سنڌ جي حسن ۽ بيھڪ تي ڪاھون حصو ٽيون

'مختلف موضوع' فورم ۾ ڪوثر سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2018۔

  1. ڪوثر سنڌي

    ڪوثر سنڌي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2018
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    سنڌ جي حسن ۽ بيهڪ تي ڪاهون___حصو ٽيون

    ڪوثر سنڌي

    ان ڪھاڻي جي پڄاڻي پويا وري سنڌ تي سمن جو دور شروع ٿيو پر سمن کي بہ ڪي خاص مسرتون نصيب ڪون ٿيون . سمن جي دور ۾ ارغونن جي آمد پنھنجي جوھر ۾ ڏيک ڏيڻ لڳي ۽ ارغون ٺٽي کان ويندي سيوھڻ جي قديم قعلن تي پنھنجو راڄ قائم ڪيو هو. سمن کان بعد ترخانن جي دور ۾ فرنگي پورچوگيزن بہ سنڌ تي ڪاھ ڪئي جنھن جو مقصد بہ سنڌ جي آسودگي کي لٽڻ ڦرڻ ھو. سمن جي ھلدڙ دور ۾ يا ان کان پو ارغون وري ترخان آيا جيڪي مغلن جي تسلط هيٺ سنڌ تي سو سالن تائين قابض رهيا_۽ آخري حملي آور گورا انگريز انگلينڊ کان پنھنجا جھاز ڀري پھريان ھندوستان جي شھر صورت ۾ مغلن وٽ پهتا۽ بعد ۾ ھنن ھندوستان ۽ سنڌ کان ويندي پوري برصغير تي پنھنجو پرچم لهرايو هو. انگريزن جو برصغير ڏانھن اچڻ وقت جي بادشاھ مغل اعظم جھانگير جي حڪومت هئي جنهن سان واپاري ناتا قئم ڪري هو هندستان ۾ پير ڄمائڻ جي قابل ٿي ويا ها ۽ جنھن خُود انگريزن کي ھندوستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جو موقعو ڏنو هو. جڏھن تہ پھريان انگريزن پاران ايسٽ ايڊيا ڪمپني نالي ھيٺ ڪوٽي قائم ڪئي وئي. بعد ۾ ھنن پاران برصغير ۽ سنڌ جي علائقن ۾ ڪوٺيون قائم ٿيڻ لڳيون هيون جن جو مقصد صرف ھندوستان ۽ سنڌ توڙي برصغير کي لٽڻ ڦرڻ ھو. پر ھي سوغات وقت جي بادشاھ جھانگير جي غلط فھمي جي ڪري ئي برصغير کي نصيب ٿي ھئي.

    سنڌ جي تاريخ ۾ پوئتي ڇھين صدي ۾ سفيد لڪن چينن پڻ سنڌ جي صعنت تي ڪاھ ڪئي ھئي ۽ ھُنن سنڌين کي تائي تپائي ڏنو ھو__انھن سفيد لڪن جو وارو اڃان پورو ئي مس ٿيو هو تہ وري مڪران واري علائقي ڏانھن ايران جي نيمروز بادشاھ جي ڪاھ ٿي. ان صدي جي پڄاڻي تي راء گھراڻي جي راجائن پنھنجي حڪمت عملين سان راج ڪرڻ شروع ڪيو ھو. ان قت راجا سھيرس سنڌ جي علائقن جي دفعا لاء نيمروز سان منھن مقابل ٿيو هو. راجا وٽ ان سمي وڏي ڌن دولت ھئي_۽ ان وقت سنڌ جون سرحدو وسيع تر به ھيون__ھنن سنڌ کي چئن ڀاڱن ۾ ورھايو ھو ۽ انھن تي پنھنجا گورنر مقرر ڪيا ھئا. جيڙوڪ برھمڻ آباد، سيوستان، اسڪلنده ۽ ملتان__۽ انھن حصن تي مقرر وقت جا گورنر انتھائي ذھين ھئا جن جي ذھانت ايتري تہ وسيع ھئي جو ھو پنھنجي علائقن جي سرحدن جي خوب پاسيداري ۽ تحفظ ڪرڻ ۾ به ڀڙ ھئا. پر اوچتو مڪران کان نيمروز ايران جي بادشاھ جو لشڪر ڪاھي آيو__راجا سھيرس انھن سان وڙھندي وڏي بھادري ڏيکاري ۽ انھن جي آخر ھار ٿي.! صرف راجا سھيرس کي ئي تير لڳو جنھن سبب راجا سھيرس پنھنجي وطن جي دفعا لاء امرتا ماڻي فوت ٿي ويو.! نيمروز جو لشڪر ھار کائي واپس ٿيو تاريخ ٻڌائي تہ ايران طرفان اُھا سنڌ تي پھرين ڪاھ ھئي…!ڳالھ جو مطلب تہ ھرو دور ۾ سنڌ پنھنجي صنعتي مرڪز ڪري پنھنجي شادابي يعني آسودگي ڪري لٽبي رھي آھي.! جنھن جو تدارڪ اڃان ڪون ٿيو آھي ۽ اڄ تائين ساڳيو تسلسل برقرار آھي…!

