سنڌ جي حسن ۽ بيهڪ تي ڪاهون_حصو ٻيو ڪوثر سنڌي عربن جي گڏجي قومي ٻڌي حاصل ڪرڻ کان پوء ۽ نبي سائين جي وصال کان پوءِ هو طوفان جيان ٻين قومن جي ڌرتين تي قبضا، لُٽ مار ۽ قتل گري ڪندا اڳتي وڌند ٿي ويا ۽ انهي وقت آخر ۾ دمشق جو هڪڙو گورنر حجاج يوسف خليفي عبدُلملڪ بن مروان کي خط لکي موڪليندو آهي ته “مونکي اجازت ڏيو ۽ فوج سان گڌ بعيتُلمال ما قرض ڏيو ته آءٌ سنڌ فتح ڪيان”_پر مروان، حجاج کي خط لکي جواب ڏيندو آهي ته هن مهل بعيتالمال ۾ خسارو آهي ۽ سنڌ کي اڳي به اسان ڪيترائي دفعي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سو اهو ھنئير نٿو ٿي سگهي”_ پر بعد ۾ زور ڀرڻ ۽ فتح جي حامي ڀرڻ تي خليفي حجاج قرض سان گڏ فوج به ڏني ۽ سنڌ تي حملي جي اجازت به ڏني. حجاج وري پنهنجي جوان ڀائٽي قاسم کي خط لکيو جيڪو ان وقت ايران ۾ موجود هو چيائينس ته “اچ توکي هڪڙي ملڪ کي فتح ڪرڻ لاءِ پيو موڪليان”_تنهن کان پو وڏي منصوبا بندي سان محمد بن قاسم جي نگراني ۾ عربي فوج کي سنڌ ۾ داخل ڪري سنڌ کي فتح ڪيو ويو هو_انهي ڪهاڻي کي بيان ڪرڻ جو مقصد اهو ته اردو تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي ڪتاب “سنڌ خاموشي ڪي آواز” ۾ هڪڙي ڳاله لکي ٿو ته عربن جڏهن سنڌ کي فتح ڪيو هو تنهن وقت هُنن جو خرچ ڇھ ڪروڙ درهم ٿيو هو ۽ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ تُرت سنڌ مُلڪ مان ٻارنهن ڪروڙ بعيتلمال ۾ جمع ڪرايا ويا هئا”_ هاڻي جي ڏسجي ته معنٰي ٻيڻ تي ھو سنڌ کي ڦري لٽي ويا _ عربن جو انهي وقت سنڌ ۾ اچڻ جو ڪارڻ تبليغ ڪرڻ يا اسلام کي نبي جي ڏسيل امن واري واٽ تي ڦهلائڻ نه هو پر انهي وقت وڌ کان وڌ پئسو هٿ ڪري عربي حُڪومت کي مظبوط ڪرڻ هو ۽ سنڌ تي عربن جي ڪاه جو ڪارڻ به سنڌ جي امير ۽ سرسبز زمين جو هجڻ هو جيڪو شايد انهي وقت عربن جي حُمڪرانن کي پاڻ تي حملي ڪرائڻ لاءِ هرڪائي رهي هئي_ پر تنهن باوجود به سنڌين زري گهٽ چوڏنهن دفعا عربن طرفا ٿيندڙ حملن جو دفاع ڪيو ۽ پنهنجي ڌرتي کي ڌارين جي هٿن ۾ اچڻ نه ڏنو_پر آخر ۾ عربن وڏي حڪمت عملين ۽ ان وقت جديد هٿيارن جي مدد سان سنڌ کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. ھاڻي سنڌين جي ان وقت جي آسودگي کي ڏسي اُھو انومان ڪڍي