سياستدان سمجهه ۽ سهپ جو مظاهرو ڪن.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    خير سان ملڪ ۾ عام چونڊن جو هڪ مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي.هميشه جيان هارائيندڙ ڌريون چونڊن ۾ عظيم ڌانڌلين جو ماتم ڪندي نظر اچن ٿيون جڏهن ته کٽيل اميدوارن سک جو ساهه کنيو آهي.جيڪر ڌانڌلين جي ڳالهه ڪجي ته اهي ٽن مرحلن ۾ ممڪن هجن ٿيون.اليڪشن کان اڳ ،اليڪشن دوران ۽ اليڪشن واري عمل کان پوء يعني نتيجا مرتب ڪرڻ وقت. جيستائين اليڪشن واري ڏينهن چونڊ عمل جو تعلق آهي ته ان ڏينهن تي ووٽ وجھڻ وارو عمل جهڙيء طرح پرسڪون، پر امن،شفاف ۽ غير جانبدار رهيو انهيء جي تصديق مختلف پولنگ اسٽيشنن تي موجود اڪثر اڻ ڌرين مبصرن سان گڏوگڏ بين الاقوامي تنظيمن به ڪئي آهي جيڪي ان عمل جي مانيٽرنگ ڪري رهيون هيون.ٻين لفظن ۾ مجموعي طور تي ووٽرن بنان ڪنهن خوف۽دٻاء جي پنهنجي راء جو حق استعمال ڪيو.نه ته ماضيء جيان ڪوڙا ٺپا لڳي سگھيا ۽ نه ئي جعلي ووٽ پئجي سگھيا.جنهن به اميدوار کي جيترو ووٽ ملڻو هو سو انهن کي مليو.رهيو سوال اليڪشن کان اڳ ڌانڌليء جو ته انهيء ۾ ٿي سگھي ٿو ته ڪجهه حقيقيت جو عنصر ڪٿي نه ڪٿي شامل هجي پر اڪثر اتي به گھڻيون ڪهاڻيون ئي نظر اچن ٿيون جيڪي اليڪشن ۾ ڪرڻ جي خوف کان ڪجهه سياسي ڌرين اڳيئي ئي گھڙي رکيون هيون جو انهن ڌرين کي پنهنجي گذريل ڪارڪردگي خوب ساريل هئي ۽ اهي عوامي ردعمل کي اڳواٽ محسوس ڪري چڪا هئا.چونڊن ۾ ڪنهن منظم ڌانڌلين واري ٿيوري ان ڪري به وارو نٿي کائي جو ڪافي شيون انهيء ٿيوريء سان مناسبت نٿيون رکن. مثال؛ جيپ جو چونڊ نشان جنهن لاء ڪيتريون ئي سياسي ڌريون اهو ممڻ مچائي رهيون هيون ته ان نشان تي چونڊ وڙهندڙ اميدوار ڪن “خاص” ڌرين جا ماڻهو آهن پر اليڪشن نتيجن موجب انهيء نشان رکندڙ اميدوارن کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.اهڙيء طرح گذريل ڊگھي عرصي کان سنڌ ۾ پي ايس پي کي ايم ڪيو ايم جي متبادل طور آڻڻ لاء مقتدر ڌرين تي الزام هنيا پئي ويا پر موجوده اليڪشن ۾ پي ايس پي جي ايڏي عظيم شڪست ان ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي آهي. جي ڊي اي جنهن لاء اها واويلا متل هئي ته انهن کي خلائي مخلوق پي پي جي مقابلي ۾ سنڌ اندر ايندڙ حڪومت قائم ڪرڻ لاء ميدان ۾ لاٿو آهي انهيء جي سنڌ اندر ايڏي وڏي شڪست انهيء حقيقت کي افساني ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.جيڪر ڪا منظم ڌانڌلي ڪرڻي هئي ته پوء پنجاب ۽ سنڌ ۾ پراڻين پارٽين بدران پنهنجي پسند جي اميدوارن کي اليڪشن کٽرائڻ ڪو مشڪل عمل نه هو.