• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دلــــبــريـــون…!!!

يوسف جميل لغاري

سينيئر رڪن
چون ٿا جڏهن ڪنهن الهڙ کي عشق لڳندو آهي تہ پوءَ اُهو ماڻهو يا تہ چريو ٿي ويندو آهي يا وري سڀني کان وڌيڪ سياڻو ۽ چالاڪ، ورهين اڳ ائين ئي هڪڙو عدد عشق اسان کي بہ لڳو هو، هاڻ تہ وقت جي تقاضا ۽ زماني جي گهرج مطابق پنج پنج عشق گڏ لڳيو وڃن، برحال جڏهن هڪڙو عشق لڳو هو تڏهن هيڪڙائي جي وصف ۽ سندس انفرادي قوت توڙي اهميت جي چڱي پروڙ پئي هئي، پوري جهان کان بي خبر ٿيندي سموريون سوچون هڪ ئي شخص ڏانهن مرڪوز ٿي وينديون هيون، پنهنجي پاڻ کان هر دم بي خالي هوندي هئي، صحرائن ۾ سبز باغ نظر اچڻ لڳندا هئا، پوري ڪائنات مرڪندي ۽ جهرڪندي نظر ايندي هئي…!!!

پرين جي ياد ۾ دل جو اهو حال هوندو هو جو دل هي لفظ هميشه پڪاريندي رهندي هئي” جنهن دم غافل ، سو دم ڪافر“، ڇا ٿا سمجهو سائين، پرين جي خيال کان هڪ دم غافل ٿيڻ تي پاڻ کي ڪافر هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏبو هو، پوري ڪائنات پرين جو اولڙو محسوس ٿيندي هئي، ڪائنات جي هر هڪ شئي ۾ پنهنجي پرين کي پسڻ لاءَ نگاهون تلاش ڪنديون هيون، پرين بنا هي سڄو سنسار افغانستان لڳڻ لڳندو هو ۽ وري جڏهن پرين جو درشن ٿي پوندو هو تہ پوءَ ائين محسوس ڪبو هو ڄڻڪ بنا ويزا ۽ ٽڪيٽ جي پئرس ۾ پهچي ويا آهيون، انهن بنا ڪرائي وارن سفرن ڏاڏو تسڪين عطا ڪيو…!!!

وري جڏهن محبوب ڳچ عرصي تائين نظر نہ ايندو هو تہ پوءَ وري روحاني طرح سعودي عرب پهچي ڪري خدا جي محبوب جي گهر آڏو ڌرڻو هڻي ڌڻي کي پنهنجي محبوب جو واسطو ڏئي ڪري پنهنجي محبوب جو ديدار گهري وٺبو هو…!!!
 
Back
Top