    ھن سنڌ ديس جي آسمان تي اڄ بہ غاضب سوداگرن جي قھر جا ڪارا ڪڪر ڦرن پيا ۽ ھن ديس جي آسمان ۾ ڪو بہ خوشحالي جو رنگ نکرندي نظر ڪون ٿو اچي__ھن ديس ۽ ھن مٽي جي فضائون ۾ اڄ بہ قديم پراڻا دردن جا سرٻاٽ محسوس ڪري سگھجن ٿا. مان ڀُلجي قديم دور ۾ پڳي آھيان پر مونکي ڪا اُپرائي محسوس ڪان پئي ٿئي!! منھنجي ذھن کي ھي سڀ ڳالھيون فقط پنھنجائپ ئي محسوس ڪرائين ٿيون … ڇو تہ ھن ديس جي مٽي ۾ مدفون ٿيل منھنجي جھانگئيڙن ماروئڙن جا ئي مڙھ دفن ٿيل آھن__ جن جي پنھنجائپ ئي آھي جيڪا مونکي پراڻي تاريخ سان لھ وچڙ ڪرائي پئي ۽ ھن ديس جي مٽي ۾ ئي منھنجي وڏڙن جون ئي قبرون آھن_جن واري واري پنھنجي سنڌ وطن جي دفاع لاء وقت جي وڏين وڏين غاصب قومن سان پنھنجا سينا تاڻي امرتا ماڻي__ مان پنھنجي ھن عمر ۾ گھڻائي تاريخ ماڳ اکين سان وڃي ڏٺا آھن__سچ پڇ مونکي ھر سنڌ جي تاريخي ماڳ مان وڏي آسيس خوشي ۽ راحت ملي آھي___ان جو ڪارڻ صرف اُھوئي آھي جو ھي ڌرتيءَ منھنجي پنھنجي آھي__منھنجو جنم بہ ان مٽي مان ٿيو آھي جنھن مٽي ۾ مدفون ٿيل منھنجا اباڻا آھن__ھا مان دراوڙ آھيان مونکي ان قوم تي فخر آھي ڇو تہ ھو عظيم احساس رکندر پيار پريت رکندڙ، ماڻهپو ۽ ويساھ رکندڙ قوم ھئي ۽ آھي__جنھن جا مثال دنيا جي ڪتابن جي ھر دور جا زينت بڻيا آھن. اُھو پيار ۽ ويساھ ئي ھو جنھن وقت جي بادشاھ کي مجبور ڪيو ۽ جنھن ٻيجل کي پنھنجو ڪنڌ ڪپي ڏنو ھو__۽ پنھنجي واعدي تان خوشي خوشي قربان ٿيو ھو__جئين ڪا ڪنوار ڳھ ڳٽن سان سجايل نظر ايندي آھي ھي منھنجي ڀومي بہ آزاد دورن ۾ اھڙي ئي سجايل ھوندي ھئي.! پر ھن ڌرتيءَ جي ھڪڙي خوشنصيبي بہ آھي تہ ساڳئي طرح ھن جي ھڪڙي بدبختي بہ آھي.! جھڙي طرح خدا ھن ڌرتيءَ کي سنواريو سينگاريو آھي ساڳئي ريت وقتي فاتحن ھن جي سونھن جي عصمت زري به ڪئي آهي.

