"ساگر" جي جنازي ۾ ماڻهن جو ساگر اُٿلي پيو #ساگر " وٽ لفظن جو ساگر هو، هي هڪ سٺو مقرر، ليکڪ هو، هي لطيف جو پارکون هو، هي جسقم جو نظرياتي اڳواڻ ۽ ڏاهو دانشور هو، پھرين آگسٽ جي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ رات جو هڪ ڏيڍ بجي ڌاري هن جي طبيعت خراب ٿي کيس نوشهروفيروز جي سيول هاسپٽل پهچايو ويو، ڊاڪٽرن جي طبيعت ۾ بهتري نه ڏسي وارثن کي نوابشاه هاسپٽل وڃڻ لاءِ چيو ساگر کي نوابشاه نيو پئي ويو ته هن جو دم ڌڻي حوالي ٿيو، ۽ اهڙي دردناڪ خبر رات کان صبح جي سج اڀرڻ تائين سڄي سنڌ ۾ پهچي وئي. صبح جو سوير هر ماڻهو جو سفر پڊعيدن ڏانهن روان ٿيو، ساگر سياسي اڳواڻ سان گڏ علمي ادبي شخصيت به هو، سندس ڪيترائي مضمون مخلتف موضوعن تي اخبارن، ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن، جن کي سهيڙي ڪتاب جي شڪل ڏيڻ ضروري هوندو، سندس پوئيرن ۾ ٻه نياڻيون رچنا ۽ ورکا آهن ساگر کي پٽ جو اولاد نه هو، پر اصل ۾ هڪ ليکڪ ۽ آدرشي انسان لاءِ سندس ڪتاب به اولاد وانگي هوندو آهي، تنهن ڪري ساگر، پٽ جي نيشاني جي جڳھ تي اسان لاءِ هڪ خوبصورت ڪتاب "پيار ۽ آزادي" ڏئي ويو آهي، جيڪو اسان کي سدائين "ساگر" جون يادون ڏياريندو رهندو. "ساگر" 1969 ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ صاحب خان بڙدي ۾ پنهنجي والد صاحب خان بڙدي جي گهر ۾ جنم ورتو، هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي بعد ۾ نوشهري فيروز ۾ پڙهڻ بعد وڌيڪ تعليمسنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ۾ حاصل ڪئي، "ساگر" 15 سالن جي عمر ۾ ساگر پارٽي کان قومي سياست جي شروعات ڪئي، 1995 کان جسقم ۾ رهيو، هي جسقم جي مرڪزي باڊي ۾ پريس سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي رهيو, هي جسقم ۾ سدائين متحرڪ ۽ سرگرم رهيو، هن جون سنڌ ۽ سن واري سيد جي عشق ۾ ڪيتريون ئي قربانيون هيو، پر سندس هڪ قرباني سندس عشق ۾ نکار پيدا ڪيو، جڏهن ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪراچي پريس ڪلب تي جسقم چيئرمين بشير خان قريشي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو اعلان ڪيو ته سڀني کان پهرين ساگر حنيف بڙدي پنهنجو نالو لکرايو ۽ اها بک هڙتال 32 ڏينهن جاري رهي، اهڙي طرح ساگر، سنڌ جي عشق ۾ 32 ڏينهن بک کاٽي پنهنجو رت سُڪائي ان ڌرتي سان ماءُ سان نڀايو اڄ هو جنهن ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ وڃي آرامي ٿيو آهي، هن فقير منش انسان سان منهنجي جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد_حيدرآباد ۾ سدائين ڪچهري ٿيندي هئي، شهيد بشير خان قريشي جي دور ۾ هن کي مون سدائين شهيد سان گڏ ڏٺو. هاڻي جڏهن هي پارٽي اليڪشن ۾ جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان هارائي ويو هو، ان کان پوءِ به هن يار سان مخلصي ۽ پنهنجائپ وارو رشتو قائم رهيو، مان جڏهن به پريس سيڪريٽري جي حيثيت سان جسقم ميڊيا سينٽر تي ويندو هُس ته اگر ساگر، موجود هوندو هو ته هي اُٿي پنهنجي سيٽ تي ويهاريندو ۽ چوندو هو هاڻي هي سيٽ توهان جي آهي، قومي تحريڪ ۾ جتي پيار، محبت ۽ مخلصي آهي اُتي تلخ رويا ۽ بيرخيون به موجود آهن، جنهن سبب قومي تحريڪ انتشار ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿيندي رهي آهي، پر منهنجي مخلصي ۽ پنهنجائپ جي روي سبب ساگر آخري دم تائين ميڊيا سينٽر سان ناتو نه ٽوڙيو، اڄ به هڪ ڪمرو ساگر وٽ هو. ساگر جو وڇوڙو سمنڊ ۾ خاموشي آهي. پڊعيدن ۾ سندس جنازي ۾ به ماڻهن جي تعداد کي ساگر چئي سگهجي ٿو، قومي تحريڪ جي حسناڪي ۽ رويات مطابق سڄي سنڌ ساگر جي آخري ديدار ۽ آخري ملاقات لاءِ اچي پڊعيدن ۾ گڏ ٿي هئي. هر اک آلي ۽ غمگين نظر آئي، هر چهرو اُداس ۽ پيلو نظر آيو، ساگر جي تدفين پڊعيدن ۾ فتح فقير جي درگاھ تي قومي ۽ مذهبي رسمن سان ڪئي وئي، سندس آخري سفر ۽ ديدار لاءِ پڊعيدن ۾ سن جي سيدن مان سيد منير حيدر شاه ڀهتو، جنهن سان مان ۽ امان الله شهاڻي گڏ هئا سين جڏهن ته پڊعيدن ۾ مونکي جسقم جو سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، ايڊووڪيٽ ڪيهر انصاري،مومن سمون ،ڏاڏو اطهر سومرو ،ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌي ادبي سنگت جا اڳواڻ سائين تاج جويو، آزاد انور ڪانڌڙو، جسقم آريسر جو قائم مقام چيئرمين امير حسن پنهور، اسلم خير پوري، سرمد ميراڻي، سنڌ لبرل فرنٽ جو چيئرمين نواز خان زنئور، جست صفدر سرڪي جي فتح چنا، جست شفع ڪرناڻي جو سورنهن سنڌي،صوفي سنڌ جو سربراهه آڪاش ملاح سميت هزارين ماڻهن جو ساگر (سمنڊ) نظر آيون، ساگر هر ماڻهو سان راڻا ۽ مٺا چئي مخاطب ٿيندو هو، ساگر حنيف جيئن ته لطيف جو پارکو هو، هن جي ڪچهري ۽ تقرير لطيف جي شعرن سان ڀرپور هوندي هئي. تنهن ڪري آخر ۾ هن کي لطيف جي بيتن جي ڀيٽا پيش ڪرڻ ضروري آهي، جان جان هئي جئري ورچي نه ويٺين، وڃي ڀون پيٺي، سڪندي کي سڄڻين. يا اثر هي شعر پاڻ چوندو هو ته جا ڀون پـيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين، ڌنگ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺا سون، ڏينهن مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي. هي شعر به وڏي روانگي سان چوندو هو هلو هلو ڪورين،نازڪ جنين نيهن، ڳڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا. واقعي هي يار اڳڻ وارو هو ڇنڻ وارو نه هو اهيو ئي سبب هو جو هي ساه جي آخري هڏڪي تائين شهيد بشير خان قريشي جي قافلي سان گڏ رهيو. ڪيترا آيا ويا جسقم کي ڇڏيندا ويا پر هن جسقم کي پارٽي نه پر پنهنجي ماءُ سمجهو جو پارٽي جي ادارن ۾ سخت تلخيون هوندي به ادارن کان ٻاهر وري ساڳو مخلصي، پيار ۽ محبت وارو رويو برقرار رکيو. هي صوفي منش انسان چوندو هو صوفي ڌوئي صاف ڪيو ورڪ وجود جو، تهان پوء ٿيون، جئري پسڻ پرين جو. هن جي اندر جو ورڪ صاف هيو، تنهن ڪري هي سڀني سان پيار ۽ پنهنجائپ وارو رويو رکي ملندو هو. لطيف جي هن سٽن تي به هن عمل ڪيو هو چوني تون م چئو واتان ورائي. اڳ اڳرائي جو ڪري سو ئي خطا کائي. ڪڏهن ڪڏهن هن کي ڳالهائي به وينداسين هئاسين پر هي لطيف جي مٿين سٽن تي عمل ڪندو هو. ها هي ائين به چوندو هو سڄڻ ۽ ساڻيھ ڪهن اڻاسيءَ وسري. حيف ھوءِ تن کي وتن جن وساريو. (شاھ) اڄ ساگر سنڌ کان موڪلائي ويو آهي، کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ واري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪري سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي سلامي پيش ڪئي آهي. اڄ سندس ٽيجهو آهي، سندس ٽيجهي تي هڪ دفعو وري سڄي سنڌ گڏ ٿي، سندس ساروڻيون ساريندي. ان موقعي تي اهو ضرور چوندس ته ساگر جي نياڻي رچنا ۽ ورکا جي پارت اٿوَ، هنن جو پي سڄي عمر سنڌ عشق ۾ گذاري ويو. سندس نياڻين جي مٿي تي هت رکڻ ۽ وارثي ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي. وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو... ديدار شام (پڊعيدن پهرين آگسٽ 2018)