اهڙيء طرح ايم ايم اي ۽ ٻين مذهبي جماعتن جي لاء به اهو تاثر جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي ته انهن کي به اصل واڳ ڌڻين جي آشيرواد حاصل آهي پر ايندڙ چونڊ نتيجا ان تاثر کي به غلط ثابت ڪري رهيا آهن. بهرحال ڇا به ثيو ۽ ڪيئن به ٿيو پر سٺو سوڻ اهو آهي ته هڪ پر امن ماحول ۾ جمهوري گاڏو اڳتي ڌڪجي چڪو آهي ۽ نيون حڪومتون پنهنجي سياسي سفر جي ٻيهرشروعات ڪري رهيون آهن.عوام جيڪا به راء پنهنجي ووٽ جي صورت ۾ ڏني آهي انهيء جو احتران هر حالت ۾ لازمي آهي پر عجيب ڳالهه آهي جو ڏينهن رات عوام جي ووٽ کي عزت ڏيو جي تسبيح پڙهڻ وارا اڄ عوامي راء جو صرف ان ڪري احترام ڪرڻ لاء تيار ناهن جو عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اهي ان جمهوري عمل کي پروقار نموني سان اڳتي وڌائڻ بدران عوام کي روڊن ۽ رستن تي آڻڻ ۽ ايندڙ نين حڪومتن لاء مسئلا پيدا ڪرڻ جون سٽون سٽي رهيا آهن.سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ملڪ هن وقت جن اندروني ۽ خارجي بحرانن مان گذري رهيو آهي ۽ جهڙيء طرح پاڪستان جون دشمن قوتون ملڪ کي ڪنهن وڏي انارڪيء واري ماحول طرف ڌڪڻ لاء سندو ٻڌي بيٺل نظر اچن ٿيون انهيء نازڪ صورتحال ۾ سياستدانن پاران سياست جي آڙ ۾ ملڪ کي وڌيڪ ڪنهن بحران ۽ انتشار طرف ڌڪڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي.جمهوريت رڳو چونڊون کٽڻ جو نالو ناهي پر هارائڻ به جمهوري عمل جو حصو هوندو آهي.انهيء جو مطلب ته اهو ٿيو ته جنهن جمهوري نظام ۾ چند نام نهاد سياستدان اسيمبلين ۾ پهچي نه سگھن انهيء نظام جا ئي تڏا ويڙهائي ڇڏجن ۽ انهيء تڏا ويڙهه جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ ڇا سياستدانن کي 1977ع واري صورتحال وسري ويئي آهي يا اهي ڏسي وائسي ملڪ کي اهڙين حالتن طرف وري ڌڪڻ گھرن ٿا؟سو جتي اسان جا سياستدان هر خرابيء لاء ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي اڪيلو ذميدار ٺهرائي سمورو گند انهيء مٿان اڇليندا رهن ٿا اتي انهن کي پنهنجي روين ۽ طريقه ڪار تي به نظرثاني ڪندي سمجھه ۽ سهپ کان ڪم وٺڻ گھرجي.عوام جي ڏنل فيصلي کي عزت ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته عوام جي اڪثريتي راء جي نتيجي ۾ جيڪي حڪومتون جڙن انهن جي رستي ۾ اجايو رنڊڪون ۽ رڪاوٽون کڙيون ڪرڻ به جمهوريت خلاف سازشن جي زمري ۾ اچي ٿو.انهن ۾ ايتري رواداري ۽ سهپ هئڻ گهرجي جو ڪجهه وقت اقتدار کان ٻاهر رهندي به گذاري سگھن.ملڪي اقتدار انهن جو هميشه لاء ٺيڪي تي ته کنيل ناهي جو هروڀرو جي حڪومت ملندي ته صحيح نه ته انهن جي چوڻ مطابق اهي عوام طرفان چونڊيل نمائندن کي اسيمبلين ۾ داخل ٿيڻ ئي نه ڏيندا.اهو جمهوري رويو آهي يا سڌي سنئين داداگيري؟افسوس جو وقت ۽ حالتن مان اسان جي سياستدانن جي اڪثريت ڪوبه سبق ناهي سکيو.