بلاول به سوچيندو ته هوندو.....!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    بلاول به سوچيندو ته هوندو ته اها ايڏي ساري خلق خدا مون سان صرف منهن جي شهيد ماء ۽ شهيد نانا جي ڪري محبت ڇو ٿي ڪري؟ پنهنجي والد يا ڏاڏاڻي خاندان جي ٻئي ڪنهن فرد سان مٽيء واري ناتي طور محبت ڇو نٿي ڪري؟ جڏهن ته سندس ٻئي شهيد مائٽ پيپلز پارٽيء جا اڳواڻ ۽ سياستدان هئا ۽ سندس والد به پيپلز پارٽيء جو اڳواڻ آهي ته پوء اهو فرق ڇو؟ بلاول اهو به سوچيندو ته هوندو ته پي پي ء جي پنجن سالن جي وفاقي جنهن ۾ سندس والد پاڪستان جو صدر به رهيو ۽ ڏهن سالن جي صوبائي دور حڪومت ۾ سندس شهيد والده جا اصل قاتل ڇو گرفتار نه ٿي سگھيا؟هو سوچيندو ته هوندو ته سندس والده ۽ ناني جي يادگيري رڳو ورسين ۽ اليڪشن ۾ ئي سندس پارٽيء کي ڇو ٿي اچي؟ هو سوچيندو ته هوندو ته قربانيون ڏيڻ وارن ڪارڪنن جو قافلو ڪٿي لٽجي ويو ۽ سندس پارٽيء جو واسطو ۽ ناتو انهن جانثارن سان ڪيئن ٽٽي ويو جيڪي اگھاڙين پٺين تي ڪوڙا سهندي،پارٽيء جي جلسن ۾ اگھاڙين پيرين ڊوڙندي ۽ جھمريون هڻندي ،خالي پيٽ ۽ لڱين اگھاڙين به جيئي ڀٽو جا اڀ ڦاڙيندڙ نعرا هڻندا هئا،اهي مزدور جن جا پگھر ۾ شل وجود ۽ سخت پورهئي وچان گھايل هٿ جڏهن فضا ۾ اڀا ٿيندا هئا ته سماج ۾ ڪنهن پورهيت انقلاب اچڻ جي سڳنڌ اچڻ لڳندي هئي.اهي سڀ اڇا ۽ اجرا ۽ چنڊ جي چانڊاڻ جهڙا پرخلوص ڪردار آسمان ڳڙڪائي ويو يا زمين ڳهي ويئي؟اهي مستقل مزاج،باهمت،اصول پسند،اعتدال پسند ۽ مشڪلن ۾ مرڪندڙ ماڻهو جيڪي نظرين جي رڃ ۾ رلندي پنهنجا ڪارا وار اڇا ڪري ويٺا،اهي اڄ پارٽيء جي ڪنهن ڪنڊ ۽ ڪنهن گوشي ۾ ڏيئو کڻي ڳولهيندي به نٿا لڀن. بلاول سوچيندو ته هوندو ته پي پي جي سياست جي ستر ڪلفٽن کان بلاول هائوس منتقلي سان ڇا ڇا بدلجي ويو؟ هو سوچيندو ته هوندو ته سندس پارٽي سياسي پارٽيء مان هڪ ڪارپوريٽ ڪمپني ڪيئن بڻجي ويئي؟هو سوچيندو ته هوندو ته پيپلز پارٽي جنهن کي چئن ئي صوبن جي زنجير سڏيو ويندو هو تنهن جي هٿن مان رهيل سنڌ به آخر ڇو نڪرندي ٿي وڃي؟ هو سوچيندو ته هوندو ته کيس آسپاس هر طرف رڳو صنعتڪار، سرمائيدار، جاگيردار، زميندار، ڀوتار،ٺيڪيدار،قبضا خور ۽ ڀتاخور ئي ڇو ٿا نظر اچن؟ هر وقت ۽ هر طرف رڳو ملن،فيڪٽرين،زمينن.ملڪيتن ۽ ڌن دولت جو تذڪرو ئي ڇو آهي؟ هو ضرور سوچيندو هوندو ته اهي مسڪين ٻار توڙي ٻڍا،عورتون توڙي مرد جيڪي سندس هڪڙي جھلڪ ڏسڻ لاء آتا ۽ سندس مٿان ساهه صدقي ڪرڻ لاء تيار آهن سندس پارٽيء ۽ سندس حڪومت انهيء جي بدلي ۾ انهن کي هيستائين ڇا ڏنو آهي؟ هو جڏهن سنڌ جي ڀڳل ٽٽل روڊ رستن تان گذرندو هوندو ته سوچيندو ته ضرور هوندو ته سهڻي سنڌ جي اهڙي بدتر حالت ڪنهن ڪئي؟جڏهن هو عوام پاران سندس نمائندن ۽ حڪومتي اڳواڻن جي شڪايتن جا هرهنڌ داستان ٻڌندو ۽ ڏسندو هوندو ته هو گھڙي پل لاء ضرور سوچيندو هوندو ته اهي ڪنهن خلائي مخلوق طرفان پلانٽ ڪيل ماڻهو نه پر اهي پي پي جا پراڻا ووٽر آهن جن جي اکين ۾ اڄ به شهيدن جي محبت جا ڏيئا ٻرندي ڏسي سگھجن ٿا . پوء انهن جون سڀ جون سڀ اميدن کي مٽيء جي ڍير ۾ بدلائڻ وارا ۽ انهن جي انگ جو ڪپڙو ۽ سندن مانيء جو گراهه کسڻ وارا ڪي ٻيا نه پر سندس پارٽي ۽ حڪومت جا اهي راڪاس آهن جن غريبن جو رت ست چوسي انهن جي لاشن تي پنهنجا خوبصورت محل تعمير ڪيا آهن.هو سوچيندو ته هوندو ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ويساهه گھاتين ۾ سندس پارٽي ۽ حڪومت ڪو اصولي موقف اختيار ڇو نه ڪيو؟ سندس پارٽي مرڪز ۾ اپوزيشن جي ڪرسين تي ويهي گذريل حڪومت جي عوام ۽ سنڌ دشمن منصوبن ۽ پاليسين خلاف ڀرپور مزاحمت جو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هئڻ باوجود وفاقي حڪومت سان لڪ لڪوٽي راند ڇو کيڏندي رهي؟ هو ضرور سوچيندو هوندو ته اها ڪهڙي مفاهمت هئي جنهن تي سڀ اصول،نظريا ۽ اقدار قربان ڪيا ويا؟ بلاول سوچيندو ته هوندو ته هر سنڌي جيڪو پنهنجي نجي گاڏيء ۾ ڪراچيء کان حيدرآباد پهچڻ لاء سپرهائي وي تان گذري ٿو تنهن کي هاڻي 190 روپين جي بدران 230 روپيا وفاقي حڪومت کي ٽيڪس جي صورت ۾ ڀتو ڏيڻو پوندو ،آخر سنڌ سان ايڏي ستم تي سندس پارٽي ۽ حڪومت ڇو خاموش تماشائي بڻي رهي؟هو سوچيندو ته هوندو ته هيتري ساري بجيٽ مهيا ڪرڻ باوجود سنڌ جون اسپتالون ۽ اسڪول آخر ڪيئن تباهه ۽ برباد ٿي ويا؟هو سوچيندو ته هوندو ته سندس پارٽيء جي وزيرن ۽ مشيرن دفترن ۾ ويهي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجو وقت ڪٿي گذاريو؟ هنن اقتدار دوران ماڻهن سان کليل ڪچهريون ڇو نه ڪيون؟پوليس سڌارن ۽ ترت انصاف مهيا ڪرڻ جي نظام جي قيام لاء سندس پارٽيء جي حڪومت ڪو ڌيان ڏيڻ بدران پوليس جي پوري نظام کي وڌيڪ سياسي ۽ بدعنوان ڇو بنايو؟رشوت ۽ بدعنوانيء جي خاتمي ۽ منصفاڻي احتساب جي نظام لاء ڪي به عملي قدم ڇونه کنيا؟ سنڌ مان گم ٿيندڙ نوجوانن لاء سندس پارٽيء جي حڪومت ڪو واضح موقف ڇو نه اختيار ڪري سگھي؟هو سوچيندو ته هوندو ته پارٽي ۾ جوش ، جذبي ۽ سچائيء جي جڳهه تي هر شيء پئسي سان ڪيئن ٿيڻ لڳي؟ جلسو سجائڻ ،بينر لڳائڻ، ريلي ڪڍائڻ،نعرا هڻائڻ ۽ ڊانسون ڪرائڻ مطلب ته هر ڪم ۽ هر سرگرمي پئسو ڏيئي! اهي مات نه کائيندڙ ڪارڪن لڏو ڪٿي گم ٿي ويو جيڪي اوجاڳيل اکين ۽ خالي پيٽن سان پارٽيء جي سرگرمين کي سچي سونهن بخشيندا هئا.سمجھون ٿا ته شايد بلاول اهو سڀ ڪجهه سوچيندو هوندو پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته جيڪر هو اهو ڪجهه سوچيندو هوندو ته انهيء سوچ کي هو پنهنجن چپن تي آڻي به سگھندو؟.هو سنڌ جي انهن ساده دل ۽ سٻاجھڙن هارين نارين،مزدورن ۽ پورهيتن،دانشورن ۽ ساڃاهه وندن،غربت ۽ ظلم جي چڪي ۾ پيسجندڙ مظلومن جي لاء ڪو حق جو ڪلمو بلند ڪري به سگھندو،عوام کي اهنجن ۽ آزارن،ايزائن ۽ پيڙائن جي اوڙاهه ۾ وڌيڪ اونهو ڌڪو ڏيندڙ پنهجي ئي پارٽيء جي لٽيرن ۽ رهزنن کي احتساب ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري به سگھندو؟يا هو به ويچاري ويساه وسوڙي ۽ سورن جي ماريل مسڪين عوام سان اها ئي سياسي راند ڪري رهيو آهي جيڪا راند رچائڻ لاء يا ته کيس مجبور ڪيو ويو آهي يا هو هو پاڻ به ان راند مان لطف اندوز ٿيڻ واري رستي جو پانڌيئڙو آهي.ڪاش هو پنهنجي شهيد ناني ، شهيد والده ۽ جمهوريت جي راهه ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ هزارين سياسي ڪارڪنن جي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽيء کي برباد ٿيڻ کان بچائي سگھي! جيڪر هو اهو سڀ ڪجهه سوچيندو هوندو ته ڪنهن نئين صبح جي اميد ڪري سگھجي ٿي پر جيڪر هو به ان اڏوهي کاڌل نظام جو حصو بڻجي ٿو جيڪو بدقسمتيء سان هيستائين نظر اچي رهيو آهي ته پوء محبتن جو اهو وقتي خمار گھڻي وقت تائين قائم رهي نه سگھندو ۽ ايئن نه ٿئي جو هو آئنده پنهنجو سياسي مستقبل ۽ ماڻهن جي محبت ٻئي وڃائي ويهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو