شفيق الرحمان شاڪر اڍيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم جي مفرور فرزند حسن نواز لنڊن مان شڪايت ڪئي آهي ته سندس والد کي جيل ۾ مناسب سهوليتون مهيا نه پيون ڪيون وڃن ۽ هن کي جيڪو واشروم ڏنو ويو آهي ان جي حالت نهايت ئي خراب آهي.اهڙي قسم جي شڪايتن جو خط ميان شهباز شريف ملڪ جي وزيراعظم ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ کي به لکيو آهي جنهن ۾ ميان نواز شريف کي جيل ۾ مناسب سهوليتون فراهم ڪرڻ جي استدعا ڪئي ويئي آهي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته هڪ اهڙو مجرم جنهن کي ڪرپشن ۽ غلط بيانيء جي ڏوهه ۾ عدالت طرفان سزا ٻڌائي ويئي آهي اهو آخر ٻين عام ڏوها رين جي ڀيٽ ۾ ڪنهن خاص رعايت جو مستحق ڪهڙي بنياد تي بڻجي سگھي ٿو.ميان صاحب تي ته اڳيئي خصوصي مهرباني ڪندي کيس جيل ۾ اي ڪلاس مهيا ڪيو ويو آهي جتي ٿڌي هوا ۽ ٿڌي پاڻيء جي سهوليت موجود آهي ان سان گڏوگڏ کيس اها ماني کارائي نه پيئي وڃي جيڪا ٻين بدنصيب غريب قيدين جو مقدر هوندي آهي.جڏهن ميان صاحب جيل جي بدبودار واشروم جي شڪايت ڪري ٿو ته ان وقت هن کي اها ڳالهه ياد ڇو نٿي اچي ته انهن جيلن ۾ زندگيء جا ڏينهن گهاريندڙ ٻي مخلوق به ان جهڙا انسان ئي آهن جيڪي سالن کان اهي اذيتون برداشت ڪري رهيا آهن.اهي حڪمران جڏهن اقتدار جي مست گھوڙي تي سوار هوندا آهن ته انهن کي زندگيء ۾ ڪڏهن ڀلجي به اهو خيال نٿو اچي ته ڪجهه وقت ڪڍي انهن جيلن جو دورو ڪن،اتي موجود قيدين جي جانورن جهڙي زندگيء جو جائزو وٺن،انهن کان سندن سور ۽ تڪليفون معلوم ڪن ۽ جيلن جي نظام ۾ ڪي قابل قدر سڌارا آڻين ان ڪري جو اهي سمجھندا آهن ته جيل ٺهيا ئي غريبن ۽ لاچارن لاء آهن ۽ ان آسماني مخلوق کي ڪڏهن به جيل جي هوا ناهي کائڻي جو سندن اقتدار ۽ اختيار جو سج سدائين پوري آب تاب سان ايئن ئي چمڪندو رهندو.پر قدرت جي پاران مڪافات عمل ڏسو جو جيڪي ماڻهو پنهنجي هڪ اشاري سان جيلن ۾ موجود پنهنجن سياسي مخالفن سان ويڌنون ڪرائيندا هئا اهي اڄ پاڻ بيوسيء وچان ساڻن ڪنهن نرمي ۽ نظر ڪرم جي پن پني رهيا آهن.قرآن جي لفظن ۾ “ بيشڪ تنهنجي رب جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي.” جيلن جي صورتحال جو ذڪر ڪجي ته دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اهي ڏوهاري ماڻهن جي لاء تربيتگاهون ٿين ٿيون جتي اهي انهن جي سوچن ۽ روين ۾ مثبت تبديليون اچن ٿيون پر بدقسمتيء سان اسان جي ملڪ ۾ جيل عام ۽بي پهچ ماڻهن لاء عقوبت خانا ۽ اذيت گاهون جڏهن ته خاص ماڻهن لاء عشرت گاهون بڻيل نظر ايندا آهن.ميان صاحب به دلجاء رکي جو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ جيل جي فضا هن جي لاء به ايئن ئي خوشگوار بڻجي ويندي جيئن خاص ڏوهارين لاء اڪثر بڻبي آهي.سمورا سور ۽ سختيون،ايذاء ۽ آزار ته رڳو عام مسڪين ماڻهن جو مقدر آهن جن سان جيڪر ڀلجي ڪو ملاقات ڪرڻ به اچي ته کيس ان جي چڱي خاصي قيمت چڪائي پوي ٿي.کين اهڙو کاڌو مهيا ڪيو وڃي ٿو جيڪو ڪتو به نه کائي.نه علاج جي ڪا مناسب سهوليت ميسر هجي ٿي ۽ نه ئي کين ڪا مناسب تفريح مهيا ڪئي وڃي ٿي.اهي به انسان ئي آهن جيڪي انهن عذاب خانن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.اهي حڪمران جڏهن اتفاق سان انهن جيلن جا مهمان بڻجن ٿا ۽ جيلن جي ابتر حالتن جون شڪايتون ڪن ٿا ته ان وقت انهن کي ذرو به اها پشيماني نٿي ٿئي ته هيترا سال اقتدار جا مزا ماڻڻ دوران انهن ڪڏهن ڀلجي به جيل سڌارن طرف ڌيان ڇو ناهي ڏنو؟جيل کان ٻاهر ته انهن کي سدائين وي آئي پي پروٽوڪول گھربل آهي پر هڪ ڏوهاريء جي حيثيت ۾ جڏهن اهي جيل وڃن ٿا ته ان وقت به انهن جي اها ئي سوچ هوندي آهي ته اهي ٻين کان مختلف ۽ اعليٰ آهن ۽ ساڻن خصوصي سلوڪ ٿيڻ گھرجي.هڪ طرف سخت پورهيي سان سزا ٻڌائي وڃي ٿي ته ٻئي طرف کانئن پورهيو وٺڻ بدران کين الٽو خدمتگار مهيا ڪيا وڃن ٿا،پوء ته بهتر ايئن آهي جو کين پنهنجن محلن ۾ ئي نظر بند ڪيو وڃي جتي هو پنهنجون سموريون سياسي توڙي ڪاروباري سرگرميون آرام سان جاري رکي سگھن.سزا جي سزا ۽ آزاديء جي آزادي!جيڪر انصاف جون گھرجون ان نموني پوريون ٿين ٿيون ته پوء ٻي هيڏي ساري خلق خدا آخر ڪهڙو قصور ڪيو آهي جيڪي جيلن جي گھٽ،ٻوسٽ ۽ بدبوء واري ماحول ۾ سڙي رهيا آهن.هي دنيا جو شايد اڪيلو ملڪ آهي جتي سزا يافتا ڏوهارين جا سڀ ناز نخرا برداشت ۽ منظور ڪيا ويندا آهن.هي قصا جيڪي ماڻهن کي ڪتابن ۾ پڙهايا ۽ ٻڌايا وڃن ٿا ته قانون جي نظر ۾ سڀ شهري برابر آهن انهن ڪتابن کي هميشه لاء باهه ڏيئي ڇڏڻ گھرجي ۽ نوان قانون جوڙڻ گھرجن ته جيڪي پئدائشي طور تي خاص آهن اهي ڪو سنگين ڏوهه ڪرڻ توڙي ان ڏوهه جي سزا پائڻ باوجود به خاص ئي رهندا آهن.پرويز رشيد صاحب جي فرمائش سامهون آئي آهي ته ميان صاحب طرفان سزا خلاف داخل ڪيل اپيل تي ڪاروائي هزار ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هئڻ گھرجي.هي اهو ئي صاحب آهي جو جڏهن احتساب عدالت ۾ ميان صاحب جي ڪيس جي ڪاروائي هلي رهي هئي ته واويلا ڪري رهيو هو ته ڪيس جي ڪاروائي نهايت ئي تيزيء سان هلي رهي آهي ۽ هاڻي هن کي ڪاروائي سست نه پر تيز گھرجي.پر جن بي پهچ ۽ لاچار ماڻهن جا ڪيس ٽيهن چاليهن سالن کان عدالتن ۾ سست رفتاريء جو شڪار آهن انهن جي باري ۾ سندس وات مان ٻڙڪ به ٻاهر نٿو نڪري جو ميان صاحب ئي سڄو ملڪ آهي.جيڪر ميان صاحب کي سڪون مليو ته سڄي ملڪ کي سڪون مليو پر جي ميان صاحب کي ڪا تڪليف پهتي ته ڄڻ پورو ملڪ مصيبت جو شڪار ٿي ويو.قدرت بار بار انسان کي موقعو مهيا ڪري ٿي ته هو واقعن ۽ حالتن مان عبرت جو سبق حاصل ڪري پر خبر ناهي هن مخلوق جي ذهنن ۽ اکين تي پيل اهي پردا ڪڏهن هٽندا جڏهن اهي پنهنجي تڪبر،غرور ۽ هوس کان توبه تائب ٿين ۽ زمين تي هلڻ سکن.هاڻي ڪٿي آهن اهي ماڻهن جا ميلا جيڪي گلن جون ٽوڪريون کڻي ساڄي کاٻي ڊوڙندا رهندا هئا،ڪيڏانهن ويا اهي جانثار جيڪي هڪڙي اشاري تي جان ۽ دل قربان ڪرڻ جون دعوائون ڪندا هئا،ڪيڏانهن ويو ماڻهن جو اهو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جن کي ميان صاحب جي ديدار لاء ايئر پورٽ تي اچڻو هو،ٻيو ته ٺهيو پر ميان صاحب کي ان اوڙاهه ۾ ڌڪو ڏيندڙ ديوانا ئي ڳولئي نه پيا لڀن.سندس پنهنجو جگري ڀاء به تيستائين لاهور جي گلين جا اڳيان پويان چڪر هڻندو رهجي ويو جيستائين ميان صاحب کي جهاز ۾ چاڙهي اڍيالا جيل نه روانو ڪيو ويو.ان سموري ڪهاڻيء ۾ رڳو ميان صاحب لاء نه پر سمورن سياستدانن ۽ وقت جي حڪمرانن لاء عبرت جو گھڻو سامان موجود آهي جيڪر عقل تي مڪمل نموني ڪلف نه لڳي چڪا هجن! ۽ قرآن جي لفظن ۾ “عبرت ته رڳو اهي ئي حاصل ڪندا آهن جن کي عقل هوندو آهي.”