عوام جنهن مصيبت ۽ پريشانيين مان گذري رهيو آهي انهن کي انهيء جو ذرو به احساس ناهي.اهي ملڪ ۾ مستقل مزاحمت، افراتفري،انتشار ۽ ڏڦير وارو ماحول پيدا ڪري پنهنجا ذاتي ۽ گروهي مفاد حاصل ڪرڻ گھرن ٿا.اسان جي سياستدانن کي هڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته دنيا تبديل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي عوام جي شعور سان گھڻي وقت تائين دوکو ۽ مذاق ڪري نٿي سگھجي.اهو به ياد رکڻ گھرجي ته ملڪ ۾ احتساب جو جيڪو عمل شروع ٿي چڪو آهي اهو ڪنهن جي به خواهش تي بند ٿيڻو يا رڪجڻو ناهي.ڪنهن به قسم جي اين آر او جي في الحال ڪٿان به ڪا گنجائش نظر نٿي اچي بلڪه شايد هاڻي اين آر او ممڪن نه رهيو آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ احتساب جو عمل جيڪو چونڊن جي ڪري سست ٿي ويو هو اهو تيزي پڪڙيندي نظر ايندو.جهڙيء طرح عوام هن اليڪشن ۾ وڏا وڏا سياسي برج اونڌا ڪري انهن خلاف پنهن جي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ايندڙ ڏينهن ۾ اهو ئي عوام رياستي ادارن تي دٻاء وڌائيندو ته ملڪ لٽيندڙن،ڏوهاري ماڻهن ۽ ڪرپٽ نمائندن خلاف سخت احتساب شروع ڪيو وڃي.اڄ کان 22 سال اڳ جيڪي ماڻهو عمران خان جي تبديليء واري نعري جو مذاق اڏائيندا هئا انهن جون حيرت وچان اکيون پٽيل ئي رهجي ويون آهن جو اصل طاقت عوام وٽ آهي جن سمورين رڪاوٽن ۽ مخالفتن باوجود عمران خان کي وزارت عظميٰ جي ڪرسيء تائين پهچائي ڇڏيو آهي فقط ان لاء ته هو ملڪ جو لٽيل پئسو واپس ملڪ ۾ آڻي ۽ سياست جي ويس اوڍيل انهن ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري.عمران کي اهو ڪم ڪرڻو ئي پوندو نه ته خود عمران خان عوام جي غيض ۽ غضب جو نشان بڻجي ويندو.اهو احتساب اڻ ڌريو ۽ اڪراس دي بورڊ هوندو.گھڻا جيڪي اسيمبلين ۾ پهچڻ تي جشن ملهائي رهيا آهن انهن کي نااهل ۽ ڏوهاري بڻجي يا ته گھر يا جيل وڃڻو آهي پوء انهن جو تعلق خود عمران خان جي جماعت سان ئي ڇو نه هجي.سو اسان جا سياستدان جيڪي مايوسي ۽ غصي وچان هڪ دفعو وري عوام کي روڊن رستن تي آڻي ملڪ کي ٻيهر ڪنهن بدامنيء ڏانهن ڌڪڻ گھرن ٿا انهن کي نوٽ ڪرڻ گھرجي ته ڪراچي آپريشن جو حصو ٻيو جلد شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ انهيء جو دائرو ملڪ جي ٻين حصن تائين به وڌي سگھي ٿو جنهن کي روڪڻ جي سگھه انهن سياستدانن وٽ في الحال ته ڪانه ٿي ڏسجي.انهيء ڪري جنهن کي چونڊن ۾ جيترو حصو مليو آهي انهيء تي مطئمن ٿي اڳتي وڌن ۽ سياسي للڪارن جو مقابلو سياسي ميدان ۾ ڪن.هن وقت به جيڪر سياستدانن سمجهه ۽ سهپ کان ڪم نه وٺندي تڪڙ ۾ڪنهن پهلوانيء جو مظاهرو ڪيو ته انهيء جو نقصان سڀ کان وڌيڪ انهن ئي سياستدانن کي ٿيندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو