مست
سينيئر رڪن
اسد علي ميرجت ڄامشورو
گرميءَ جي موسم جي هن ڏينهن ۾ هر جڳهه تي پاڻيءَ جي گهڻائي هوندي آهي، ۽ دريا ۽ واهه پيا اُٿلندا آهن پر افسوس آهي جو سنڌ جي لکين ماڻهن جي جياپي جي سبب بڻيل سنڌو نديءَ ۾ هينئر پاڻي نه هجڻ جي برابر آهي ۽ انهيءَ سان گڏ اَپر سنڌ کان وٺي سنڌ جي هيٺانهين علائقن ۾ مختلف واهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، وارابندي هجڻ، واهن ۽ شاخن جي پيٽ ۾ پاڻيءَ جي بدران واريءَ جو اڏامڻ هڪ عجيب مستقبل جو انديشو ڏسي پئي۔۔۔۔ جنهن سنڌو درياءَکي اسان سنڌي پنهنجي ماءُ ڪري ڪوٺيون ٿا، انهيءَ جي مٿان اڏيل ڪوٽڙي بئراج جي ذريعي جڏهن حيدرآباد وڃڻ ٿيندو آهي ته ٻنهيءَ پاسي دريا جي خالي ۽ اڌ خالي پيٽ کي ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ سنڌو امڙ اسان کان سوال ڪندو هجي ته ڇا " پُٽن جي هوندي ماءُ ايئن مرندي آهي“
حالت هي آهي جو هن موسم ۾ به سنڌ سرڪار، پاڻيءَ جي کوٽ جو سبب ڄاڻائي سنڌ جي اندر سارين جي پوک تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي ۽ ان جي ڀڃڪڙيءَ تي مختلف قسمن جو سزائون رکيون آهن۔۔ ان جو تازو مثال مان پنهنجي ڳوٺ درٻيلو ۾ ڏسي آيو آهيان، جتي وهندڙ شاخ سيهڙا مائينر گرميءَ جي هن مند ۾ به بلڪل خالي ڏسجي رهي هئي ۽ اتي مختلف چوڪن تي سنڌ سرڪار جي ان اعلان جا بينر لڳا پيا هئا۔۔۔
ان کان علاوه جيڪڏهن اخبارن کي ڏسجي ته روز سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف مظاهرا ٿين ٿا۔۔ جن ۾ ويچارا هاري پنهنجي ٻارن ۽ ننڍن ٻچڙن سان گڏ ”پاڻي ناهي ڇو ڀلا۔۔۔ ڪربلا ڪربلا ۔۔۔“ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي نظر اچن ٿا۔ انهيءَ نعري ۾ مونکي اُنهيءَ مهل سچائي محسوس ٿي جڏهن ٿر جي ويجهو هڪ ننڍڙي ڇوڪري پنهنجي ماءِ جي پٺيان، (جيڪا پاڻيءَجو انتظام ڪرڻ لاءِ ٻين سنڌي نارين وانگر 5 کان 10 ڪلوميٽر پنڌ ڪري وڃن ٿيون) وئي ۽ رستو ڀلجي اُڃ وگهي تڙپي تڙپي مري وئي۔۔۔ اهڙن واقعن جو مثال واقعي ڪربلا کان سواءِ ڪٿي نه ٿو ملي۔۔ اهڙن واقعن تي دل روئي ٿو ۽ دماغ سُن ٿي وڃي ٿو۔۔