سگھجي ٿو تہ سنڌي ڪيتري قدر محنت ڪش ھئا ۽ آسودا ھئا!! ھلانڪي ان کان اڳ سنڪدر اعظم جن ماڻھن کي پنھنجي پويان ويهاريو هو تن بہ چڱو خاصو سنڌين کي ڦريو لٽيو ھو. سڪندر پاڻ ايران کان ويندي ڪٿي بہ ڪون ترسيو ھو ۽ جيڪي علائقا هو فتح ڪندو اڳتي وڌنڌو ويو تن ۾ هو پنهنجا ماڻھون پويان اتي ترسائيندو ويو_ان جو اصل مقصد يعني منزل مقصد ايرانين کي سبق سيکارڻ ھو ۽ پنھنجي يونان جي شھر اٿينس جو بدلو وٺڻو ھو__ڇو تہ ايران جي شھنشاھ دارا يونانين تي حملا ڪيا ھئا_پر انھن کي يونانين پوري طرح سان ناڪام بڻائي ڇڏيو هو جنهن بعد وري دارا جي پوٽي زرڪسيز پنھنجي ڏاڏي جي ناڪامي جي پلاند جو سوچي ان مقصد منزل کي افضل سمجھيو ھو__ سنڌي ۾ هن کي آريس لکيو ويو آھي. ھُن يونان تي ڪاھ ڪري يونان کي فتح ڪيو ھو…! سڪندر ان باھ جو پلاند وٺڻ ھليو ھو ايران کا جيڪو پڻ پراڻي پلاند پاڻڻ ۾ سوڀارو ٿيو هو. اُھو تفصيلي ذڪر پڻ ھيٺ ھن مضمون ۾ ڪبو ڳالھ پئي ھلي سنڌ جي آسودگي جي…! ڇو تہ سنڌ جي آسودگي ئي سنڌين جي ڏکن جو سبب بڻي آھي. ان جو ٻيو ڪاٿو شھنشاھ ايران دارا کي ڏنل خراج مان لڳائي سگھجي ٿو. ڇو ته دارا پرشن ايمپائر جو بنياد وڌو ھو_جنھن ۾ ان وقت جون کوڙ ساريو رياستون شامل ھيون. ان وقت دنيا کنڊن وغيره ۾ تقسيم ٿيل ڪان ھئي ۽ ان دور ۾ دنيا جي بيھڪ صرف رياستن ۾ ورھايل ھئي_جن رياستن ۾ لڳ ڀڳ ھڪ ھڪ رياست ۾ موجده حوالي سان چار کان پنج به ملڪ شامل ھوندا ھئا. ان سمي سنڌ ايراني بادشاه دارا کي ڪيترو خراج پيش ڪندي ھئي؟ اچو ته ان جو اڀياس ڪيون_ڇو تہ ان ڳالھ بابت پڪيون شاھديون موجود آھن تہ سنڌ ڪيتري قدر شاداب سرسبز ۽ آسودي ھئي!!! ايران جو مشھور مورخ “ھيروڊٽس” لکي ٿو تہ سنڌ ويھون ملڪ هو جيڪو شھنشاھ دارا جي ايامڪاريءَ دوران ملايو ويو ھو. ھن اسڪائي لئڪس کي حڪم ڪيو ھو تہ سنڌ ملڪ تي جاچ پڙتال ڪئي وڃي_وري ھڪ ھنڌ ھي سياح مورخ لکي ٿو تہ “سنڌ ايران شھنشاھت ۾ ڏن خراج ڏيڻ وارو اھم علائقو آھي جيڪو سون جا 360 ايوبائڪ ٽئلينٽ ادا ڪندو ھو. اُھو خراج ايران حڪومت ۾ شامل ھر علائقي کان تمام گھڻو ھو جيڪو ان وقت ڏھ لک اسٽرلنگ پاونڊ جي برابر ھو_جيڪو خراج سون طور ڏنو ويندو ھو”. اها سنڌ جي ڪيتري ان وقت جي شادابي ھئي_ان ڳالھ جو اندازو اسين اڄ ان مٿين مورخ جي شاھدي مان به لڳائي سگھون ٿا تہ سنڌ پنھنجي تجارت وسيلي ڪيترو سون ڪمائيندي ھئي؟___گھڻن محققن مورخن جو خيال آھي تہ سنڌ سون ڏيساور يعني ٻاھران ملڪن کان گھرائيندي ھئي جنھن ۾ چين، سريلنڪا، وغيره ان وقت شامل ۽ سرپرت ھيٺ لکجن ٿا. ان ڳالھ کان انڪار ناھي تہ ڪو سنڌ ٻاھران سون ڪون گھرائيندي ھئي پر سنڌ وٽ سون جو زخيرو پنھنجو ئي گھڻو ھو سنڌي پاڻ ئي پنھنجي مٽي مان سون دريافت ڪندا ھئا.! ڊاڪٽر “راڌا ڪمور” جو ليک آھي تہ سنڌ ڏانھن ڇھين صدي ق.م ۾ ايتري سون جو اچڻ سندس تجارت جي ڪري ئي ھو. ھي ملڪ ان وقت ساري دنيا ۾ ۽ خاص ڪري روم کي آرائشي سامان ڏيندو ھو_۽ اڪيلي سر شھنشاھ ايران دارا کي تمام وسيع ۽ گھڻو خراج ادا ڪندو ھو جيڪو سڀني ملڪن کان ملندڙ خراج جو ٽيون حصو ھوندو ھو. سون جي حوالي سان ها ڳاله به نشاندهي هيٺ اچي ٿي ته سنڌو ندي جي وهندڙ پاڻي مان به سون لڌو ويندو آهي جيڪو جفا ڪشي کان پوءِ ڪافي تعداد ۾ ملي ٿو. سنڌي ماڻھو اوائلي دورن کان وٺي پاڻ ئي سون دريافت ڪندا رھيا آھن ان ڳالھ تان اها دعوه به سامھون آئي تہ “سنڌي ماڻھون سنڌو درياھ مان سون دريافت ڪندا هئا ۽ اھڙيون پڻ کوڙ ساريون ڊاڪومينٽريون پڻ موجود آهن جن ۾ سنڌو جي پاڻي مان سون کي ڳوليندي ڏيکاريو وڃي ٿو_ وڌيڪ ان ڳالھ طرف ڌيان ڇڪائي سگهجي ٿو ته ڪجھ وقت پھريان ھندوستاني رليز ٿيل فلم موھن جو دڙي ۾ به سنڌو درياھ مان سون ڪڍڻ جا منظر ڏيکاريا ويا آھن”. ھنن ٻنهي مٿين ڳالھين ۾ سچ صداقت آھي ته سنڌ وٽ سون بہ لامحدود رھيو آھي_پوء اُھو تجارت وسيلي گھرايو ويو هجي يا خُد ھتان ڪڍيو ويو هجي__ان جو ڪريڊٽ وري بہ سنڌي ماڻھن جي محنت ڏانھن ئي وڃي ٿو_جيڪو اڳتي ھلي سنڌين کي شاداب خطي طور دنيا اندر مڃرائي ٿو. سنڌ جي شادابي ئي ھر طرح سان دارا کي موھي وڌو ھو_ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ڪونھي ۽ ان جو تاريخي ثبوت “ڊاڪٽر بريسٽيڊ” بہ ڏي ٿو ته “ايران جي شھنشاھ کي سنڌ جي وسيع تجارت بيچين ڪري ڇڏيو ھو ۽ ھُن اسڪائي لئڪس کي اھڙي مھم تي روانو ڪيو ھو” ۽ وڌيڪ چوڻ آھي تہ “دارا جي تدبير جي نشاني ھئي جو ھو اھو اھم ڪم ڪري وڏي سامونڊي طاقت بڻجي پيو ھو”_اسڪائي لئڪس تجربي ڪار ماھر جاسوس سياح ھو جنھن تقريبن اڍائي سالن کان مٿي پاڻي جي رستن جي جاچ پڙتال ڪئي ھئي. ان ڪري دارا ھي اھم ڪم ان کي سپرد ڪيو ھو. “ايم ايڇ پنھور” لکي ٿو تہ “اسڪائي لئڪس ڪاريڊا جو يوناني ھو___ڪاسپيپيرس يا ڪسبپور يعني پشاور کان ڪابل نديءَ ۾ سنڌو جي لھواري طرف سمنڊ ڪناري ڏانھن ھاڪارڻ شروع ڪيو ھو… ان کان پوءِ ھي عربي سمنڊ جو ڪنارو ڏئي 518 ق.م دوران ڳاڙھي سمنڊ پوءِ مصر پھتو ھو. اھو سفر ھن اڍائي سالن ۾ پورو ڪري 514ق.م ۾ موٽي ايران پھتو ھو. اسڪائي لئڪس جي سفر جو مقصد ھن کنڊ ۾ جيترا بہ ملڪ اچن ٿا انھن کي تجارتي حوالي مصر سان گنڍڻ ھو”. ھن ڳالھ ڪرڻ جو مقصد تہ اول جاسوسي ٿي ان کان پوءِ ئي دارا سنڌ جا ڪجھ علائقا فتح ڪيا بعد ۾ ھن سنڌ کي پرشن ايمپائر جو رڪن بڻايو ويو. ساڳئي طرح پوري ڄاڻ غور فڪر ۽ ڏس سان ئي عربن ديبل بندر تي پنھنجو لشڪر اچي لاٿو ھو. جنھن بعد ھُنن سنڌ جي ديبل شھر کي تباھ ۽ برباد ڪيو ھو__ھي حملو بہ ڏس پت کان سواءِ نه پيو ٿي سگهي_ان ڳالھ جي ساک “فتوح البلدان” جو مولف لکي ٿو تہ “عمان جي سامونڊي ڪناري کان سنڌ جي بندر تائين جي سفر جو سارو رستو عرب واپارين کي قديم دور کان ئي معلوم ھو تنھنڪري ابي العاص دليري جو مظاھرو ڪيو ھو ۽ عربن ديبل کي فتح ڪرڻ کان پوءِ نيرون ڪوٽ، برھمڻ آباد، سيوھڻ، اروڙ، ۽ ملتان جا قديمي قعلا فتح ڪيا ھئا”. عربن جو دور تاريخ ٻڌائي ٿي تہ 711ع کان 1020ع تائين رھيو يعني عربن، سنڌ تي اٽڪل ٽي سو سال پنھنجي حڪومت ڪئي جن پنھنجو گورنر سنڌ مٿان مقرر ڪري ڇڏيو ھو. جيڪو ھتان جي انتظام کي پنھنجي عربي طاقت جي زور تي ھلائيندو رھيو هو. نيٺ عربن جي پڄاڻي ٿي ۽ محمُود غزنوي جي فوجي سپھ سالار نالي عبدالرزاق، عرب گورنرن کي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو هو. تاريخ لکي ٿي تہ “محمود غزنوي سنڌ تي پنھنجي حڪومت يا ڏاڍ قائم ڪون ڪيو ھو پر عربن جي آمد کان پوءِ وري سومرن جي دور ۾ خلجي گهراڻي جا حملا شروع ٿي ويا ھئا. سنڌ کي ڄڻڪ حملا ڏاج ۾ مليا ھئا_ جو ھڪ حملي آور ويو ٿي تہ ٻيو وري سنڌرو ٻڌي ڪاھي پيو خلجي گھراڻي جا وار کائي سنڌ پنھنجو دود وڃائي ويٺي ۽ ٻاگهل ٻائي پنهنجي سنڌياڻي عزت جي رکوالي ڪري پاڻ ملھايو ھو. اُن سمي سومرا تاريخ ٻڌائي ٿي تہ نوان ھندن مان مسلمان ٿيا ھئا_اڳ سومرا ھندو ھئا عربي نسل جا طاقتور ماڻھون بہ وڏي انگ ۾ شامل ٿيا ھئا جين کي قرمطي سڏيو ويو هو___ عربن جي خلافت وارو دور جڏهن عروج کان بعد پنهنجي زوال طرف وڌيو تڏهن عربن جي اسلام اندر مختلف فرقن جو جنم ٿيو ۽ انهن جو ٺهڻ به خلفاءِ راشدين جي چوٿين خليفي حضرت علي جي شهادت کان پو ٿيو_جن ۾ وڏو فرقو عباسي هو ۽ انهي عباسي فرقي اندر وري مجوسي، فاطمي، قُرمطي ۽ نسوري جهڙن فرقن جنم ورتو جيڪي شِعه فرقي سان سلهاڙيل ئي رهيا هئا پر عباسين کي وري به انهي وقت ٺهندڙ فرقي قرمطين جي خلاف ايڪشن کڻڻو پئجي ويو هو اهو انهي لاءِ ته قرمطي فرقو حمدان قرمت نالي ماڻهو جي هڪڙي تخليق هئي جن ڪافي وقت کان پوءِ عراق ۾ پنهنجي الڳ ڪالوني ٺاهي مذهب کان باغي ٿي ويٺا ۽ اسماعيلي خليفن کي اها ڳاله نه وڻي_مزي جي ڳاله وري اها به هئي ته قرمطي مسلمانن جي وچ ۾ رهي ڪري ايران جي پراڻي زرتشت مذهب جي پرچار ۾ لڳي ويا هئا جنهن کان پوءِ اسماعيلي خليفن کي مجبورن قرامطين تي حملا ڪرڻا پئجي ويا هئا_قرامطين تي حملي ڪرڻ کان پو هزارن جي تعداد ۾ اهي ماڻهو پنهنجيون زندگيون بچائڻ لاءِ سنڌ ڏانهن ڀڄي آيا هئا_سنڌ ۾ اچڻ شرط ئي اهي قرامطي سنڌ ۾ گجرات کان ساموئي ۽ الور ۾ لڏي آيل سومرن سان ملجي هڪ ٿي ويا هئا ۽ جنهن کان پوءِ وري انهن منسوره ۽ بکر تائين پراڻين عربن جي گورنرن کي شڪستون ڏنيون جنهن کان پوءِ پري سومرن جي حڪومتون ٺهيون ۽ واڳون سومرن جي هٿن ۾ اچي ويون هيون. حالانڪه اسان جي سنڌ جي تاريخ ۾ اڄ تائين اسان کي سومرن جي اسرڻ جي به پوري تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي پر تنهن باوجود به سومرن جي دور تي ڪافي بعد جو مواد موجو رهيو آهي_سومرن جي دور ۾ سنڌ تهذيبي حوالي سان شاندار ملڪ رهيو هو ۽ عربن کان پوء سومرن جي دور ۾ سنڌي ٻولي کي به ڪافي هٿي ملي هئي ۽ ان سان گڏوگڏ اهي سنڌ ۾ ايندڙ قرمطي وري شاه ۽ سيد بڻجي پيا هئا جن کي سنڌ جي ڌرتي سان ئي چاه ٿي ويو هو ۽ آبهوا لحاظ کان هُنن هِن ڌرتي کي پنهنجي ڌرتي سمجهي هتي ئي رهڻ شروع ڪيو هو جيڪي هن مهل به سنڌ ۾ پاڻ کي سيد ۽ شاه سڏائين پيا جن سان ملي سومرن حڪومت جي ابتدا ڪئي ھئي. سومرا دور چوڏھين صدي جي وچ داري پنھنجا جوھر پورا ڪري ختم ٿي چڪو ھو. ھلندڙ