    ڀلا ان ڌرتيءَ جي ماڻھن تي ڪھڙيون ميارون ڏجن جن ھزارا سال تاريخ جي آرسي ۾ موجودا دور تائين ڌارين جي 11000حملن کي منھن ڏنو ھجي .جن ڪڏھن بہ نگن ۽ دنگن تي ڪنھن به غير جي ميري اک برداشت نہ ڪئي ھجي. آئون ان سنڌ جي زخيز مٽي يعني مھراڻ واڌي جو ھن مضمون ۾ مٿي ذڪر ڪري آئي آھيان ۽ ھيٺ ذڪر ڪرڻ ٿي چاھيان_جنھن مٽي جي ماڻھن ينعي دراوڙن جي ديس تي تاريخ ۾ يارنھن ھزار حملا ٿيا هجن ۽ ان حملن جو مقصد صرف سنڌ جي شادابي لٽڻ رهي هجي_ ڇو تہ ھي دراوڙن جو ديس ازل کان ھر لحاظ سان مالامال ۽ سَرشار خطو رھيو آھي. جڏھن بہ دنياوي لٽيرن کي بک تپايو تہ انھن ھن شاد باد خطي ڏانھن رک ڪيو__جڏھن تہ 7000ق.م يا ان کان بہ اڳ جي دور ۾ جتي دنياوي خطن جا ماڻھون جھنگلن ۾ زندگيون پئي بصر ڪيون_ان وقت سنڌ خود پنھنجي تھذيب سان مالا مال خطو ھيو جنھن دنيا کي تھذيب يافته بڻائڻ جا ڳڻ سيکاريا ها ۽ دنيا اندر جتي ميسوپوٽاميا جهڙي قديمي شاندادر تھذيب طور سڃاتي يدي ھئي سا به سنڌو جي سڀيتائن جي برابري کان ڪوهين ڏور هئي__ان جو ذڪر آئون مٿي بہ ڪري آئي آھيان تہ اسين ان کان بہ وڌيڪ تھذيب يافتہ ۽ امن پرست ھئاسين…! اسان کي مسوپوٽاميا جي آثارن مان سنڌ جي موھن دڙي جون گھڻيون ئي نشانيون مليون آھن جن مان اسين اندازو لڳائي سگھون ٿا. تہ سنڌ فن فڪر ۽ ڪاريگري ۾ اوائلي دورن کان وٺي ناميار طور رھئي آھي. جڏھن تہ ھي ساڳئي ڌرتيءَ ئي آھي جنھن دنيا کي ڦيٿو ٺاھڻ سيکاريو ۽ ان کان اڳ دنيا کي ان بابت انومان بہ ڪون ھو دنيا اندر شترنج واري راند به هتي کيڏي ويندڙ هئي_ ۽ ها اُُھا راند به موھن ماٿري ۽ درواڙن جي ديس جي ايجاد ڪيل آھي جيڪا وڏي پيماني تي دنيا اندر اڄ تائين کيڏي وڃي ٿي. جنھن جا اصل وارث دراوڙ ئي آھن ھن. درواڙن جي ديس يعني مھراڻ واڌي جي زخيز مٽيءَ ۽ ان جي خوشحالي لاء “رچڊ برٽن” لکيو آھي تہ “ھي ڌرتيءَ اميدن ۽ آسرن جي سرزمين آھي”.

    سنڌو سڀيتا موھن ماٿري جو دور اسان کي تاريخ مان 7000ق.م کان ملي ٿو ھن ڌرتيءَ کي مختلف نالن سان پڪاريو ويو آھي جئين ھندوستان جي ڪتابن ۾ سپت سنڌ تہ وري ڪڏھن سنڌوديش ويدن ۾ ھن کي سُڪر ۽ سڻائي واري سدوري ڌرتيءَ طور لکيو ويو آھي…! سنڌ وٽ قديم ماڳ صرف موھن دڙو ئي ناھي جڏھن تہ ان سان گڏ ٻيا بہ کوڙ سارا قديم آثار موجود آھن جئين جھڪر جو دڙو آمري وغيره جا دڙا به ھن سنڌ جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ ھن جي جاگرافيائي بيهڪ رهيا آهن. ان بابت اسان وٽ تاريخي ٺوس ثبوت موجود آھن “ليفٽيننٽ جان ورڊ” جو تاريخي بيان اسان جو ان طرف گھڻو ويساھ بحال ڪرائي ٿو جنھن بيان ۾ جان ورڊ ھن ريت مخاطب ٿئي ٿو تہ “سوين ٻيڙيون اچي سنڌو جا بندر پٽينديون آھن ۽ اھڙي ريت سنڌو سڀ کان سولو سستو ۽ وڌيڪ محفوظ تجارت جو ذريعو آھي”_اوسي پاسي جا سڀئي ملڪ ھيڏانھن پنھنجا واپاري ٻيڙا موڪليندا ھئا جان ورڊ جي بيان ٻڌڻ کان پوء ذھن سڌو سئنون پنھنجي قديمي امن ڏانھن ھليو وڃي ٿو. جيڪو دراوڙن جي ديس جو اھم ۽ وڏو مثال رھيو آھي تہ ھو دنيا اندر وڏا امن پرست رھيا آھن. ساڳيو دراوڙن وارو تسلسل اڄ ڏينھن تائين مشھور آھي___اُھو پڻ مشھور آھي تہ “سنڌين ڪڏھن بہ تاريخ ۾ ڪنھن ٻئي ملڪ يا ڌرتيءَ تي نت يعلغار ڪئي ۽ نہ ئي ڪنهن ڌرتيء مٿان ڪو حملو ڪيو”_ جيڪو خيال دنيا کي سوچڻ تي مجبور ڪري اُھو مڃائي ٿو وٺي تہ سنڌ امن پرست رھي آھي ھتان جي ماڻھن ۾ صرف محبتن جو ئي ماڻپو رھيو آهي_جنھن جي ھاڪ دنياوي ملڪان ملڪ ڳائبي رهي آھي
    پر ان پيار، محبت، ماڻهپي ۽ ميزباني جي بدولت سنڌ کي ڇا ڇا نہ ڏسڻو ۽ سهڻو پئجي ويو. ھالانڪي اسان جو مشھور نقطو اسان وٽ اُھو آھي جو اسين تھذيب يافتہ امن پرست خطي جا رھواسي رھندا آھيا آھيون_جنھن جو مثال اسين صرف محدود سوچ آھر موھن دڙي جو ڏيندا آھيون تہ “اسان جي موھن دڙي مان جڏھن کوٽائي ڪئي وئي تہ ان مان ڪنھن بہ قسم جا ڪي بہ جنگي ھٿيار نہ مليا جيڪا دعوا پڻ جان مارشل خود به ڪئي هئي”__بيشڪ ان دعوا ۾ وڏي صداقت ۽ سچ شامل آھي جنھن کان اسين انڪار ڪري ئي نٿا سگھون پر ان ڳالھ کي ڇڏي ڪري اسين جيڪڏھن اھڙا ٻيا امن وارا مثال سنڌ خطي اندر ڳولھينداسين تہ گھڻا ئي ملندا جنھن لاء اسان کي پنھنجي سوچ جو دائرو تمام وسيع ڪرڻو پوندو. ھن خطي جو چڱي ريت اڀياس ڪرڻو پوندو جنھن ۾ خاص ڪري ھتي آيل پرڏيھي واپارين ۽ سياحن جي لکڻين جو مطالعو ڪرڻو پوندو_ڇو تہ انھن جو سنڌ ڏانھن رک ڪرڻ ان ڳالھ جي پڪي شاھدي آھي ته سنڌ تھذيب يافتہ ۽ ھڪ پر امن خطي طور قائم رھئي آھي. پر صرف انھن جي آمدرفت تفريح ۽ وڻج واپار مان اندازي سان ان ڳالھ جي شاھدي بہ گھڻي ڀاڱي قابل قبول گھٽ ڪئي ٿي وڃي ان ڪري ان لاء مثال آئون ھتي رکنديس جيڪي تاريخي محققن سنڌ جي سيرو سياحت کان پوء لکيا آھن.

    البت مٿين ڳالھ مان بہ اسين سٺو انومان ڪڍي سگھو ٿا تہ ڏيساور کان سنڌ آيل يورپي توڙي ٻين ملڪن جا واپاري امن امان جو ٻڌي سنڌ ڏانھن رک ڪندا ھئا_جنھن ڳالھ ۾ بلڪل وزن آھي ڇو تہ واپارين کي ھڪ تہ پنھنجي جان جو اڊڪو ھوندو آھي ته ٻيو وري پنھنجي سامان جو__ھو صرف انھن ئي ملڪن ڏانھن سامان کڻي نڪرندا آھن. جتي امن ھجي_جتي انھن جي جان مال جي حفاظت ھجي ۽ عام ڳالھ ته “ھُئن بہ ھر انسان کي ھڪ تہ پنھنجي جان پياري ھوندي آھي ۽ ٻيو پنھنجو پيسو جنھن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناھي”_تنھن ڪري اُھو بنا روڪاوٽ جي چئي سگھجي ٿو تہ سنڌ وطن وڏو امن وارو رھيو آھي. ھندوستاني ليکڪ “چيتن لال ماڙيوالا” لکي ٿو تہ “اسڪائي لئڪس، سڪندر اعظم، عرب جاگرفيدانن، يورپين، واپارين ۽ ميرن جي ڌرٻار ڏانھن موڪليل انگريزي، سفيرن ۽ پوليٽيڪل ايجنٽن جي متفق راء آھي تہ سمنڊ کان وٺي اترين ملڪن تائين سنڌو وسيلي آمدرفت ھلندي ھئي”. بلڪل چيتن لال ماڙيوال جي ڳالھ برحق سچ تي مبني آھي__جو
    سنڌ ايشائي تجارتي مرڪز جو اھم ڦاٽڪ رھي آھي جنھن ڳالھ جي صداقت قديم سنڌ جي ماپ يعني نقشي ۽ جاگرافيائي بيھڪ مان باآساني معلوم ڪري سگھجي ٿي__ڇو تہ ان پراڻي قديمي سنڌ جي ماپ يعني نقشي مان سنڌ جي ٻين ملڪن سان رستن جي ھم ڪلامي ڳولھي لھي سگھجي ٿي.

    ھلندڙ
     
    يوسف جميل لغاري ۽ ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي
  2. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه

هن صفحي کي مشهور ڪريو