• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خدا تي پڪو يقين دوائن کان وڌيڪ اثر وارو۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
خدا تي پڪو يقين ڪنهن به سڪون ڏيڻ واري دوا يا پريشانيءَ‌کان بچائڻ واري دوا کان وڌيڪ بهتر ڪم ڪري ٿي ۽ سو سيڪڙو اثر ڏيکاري ٿو۔
ڪينيڊا جي اخبار دي پرووينس ۾ ڇپيل هڪ خبر موجب هي تحقيق سائيڪالوجي سائنس جرنل ۾‌شايع ٿي، جنهن پنهنجي ريسرچ ۾ ڄاڻايو آهي ته مذهب تي پڪو يقين رکندڙ ۽ سدائين عمل ڪندڙ وڌيڪ وقت تائين جيئرا رهن ٿا ۽ بهترين جسماني ۽ ذهني صحت جا مالڪ هجن ٿا۔ خدا جي ذات تي ڪامل يقين ۽ ايمان ڪنهن به ٿيندڙ غلطين مان ملندڙ مايوسي کان مٍحفوظ رکي ٿو
 
جواب: خدا تي پڪو يقين دوائن کان وڌيڪ اثر وارو۔۔

ادا سائين چوندا آهن ته دير آيد درست آيد ۔۔۔ اها خبر اسانکي اسانجا وڏا هزارين سال اڳ ئي ٻڌائي ويا هئا ۽ دنيا جي ٻين ماڻهن کي به اهي ڳالهيون وڏڙن ٻڌايون هيون پر افسوس جو ڪيترا ئي ماڻهون ناشڪرا آهن ۔۔۔ هو رب جي ذات جي بجاءِ ظاهري مظاهرن ۾ گم ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ سڀ ڪجهه انهن کي ئي سمجهي ويهندا اهن ۔۔۔ انهن ماڻهن جي حالت اهڙي آهي جيئن ڪو ماڻهون رڃ ۾ پري کان نظر ايندڙ پاڻيءَ جي طرف ڀڄي پهچي ۽ پهچڻ کانپوءِ ڏسي ته ات ته ڪو پاڻي ناهي صرف رڃ ئي رڃ آهي ۽ موت آهي ۔۔۔
سڌي راهه ته سهڻي ۽ آسان راهه آهي، بس ڪو سمجهي ته ٻيڙا ئي پار اٿس ۔۔۔

ٿورا خبر ونڊ ڪرڻ جا ۔۔۔

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
صاحب ڏيج شفا، ميان! مريضن کي.
 
سائين گورن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ هاڻي آئي آهي۔۔۔ انهن کي اها خبر نه آهي ته سائنس مذهب کان سواءِ اڌوري آهي۔۔۔ دنيا جا پهريان سائنسدان به ته اسلام ئي پيدا ڪيا هئا۔۔۔ ڦري سري نيٺ اسلام جي در تي پيا اچن
 
جواب: خدا تي پڪو يقين دوائن کان وڌيڪ اثر وارو۔۔

الله تعالي انسان کي ڪنهن خاص مقصد لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ ان جو رستو ڏسي ٿو مذهب
مذهب تي هلندي منزل مقصود تي پهچندا سون
 
Back
Top