چونڊن پويان اٿندڙ امڪاني طوفان!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هن وقت پوري پاڪستان جي عوام توڙي سياستدانن جو ڌيان عام چونڊن ۾ کتل آهي، ڪٿي ايندڙ حڪومتن جي جوڙجڪ جي باري ۾ اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن ته ڪٿي چونڊن کان پوء ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃڻ جون اميدون لڳايون پييون وڃن پر بدقسمتيء سان انهن چونڊن جي پويان جيڪي سياسي ۽ معاشي بحرانن جا طوفان ڪر کڻي رهيا آهن انهن طرف في الحال ڪنهن جو به ڌيان نٿو وڃي. گذريل حڪومت جي ناڪام معاشي پاليسيء ۽ نگران حڪومت جي نااهليء سبب ڊالر جي قيمت اٽڪل 29 روپين جي ريڪارڊ سطح تي پهچي چڪي آهي جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائيء جا اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهو طوفان ايڏي ته شدت سان عوام کي گھيرڻ وارو آهي جو عوام جون رڙيون نڪري وينديون.منافعي خور مافيا موقعي جو فائدو وٺندي روزمرهه استعمال جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيو آهي ۽ نگران حڪومت خاموش تماشائي بڻيل ۽ جيل ۾ پيل نواز شريف لاء سهوليتون مهيا ڪرڻ واري ڪم ۾ ئي رڌل نظر اچي ٿي.

    گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان انٽر بينڪ ۽ اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت کي اوچتو اهڙا ته پر لڳا آهن جو پاڪستاني روپيو ڊالر جي بلند اڏام کي رڳو ڏسندو ئي رهجي ويو آهي.اهو رڳو پاڪستاني روپيي جي بي قدري يا قيمت ۾ گھٽتائيء جو معاملو ڪونهي پر اهو اسان جي پوري معاشي ڍانچي جي تباهي ۽ برباديء جو داستان آهي.ڊالر جي قيمت ۾ لاڳيتو واڌارو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جي ملڪي معيشت جو ساهه اکڙي چڪو آهي ۽ خدانخواسته جيڪر انهيء کي تڪڙن قدمن ذريعي ترت آڪسيجن مهيا نه ڪئي ويئي ته حالتون هٿن مان نڪري وينديون ۽ افراط زر جو اهڙو طوفان ايندو جنهن جو مقابلو ڪرڻ ممڪن نه رهندو.اڄ جي دنيا ۾ ڪاروبار جي سڀ کان وڏي ۽ اهم ڪرنسي امريڪي ڊالر آهي،ڊالر جي ان حيثيت کيس دنيا ۾ ٻين ڪرنسين جي ڀيٽ ۾ پينڊولم وارو مقام ڏياري رکيو آهي جنهن جي چوڌاريء پوري دنيا جي ڪرنسي گھمندي نظر اچي ٿي ۽ ڊالر جي لاٿ ۽ چاڙهه مطابق ئي دنيا پنهنجي معاشي زندگيء جا ساهه ترتيب ڏئي ٿي.عالمي واپار ۾ ڊالر تي ڀاڙيندڙ ملڪ اها ڪوشش ڪندا آهن ته پنهنجي معيشت کي مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ رکي يا ته ڊالر جي قيمت جي ويجھو ڪيو وڃي يا وري جيترو فاصلو پيدا ٿي چڪو آهي پوري ڪوشش سان ان کي برقرار رکيو وڃي.پاڪستاني روپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ ايڏو اضافو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته پاڪستاني معيشت گذريل عرصي ۾ ڪيتري قدر زبون حاليء جو شڪار رهي آهي ۽ اڳيان خطرناڪ حد تائين معاشي چيلينج سامهون آهن.نون ليگ جي معاشي بازيگرن ڪاغذن ۾ جيڪا معاشي ترقي ڏيکاري هئي ان جي اصليت کلي سامهون اچي چڪي آهي.جيڪر گذريل پنجن سالن ۾ معيشت کي مضبوط بنائڻ لاء ڪي ٺوس اپاء کنيا وڃن ها ته ايندڙ حڪومت کي ايندي ئي ايڏي وڏي معاشي بدحاليء واري طوفان کي منهن ڏيڻو نه پوي ها.ستم اهو جو ملڪ جي معاشي طور تي کوکلو ٿيڻ جو پول ان وقت کليو آهي جڏهن ملڪ عبوري دور مان گذري رهيو آهي ۽ هڪ چونڊيل حڪومت بدران نگران حڪومت برسر اقتدار آهي جيڪا پنهنجن فيصلن توڙي ڪارڪردگيء بابت عوام آڏو جوابده نه آهي.ايندڙ حڪومت وٽ آئي ايم ايف وٽ وڃڻ ۽ ان جي شرطن تي قرض حاصل ڪرڻ سواء ٻيو ڪوبه چارو نه هوندو جنهن سان هڪ طرف مهانگائيء جو ناقابل برداشت طوفان ايندو ته ٻئي طرف ملڪ وڌيڪ قرضن جي بار هيٺ دٻبو ويندو.ايندڙ حڪومت وٽ معيشت کي ترت سهار ڏيڻ لاء بهترين آپشن اهو ٿي سگھي ٿو ته ملڪ جو ڦريل ۽ لٽيل ناڻو جيڪو ٻاهرين ملڪن جي بينڪن ۾ پيو آهي اهو هر صورت ۾ واپس آندو وڃي جيڪر اهو ناڻو ملڪ ۾واپس آڻڻ بدران سمورو معاشي بار اڳيئي چپيل ۽ نپوڙيل غريب عوام جي ڪلهن تي وڌو وڃي ٿو ته پوء اهڙو احتساب سواء ناٽڪ جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو.جيستائن هتي سعودي احتساب وارو ماڊل نٿو نافذ ٿئي عوام کي اهڙن احتسابن مان ڪجهه به ورڻو سرڻو ناهي.

