان ڪري ممتاز رهيو ، جو سنڌ ۾ سندس پايي ۽ شهرت جو قومي ڪارڪن ان وقت ته ٺهيو، پر اڄ تائين به ڪو نه پيدا ٿيو آهي.
    رئيس غلام محمد خان جي ابتدائي تعليم، سنڌ جي قديم خاندانن جي دستور مطابق قرآن شريف ۽ فارسي تعليم حاصل ڪرڻ سان شروع ٿي. سندس استاد ميهڙ طرف جو هڪ عالم هو، جنهن کي رئيس وڏي خاص سندس تعليم ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. انهيءَ وقت جا استاد شاگردن کي ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تان ڏاڍيون مارون ڏيندا هئا. رئيس باوجود هڪ رئيس زادي هئڻ جي، انهيءَ عام قانون کان ڇٽي نه سگهيو. هڪ دفعي جي ڳالهه ڪن ٿا ته مولوي کيس وڻ سان ٻڌي چهبڪن جي مار ڏني، جنهنڪري سندس نراڙ تي زخم ٿي پيا. گهر ۾ جڏهن خبر پئي، تڏهن رئيس وڏي کي انهيءَ حالت کان واقف ڪيائون، هن جڏهن مولوي کان ان جو سبب پڇيو، تڏهن مولوي پنهنجيءَ ان ڪارروائيءَ جي جواز ۾ اهو جواب ڏنو ته انهيءَ مار ڏيڻ سان مون اوهان جي فرزند جو بخت کوليو آهي. ”مار سنوار آهي“، پنهنجي تر کان پوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويو، جتي ڪجهه وقت تعليم جاري رکيائين.
    ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ هو عليڳڙهه ويو، جتان مئٽرڪ پاس ڪيائين. امتحان پاس ڪرڻ بعد موٽي اچي پنهنجي زمينداريءَ جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿيو. 1918ع ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت کي نظربند ڪيو ويو، سندس پوئلڳن مان به ڪيترن کي جيل ۾ موڪليو ويو، جن مان مسٽر ڄيٺمل پرسرام ”سنڌ واسي“ اخبار جي ايڊيٽر کي ٻه سال قيد جي سزا ڏني ويئي. ان کانپوءِ آگسٽ 1918ع ۾ ممبئيءَ ۾ ڪانگريس جو خاص اجلاس سڏايو ويو، ان وقت ’مانٽيگو چيلمسفورڊ رفارمنس‘ بابت تجويز منظور ٿي چڪي هئي، رئيس جي ”الامين“ اخبار جي ايڊيٽر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي 1916ع ۾ اڳي ئي جيل موڪليو ويو هو. حڪومت کي اهو پڪو گمان هو ته مولانا جي تحريڪ سان ڀرڳڙي جي همدردي آهي، ليڪن ڪا ثابتي ملي نه سگهي. عملدار ان ڪري سازش سٽي رهيا هئا ته ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ رئيس کي اڙائين، انهيءَ ڳالهه کان بچڻ لاءِ کيس دوستن طرفان اهو مشورو ڏنو ويو ته ڪجهه وقت لاءِ پاڻ انگلنڊ هليو وڃي، ان ڪري هو 1918ع جي وچ ڌاري انگلنڊ هليو ويو.
    جنوري 1920ع تي رئيس انگلينڊ مان واپس موٽيو، سگهو ئي 15 کان 17 فيبروري 1920ع تي ممبئيءَ ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جي صدارت لاءِ کيس چونڊيو ويو. . 5گهڻين ڪوشش کان پوءِ به ممبئي سرڪار تي ڪو به اثر ڪو نه پيو، جنهنڪري لاچار ٿي، هو محسوس ڪرڻ لڳا ته انهيءَ ساري مرض جو علاج صرف سنڌ جي ممبئيءَ کان عليحدگي ۾ هو. اڳتي هلي انهيءَ ڳالهه کي سيٺ هرچند راءِ ۽ رئيس غلام محمد جي ساٿين، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون وغيره زور وٺايو ۽ سنڌ کي ممبئيءَ جي عذاب کان آزاد ڪرايو. رئيس غلام محمد ڪافي وقت سياسي ڳالهين ۾ مشغول رهڻ ۽ پنهنجي زمينداريءَ کي چڱو سڌاريو، پيدائش وڌايائين ۽ ڦٽين ٽاڻڻ جي فيڪٽري قائم ڪيائين، ”الامين“ اخبار جو سمورو خرچ پاڻ ڪندو هو. ”سنڌ واسي“ اخبار کي مدد ڪندو هو، سنڌ جا اڪثر قومي ڪارڪن سندس مهمان نوازيءَ ۽ مدد سان مستفيذ ٿيندا هئا. غريب شاگردن کي تعليم لاءِ اسڪالرشپون پنهنجي هڙان ڏيندو هو. هڪ دفعي ڪنهن مينگهواڙ کي ڏسي چيائين ته: ”آءٌ تنهنجو ڀاءُ آهيان“ تنهن تي هن چيس ته: ”جي ائين آهي ته منهنجي هٿ جو پاڻي پيءُ!“ رئيس پاڻي وٺي پي ويو.
    پاڻ ”سنڌ زميندار ايسوسيئيشن“ جو باني هو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جماعت جي شاخ 1918ع ۾ پهرين هن ئي قائم ڪرائي. حيدرآباد نيشنل ڪاليج کي ڪامياب بنائڻ ۾ هن گهڻي گرم جوشي ڏيکاري، ورهين جا ورهيه ان جي بورڊ جو چيئرمئن رهيو.
    رئيس غلام محمد ڀرڳڙي نمونيا جي بيماريءَ ۾ گهڻو وقت مبتلا رهيو ، 9 مارچ 1924ع تي وفات ڪئي. سندس وفات وقت حيدرآباد جا هزارين شهري، هندو ۽ مسلمان مرد ۽ عورتون ، سندس جنازي سان گڏ ماتم ڪندا رهيا ، کيس ڊينگاڻ ۾ مائٽاڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
    رئيس غلام محمد خان کي ٽي فرزند ٿيا، رئيس عبدالقيوم خان، رئيس غلام رسول خان ۽ رئيس غلام مصطفيٰ خان،رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي زندگي سنڌ جي سونهن لاءِ هڪ سهڻو مثال آهي اڃا ڪافي پاسا آهن ڀرڳڙي صاحب جا جيڪي هن مضمون جي زينت نه بڻجي سگهيا آهن،اهڙا مثالي ڪردار صدين تائين ڌرتيءَ کي ورلي ملندا آهن. ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو