سنڌ جي حسن ۽ بيهڪ تي ڪاهون__حصو پهريون ڪوثر سنڌي سنڌ__هڪ اهڙي ڌرتيء آھي جنهن جي خوشحالي تي ٿيندڙ اڄ اسان تاريخي ڪاھُن ۽ سنڌ مٿان ٿيندڙ يعلغارون ۽ انھن يعلغارون جا اسباب تاريخ جي دري مان مان ڦٽندڙن جنگين ۽ لٽ مار تي لئيو پائي ڏسنداسين تہ، سنڌ مٿان ڪاھون 7000ق. م کان ملنديون.! گھڻن ئي تاريخدانن محققن منصفن ۽ لکيڪن سنڌ جي تاريخ تي وس آھر پنھنجي پنھنجي سوچ سھيڙي آھي، ۽ پنھنجا پنھنجا خيال دنيا اڳيان پيش ڪيا آھن. پر گھڻي ڀاڱي سنڌ جي تاريخ اڃا گم آھي.! جيڪو وڏو خال آھي، ڇو تہ سنڌ جي تاريخ گھڻي قدر تاريخي مبهم حوالن تي مبني آھي. باقي اھڙا ڪي بہ ٺوس ثبوت نٿا ملن جنھن سان سنڌ جي 7000 ق.م واري تاريخ کان وٺي تفصيلي بيان ڪري سگھجي جيڪا قديم حوالن طور ئي فقت پيش ڪري سگھجي. ڪافي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءَ ڪوشش ڪئي ته پرڏيھي محققن منصفن جي ڪتابن مان 7000ق.م واري تاريخ گولھڻ جي، پر جيتري بہ ھنيئر تائين قديمي تاريخ ملي آھي سمجھو تہ نہ ملڻ جھڙي ئي آھي…! ڇو تہ اُھا تاريخ صرف قديم حوالن تي پختگي رکي ٿي. 3000ق.م کان پوءِ يعني موھن دڙي جي عروج واري دور کان بعد جيڪا بہ تاريخ ملي ٿي تنھن جي بلبوتي جي بنياد تي اسين ٺوس ثبوت پيش ڪري سگھون ٿا. اسان سنڌين جي وڏي بدبختي اُھا آھي جو اسين پنھنجي تاريخ گھڻي ڀاڱي وڃائي چڪا آھيون. ڀلا سنڌين جو بہ ان حوالي سان ڪھڙو ڏوھ!؟ ھر دور ۾ ڌاري لوڌ سنڌ جا مڪتب گاھ ڪتب خانا ساڙي راک ڪيا آھن…! جن سان ھر دور ۾ سنڌين جو ڀائُنائون پڻ سڙيون آھن نڪي صرف رڳو ڀائنائون سڙيون آھن پر گڏو گڏ ڪتب خانا پڻ ججھي تعداد ۾ سڙيا آھن . برحال اُھو ھڪ ڊگھو بحث آھي، جنھن جي پڄاڻي وڌي سگھي ٿي ڪڏھن بہ گھٽجي نٿي سگھي، بھتر ٿيندو تہ موجوده مليل تاريخي پس منظر تي روشني پکيڙجي_اسين تہ وس ورٿ آھر ڀرپور ڪوشش ئي ڪري سگھون ٿا. تاريخي پسمنظر ڪنھن بہ قوم جو پختو ويساھ ھوندو آھي ۽ ان جي وڏي ڄمار جو دنياوي اسڪرين اڳيان پڪو پختو دستاويز ھوندو آھي جنھن سان قومون پنھنجي قديمي سڃاڻپ ماضي جي آئيني مان حال جي روشنيءَ ۾ تسليم ڪرائي اُھو اعزاز پنھنجي نالي ڪنديون آھن__تہ ھو پنھنجي پيڙھ طور پڪيون ۽ مظبوط قومون آھن. ھن سڀيتا تي ايتري ساري ڪاھون جو اصل ايل مقصد ڪھڙو ھو؟ ۽ ھي سڀئي سنڌوءَ تي ڌاريون يعلغارون ڇو ٿيون!؟ ان جو ذڪر ھيٺ ڪبو ھن سڀيتا ۾ مدفون ٿيل احساس ڪي اوپرا ته ناھن…! بلڪي اسان جي ئي وڏڙن جا آھن_جن کي تاريخ وڏي فخر سان دراوڙ لکيو آھي. ھي احساس انھيءَ دراوڙي نسل، ذات، جنس جي ئي تسلسل جا ماڻهپي، پيار ۽ پريت وارا احساس آھن. جن جي ابتدا سنڌو جي ڪناري مٿان آباد شھر موھن دڙي جي چيڪي مٽيءَ مان ٿي ھئي_۽ ھنن اُنھي مٽيءَ ۾ سنڌو جو آب جل وجھي ھنن دراوڙن پنھنجي ڪاريگري سان ناياب مجسما توڙي مٽيءَ جا ٿانوءَ جوڙي دنيا کي عظيم ڪاريگري جا ڪرشما، ۽ جلوا، ڏيکاري دنيا جي تھذيب يافتہ ماٿري ميسوپٽميا کان بہ وڌيڪ پاڻ ڏانھن دنيا جو ڌيان پڻ ڇڪايو ھو__ھا ھي ساڳيائي دراوڙ آھن ۽ اسان جا اباڻا…! جيڪي موھن دڙي جي تعمير جا عظيم ڪاريگر ھئا. جن قديم دور ۾ بہ موھن جو دڙي جي اھڙي تہ تعمير سرانجام ڏني ھئي جو دنيا موجود جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اُهي شيون سچائي ۽ عظيم ذهن جو ڪمال سمجھي ٿي جهڙوڪ، ڊرينيج سسٽم، پئيڻ لاءِ صاف پاڻي، سوئيمنگ پول، پڪيُون گھٽيون، پڪا ڊبل ماڙ گھر، اڄ کان پنج ھزار سال پھريان ! ھلانڪي ان کان بہ وڌيڪ تاريخ رکندڙ دنياوي سوچ ئي دنگ رهجي وڃي ٿي جڏھن تہ ان دور ۾ دنياوي ماڻھون جنگھلن ۾ جيون بصر ڪندا ھئا ۽ جانور جيان غارن ۾ رھائش پزير نظر ايندا ھئا تنهن مهل ساڳئي وقت 5000 سال پھريان ھي اسان جا وڏڙا يعني دراوڙ، ڊبل ماڙ يعني ٽو فلور منزلن ۾ سکي ستابي آرام واري زندگيءَ گھاريندا ھئا__وھجڻ وغيره لاءَ سوئيمنگ پل، جو استعمال پائڻ لاءَ ڪپڙو، پڻ ٺاھڻ ۾ ڀڙ هئا ۽ اها ڪيتري نہ فخر جھڙي ڳالھ آھي جو اسين اڄ کان ھزارا سال پھريان بہ تھذيب يافتہ قوم ھئاسين ۽ اڄ به آهيون آھيون. جڏھن بہ ان پراڻي تاريخ متعلق ذھن سوچي ٿو تہ عجيب دل وندرائيندڙ ڪفيت ذھن ۾ تاري ٿي وڃي ٿي قديم، دور ۾ پڄڻ کان پوءِ خيالن جي پکين کي اھڙا احساس مليا آھن. جيڪي احسان الڳ ناھن جيڪي احساس شريڪ گم احساس آھن ڀاڱي ڀائيوار آھن. اڄ ذھن ڪوھين ڏور اوڏامي پھتو آھي، ذھن سوچي ٿو ھي ديس ڦريل، لوٽيل، غاصبن، سوداگرن، جنگجوئن ۽ مال غنيمت وارن جو ديس تہ قطي ناھي_ پر پوءِ بہ الائي تہ ڇو ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ھن ديس ۾ ڪئي ئي ڪھاڻيون دفن ٿيل آھن جن ڪھاڻين ۾ اُڃارا احساس آھن_ڪنوارا خيال ۽ اگھاڙيون تراريون آھن_جيڪي ڪڏھن بہ اُڃ اُجھائڻ کان پھرين ائين مياڻ ڏانھن واپس ناھن ورنديون ۽ ھر بار اھڙيون تراريون سنڌ ڌرتي جي مقدر مظالفت ۾ اُڀرُيون آھن . ھتي ڪي احساس اھڙا بہ آھن جن جو ناتو موجود دور جي ناتن سان ملندڙ جلندڙ آھي_ الائي ڇو ائين اڄ به لڳندو آهي ته ھن ديس ۾ اڄ به سڪندر جي گھوڙي بوسفيل ۽ دولھ درياھ خان جي گھوڙي ملوڪ جا پيرا به ڄڻ چٽا آھن. ھي ديس اوپرو ناھي ھي جيڪو ڪجھ اکيون پسن پيون_ھن جي مٽيءَ جي جيڪي روح تائين اچي پئي سا ڌاري ته ناھي__ھا پر ھن ديس کي وڏا صدما سور ۽ اھنج ضرور مليا آھن. تاريخ ٻڌائي پئي ته ھر اڀرندڙ سج جي روشنيءَ ۾ ھن ديس کي لٽيو ۽ ڦريو ۽ هن ديس جي ماروئڙن کي وڏي بيدردي سان ڪُٺو ويو آھي. ھتان جي ماڻھن کي ھر اڀرندڙ سج جي سھائي ۾ سنگرين ۽ زنجيرن جي گرفت ۾ جڪڙيو ويو آھي، ھن دل لڀائيندڙ جنت جھڙي ڌرتيءَ کي ھر اَماوَس جي رات ۾ رتو رت ڪيو ويو آھي. اڄ بہ ٺٽي جي ڳلين ۾ اسان جي وڏڙن جا رڙندڙ احساس سڏڪا ڀريندي محسوس ڪري سگھجن ٿا__جن کي دين جي نالي تي ۽ قنداري قاضين جي فتوائن تي بيدردي سان گھوڙن جي پويان گھلي گھلي ماريو ويو ھو…! ائين بہ نہ ھو تہ ڪو سوڍو موجود نہ ھو جيڪو ديس تان قربان نہ ٿيو ھجي ۽ پنھنجي ماروئڙن جي قتل عام تي خاموش ويٺو ھجي__وقتي پُرزور طاقت اڳيان ھار سوڍن جي مجبوري ھئي پر تنهن باوجود به هنن سنڌ جي سينڌ ميري ٿيڻ نه ڏني__جنھن جا گواھ اڄ تائين ٺٽي کان ويندي ، سيوھڻ، سنڌ، کان ويندي لاھور، دھلي، آگري تائين جا سڀئي رستا موجود آھن. ائين بہ نہ ھو تہ ڪو وريام نہ ھو جنھن سنڌ جي سرحدن جي حفاظت نہ ڪئي ھئي_ ھا پر ڌاريا ڪٽڪ طاقتور ھئا_پر وري به ھي وريام مانجھي مڙس ھٿ ھٿ تي رکي سڪون سان ڪون ويٺا ھئا! ھنن ھر رات پنھنجي ماروئڙن جي فڪر ۽ سنڌ جي فڪر ۾ گھرن کان ٻاھر روپوش ئي گذاري ھئي_ تہ ڪا حڪمت عملي جوڙي وري سنڌ ۽ سنڌ جي ٺٽي کي شاداب بڻائجي جيئن سڀئي ڏکڙا ڏوجرا لھي پون_جنهن جو ٺٽي جو ڳليون اڄ بہ گواه آھن. ڪئي نوريون هن ڌرتي تي پاڻ ملھائي ويون__جن پنھنجي چپڙن تي زھر جا پيالا تہ قبوليا پر وقت جي فاتحن عربن، ارغون ۽ ترخانن جي اڳيان پنھنجي دامن تي داغ برداشت هرگز ڪون ڪيا. اسان کي چيو ويندو آھي اسين آخري نبي جي ڌين کان ناواقف ھئاسين عرب، ارغون، ترخان، اسان کي ڌين سيکارڻ لاءِ آيا ھئا. البت ان ڳالھ کي ھي اڄوڪيون ٺٽي جون ڳليون بلڪل رد ٿيون ڪن_ڇو تہ ٺٽي جون تعمير ٿيل قديم مسجدون ان ڳالھ جي ساکي ۽ پختي شاھدي ڏين ٿيون تہ اسين تعليم يافتہ ۽ هر دور ۾ سڌريل ئي رھياسين___ھا ان کان گھڻو اڳ بہ اسين صوفي اسلام جا پولڳ ھئاسين_جيڪو اسلام شايد ھن عربن، ارغونن، ۽ ترخانن جي قاضين کي به ڪڏھن ٻُڌل هجي ھا !! پوء اسين ايترا علمي يافتہ تھذيب يافتہ ڀلا ڪئين باطل ٿي سگھياسين.؟ اسين باطل ڪون ھئاسين__ھا اسان جي ڏاھپ اسان جي شادابي ئي ھئي جيڪا اسان جي بدبختي بڻي جو ڪڏھن اسان کي آرين اچي لٽيو تہ ڪڏھن عربن، ارغونن، ترخانن مغلن ته وري ڪڏھن غورن انگريزن ھي سلسلو صديون پڄاڻا ائين ئي ھلندو رھيو__آريا پنھنجو بکيو پيٽ ڀري مس ويٺا تہ وري يونانين اچي پنھنجا خيما کوڙيا_يوناني البت گھڻو وقت تہ ڪون ترسي سگھيا ها پر جيترو عرصو به سنڌ ۾ رھيا اُنھن سنڌ جي شادابي کي بيدردي سان لٽيو ۽ ڦُريو.! انھن اڃان الوداع ئي مس ڪئي تہ وري مٿان عرب حملي آور اچي نازل ٿيا ۽ ھُنن جيتري قدر سنڌ جي سونھن کي سنسان ۾ تبديل ڪيو شايد ئي ڪنھن ٻئي قوم ڪيو ھجي جنهن جي سزا ۾ اسان اڄ ڏينھن تائين لوڙيون پيا. عربن جي فتح کان اڳ سنڌ وڏي خوش ۽ ڀاڱ ود رهندي پئي آئي ھر ماڻھو سکيو ستابو غربت ۽ اهنجن کان ڏور__ڪابه زندگي جي ڪشمڪش ڪون ھئي. يونانين، يعني سڪندر اعظم جي موت کان پوء سنڌين وري نئين سر سک جو ساھ کنيو ھو ۽ سنڌ جي تجارت کي ھڪ دفعو وري ٻيھر لاڀ حاصل ٿيو ھو ۽ ھٿي ملي ھئي_جنھن تجارت وسيلي سنڌي يونانين جا ڏک وساري جلد ئي پاڻ سنڀالي ويا ھئا پر ھنن کي ڇا خبر تہ ھنن جي ھي آسودگي خوشي وري وقت جي لٽيرن، ڦورن، ڌاڙيل عرب حملي آورن کان برداشت ڪون ٿيندي_۽ ٿيو بہ ائين ئي جلد ئي مٿس ديبل بندر تي عربن جا ڪٽڪ اچي لٿا.! ان کان اڳ سنڌي ماڻھون ڪيتري قدر آسودا ھئا!؟ ان آسودگي جو ڪاٿو عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوء ھتان ڦريل لٽيل مال مان لڳائي سگھجي ٿو_ جيڪو سنڌين پنھنجي جفاڪشي دان گڏ ڪيو ھُو ھي ساڳيو مال سامان ئي ھو جيڪو عربن مال غنيمت طور سنڌ مان ڦري حجاج بن يوسف ڏانھن روانو ڪيو ھو. جيڪو اڳ ئي عراق جو گورنر ھو ۽ جنھن جي بدولت ئي عربن جا سنڌ مٿان حملا ٿيا ھُئا. تاريخ جي روشني ٻڌائي پئي تہ عربن سنڌ تي چوڏنهن حملا ڪيا هئا محمد بن قاسم جي ڪمانڊ ۾ هنن جو سنڌ تي آخري حملو ٿيو جيڪو مشھو عرب سپھ سالار محمد بن قاسم جي نگراني ھيٺ عربي لشڪر جي بلبوتي سان ديبل بندر تي ٿيو هو_جنھن حملي ۾ سنڌ جو بادشاھ راجا ڏاھر پڻ قتل ٿي ويو. ان سان گڏو گڏ ھزارين نياڻين ۽ سنڌ جي سرفروشن جو قتل عام پڻ ٿيو هو.ان سان گڏ سنڌ جون سوين نياڻيون مال غنيمت طور عرب ملڪن ڏانهن نيو ويون هيون_تہ وري گھڻين ئي سنڌ جي نياڻين کي بغداد شھر جي ديوارن ۾ زندھ لنڀرايو ويو هو_جھڙي ريت مغل دور ۾ انارڪلي کي زندھ ديوار ۾ چنوايو ويو هو. بهادر سنڌ جي باشاھ راجا ڏاھر جون ٻہ نياڻيون محمد بن قاسم مال غنيمت طور سنڌ کان عراق جي گورنر حجاج بن يوسف ڏانھن روانيون ڪيون هيون.! جيڪي آخر ۾ محمد بن قاسم جي ئي قتل جو سبب پڻ بڻيون. اُھا راجا جي نياڻين جي سوڀ ھئي جن جا نالا ڪملا ديوي ۽ حرملا ديوي ھئا. ڪملا ۽ حرملا پنھنجي پيءُ راجا ڏاھر جي قتل جو محمد بن قاسم کان بدلو ورتو هو ۽ ھُو ان مھم ۾ ڪامياب بڻجي ويون هيون. حجاج بن يوسف جيڪو عراق جو گورنر ۽ محمد بن قاسم جو چاچو هو تنهن خود پاڻ ئي ڪملا ديوي ۽ حرملا ديوي جي فرياد تي پنهنجي ڀائٽي کي قتل ڪرايو ھڇڏيو ھو …! مٿي ڳالھ پئي ڪئي سنڌين جي عربن کان اڳ آسودگي جي جنھن جو ڪاٿو عربن جي لٽيل مال غيمت مان لڳائي سگھجي ٿو_ان وقت عربن ھڪ سوويھ ملين درھم جو مال ڦري لٽي سنڌين کان سنڌ مان حجاج بن يوسف ڏانھن روانو ڪيو ھو___پر عربن جي حالت سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڪيئن هئي؟؟___ جنهن مهل سنڌ پنهجي ڪلاسيڪل انداز ۾ دور گُذاري رهي هئي تنهن ئي وقت عرب زمانا جهالت ۾ رهندا هئا جنهن کان پوءِ حضرت محمد جهڙي هستي کين انهي وقت عربن کي گڏ ڪري کين ٻڌايو توهان سڀ هڪ آهيو ۽ توهان عرب قوم آهيو_جنهن کان پوءِ انهي ستين اٺين صدي ڌاري عرب گهرو لڙاين ۾ جنبي ويا هئا پر فتح مسلمانن جي ئي ٿي هئي جو انهن سان گڏ دنيا جي وڏي ۾ وڏي هستي جو ذهن ساڻ هو. ھلندڙ