    هڪڙو ٻيو طوفان جيڪو پڻ چونڊن کان پوء ڪر کنيو بيٺو آهي سو آهي سياسي انتشار ۽ افراتفري جو طوفان.هن وقت چونڊن ۾ جيڪا سياسي صورتحال نظر اچي پيئي ان مطابق نٿو لڳي ته ڪابه پارٽي واضح ته ٺهيو پر سادي اڪثريت به حاصل ڪري سگھندي.ٻه مکيه سياسي جماعتون جيڪي واري وٽيء سان ملڪ تي حڪومت ڪنديون رهيون آهن انهن مان ڪنهن هڪ جي جيڪر حڪومت قائم نٿي ٿئي ته اهي نه رڳو چونڊن ۾ ڌانڌلين جي واويلا مچائينديون (جيڪا هنن هينئر کان ئي مچائڻ شروع ڪري ڏني آهي ) بلڪه اهي ٻي ڪنهن به سياسي پارٽي يا ڌر کي آسانيء سان حڪومت ڪرڻ نه ڏينديون.مٿان احتساب جو جيڪو عمل هن وقت چونڊن سبب سست ٿيل آهي اهو چونڊن کان پوء جيئن ئي پوري زور شور سان شروع ٿيندو ته احتساب جي نشاني تي ايندڙ سموريون سياسي ڌريون متحد ٿي اهڙو ممڻ مچائينديون جو خدا ڏي پناهه! پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شايد اهڙي ئي ڪنهن وسيع ميثاق جمهوريت جو اڳ ۾ ئي اشارو ڪري چڪو آهي.سو سمجهه ۾ نٿو اچي ته نئين ايندڙ هنگ پارليامينٽ مان جڙندڙ ڪمزور اتحادي حڪومت ملڪ کي درپيش سنگين مسئلن حل ڪرڻ طرف پنهنجو ڌيان ڏيندي يا ملڪ اندر اٿندڙ سياسي بيچيني ۽ انتشار کي منهن ڏيندي.چوڻ لاء ته ڪجهه پارٽين کي ڇڏي ڪري سموريون سياسي پارٽيون لاڳيتو چونديون ٿيون وتن ته کين اڻ ڏٺل قوتون سندن پير ڪڍي رهيون آهن پر اڃا تائين ان دعويٰ کي سچو ثابت ڪرڻ لاء ڪنهن به سياسي جماعت ان قسم جي مداخلت جو ڪو واضح ثبوت پيش نه ڪري سگھي آهي.ٻنهي مکيه پارٽين پنهنجن حڪومتن واري دورن ۾ جهڙيء طرح عوام کي مايوس ڪيو آهي ۽ جهڙيء طرح عوام هن وقت عوام منجھائن بيزاريء جو اظهار ڪري رهيو آهي انهيء مان ته اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته هن اليڪشن ۾ انهن ٻنهي پارٽين کي ماضيء جيان وڏي پيماني تي ووٽ نه پوندا ۽ اهي ايتريون سيٽون ڪڍي نه سگھنديون جو اڪيلي حڪومت جوڙڻ جي پوزيشن ۾ اچي وڃن سو انهن لاء بهترين حڪمت عملي اها ئي رهندي جو اهي پهرين کان ئي چونڊن کي تڪراري بنائي انهن جا نتيجا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏين.ڪڏهن نگران حڪومتون سندن الزامن جي نشاني تي آهن ته ڪڏهن اليڪشن ڪميشن ته ڪڏهن عدالتون ته ڪڏهن خلائي مخلوق! جيڪر ملڪ ۾ سڀ جا سڀ ادارا جانبدار ۽ ڌر آهن ته پوء انهن کان ئي پڇيو وڃي ته آخر چونڊون ڪرائڻ لاء ڪهڙي ٻاهرئين ملڪ مان ڪا فرشتا صفت مخلوق ڪرائي تي ورتي وڃي ها؟بهرحال چونڊن کان پوء وارو منظرنامو ڪو سٺو نظر نٿو اچي ۽ نگران حڪومتن ۾ اها سياسي ۽ انتظامي صلاحيت به نظر نٿي اچي جو اهي انتشار جي اهڙي امڪاني صورتحال مان ملڪ کي ٻاهر ڪڍي سگھن.لڳي ٿو ته هاڻوڪيون چونڊون ملڪ ۾ پهرين کان موجود ڏڦير ۾ وڌيڪ واڌارو ڪري ڇڏينديون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو