سنڌ جي حسن ۽ بيھڪ تي ڪاھون حصو چوٿو

'مختلف موضوع' فورم ۾ ڪوثر سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2018۔

  1. ڪوثر سنڌي

    ڪوثر سنڌي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2018
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    سنڌ جي حسن ۽ بيهڪ تي ڪاهون____حصو چوٿون

    ڪوثر سنڌي

    ٻئي وڏي ڌيان ڇڪائيندڙ ڳالھ سنڌ جو سنڌو درياھ آھي جنھن وسيلي سنڌ ٻين کوڙ سارن ملڪن سان آمدرفت جا پيچ جوڙيا ھئا. قديم زماني کان وٺي موجوده وقت تائين تجارت کان ويندي سيرو سياحت تائين ھن خطي جي ماڻھن سنڌو درياھ کي قطب آندو آھي. قديم تاريخ ۾ اسان کي گھوڙن اُٺن ۽ ھاٿين جو ذڪر ملي ٿو جيڪي سفر طور استعمال يا سامان طور استعمال ڪيا ويندا ھئا. ٻيو اسان کي ٻيڙا ملن ٿا_جيڪي پاڻي وسيلي جھاڳ ڪري پنھنجون منزلون ماڻيندا ھئا_تنھن ڪري دنيا جا ملڪ يا ھي سنڌي اٺ گھوڙ ھاٿي کي گھٽ قطب آڻيندا ھئا ۽ ٻيڙين وسيلي پاڻي واري رستي کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا ھئا___ڇو تہ ان سان وقت تمام گھٽ لڳندو ھو ۽ اھڙن پاڻي واري رستن مان سنڌو درياھ اھم ھو جيڪو ٿيبز کان وٺي ٺٽي تائين پنھنجي ٻاروتڻ کان ٿيندي جواني ۽ ويندي پوڙھائپ تائين يعني پڇڙي تائين تياڳ ڪري ٿو. اھو رستو وڏو ڪارائتو ھو جنھن ڪري وقت تمام گھٽ لڳندو ھو_ ٻي اھم ۽ خاص ڳالھ تہ سنڌو ڌرياھ وچ سنڌ يعني سنڌ جي سينڌ مان وھي ٿو جنھن سان پڻ سنڌ آمد رفت جو سولو وسيلو ھو ۽ ھن سنڌو وسيلي واپارين کي مال ڦرجڻ جو ڊپ اڊڪو ڪون ھوندو ھو جنھن ڳالھ مان وڌيڪ امن جي ڳالھ واضع ٿي وڃي ٿي.

    تمام پراڻي تاريخ ۾ سنڌ کي پنهنجا پنج دريا هئا__پنھنجو سمنڊ ھو اُنهي کا علاوع سنڌ قدرتيءَ طور اهڙي خطي تي قائم ٿيل آهي جتان دنيا جي تقريبن مُلڪن سان باآساني وڻج واپار قائم ڪري سگهجي ٿو__ان کان اڳ تاريخي معلومات مان پڻ معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ پنھنجي قديمي تجارت مان پوري دنيا سان تجارتي مرڪز حوالي ھم ڪلامي رھي آھي. سنڌ ڪائنات جي اھڙي خطي تي موجود آھي جتان ڏيساور جي سڀني ملڪ سان باآساني وڻج واپار ڏيتي ليتي ۽ آمدرفت ڪري سگھجي ٿي_قديم دور ۾ سنڌ جو حدون ھاڻوڪي حدون کان انتھائي وسيع ھيون ۽ تاريخي پسمنظر ۽ جاگرفيائي جي آرسي يعني آئيني ۾ سنڌ جو سرحدون تمام بالا ھيون. ان سمي سنڌ جو سرحدون اتر طرف کان ڪشمير تائين پکڙيل ھيون تہ وري ڏکڻ طرف کان سورت تائين پکڙيل ھيون__ جڏھن تہ اوڀر واري پاسي کان سنڌ جون سرحدون قنوج تائين ۽ اولھ کان مڪران تائين مقرر ھيون__جيئن انڊين اوشن هرموز واري پٽي سُڪي رستي ايران پنجاب هندستان کان ويندي يورپ جي مُلڪن تائين روڊ رستن وسيلي پيادو سفر ڪري سگهجي پيو يا ٿو!

    ساڳئي طرح سنڌو درياھ وسيلي سنڌين جو دنيا جي خطن سان يا دنيا جي خطن جو سنڌ سان واپار قديمي آھي ۽ سنڌي ماڻھو تازا وپاري ڪان بڻيا آھن_سنڌي لوڪ چوڻي تہ “ڪو لئي مان لٺ ڀڃي ھي سنڌي واپاري ناھن بڻيا” ۽ اُھا چوڻي ھر ڪم طور سنڌين ڪتب آندي آھي جنھن چوڻي مان پڻ اُھا شاھدي ملي ٿي تہ سنڌين جو وڻج واپار گھڻو قديمي آھي_سنڌ جي تجارتي تاريخ جو تاريخي آئيني ۾ احوال پراچين سمي سان لاڳاپيل ملي ٿو. جنھن ڳالھ جو ٺوس ثبوت قديم تذڪرن ۾ اسان کي گھڻي ڀاڱي نمايا ملي ٿو. ھن سنڌ خطي جي تاريخ ڪا نئين تاريخ ناھي بقول “مسٽر راکل داس بئنرجي” جي ته “موھن ڌڙي جي کوٽائي سنڌ جي ثقافت کي دنياوي خطن ۾ وڌيڪ روشناس بڻايو”_ ھالانڪي سنڌ تہ قديم دور کان دنياوي خطن ۾ مقبول رھي آھي جنھن جا تذڪرا دنياوي ڪتابن ۾ پڻ نمايا آھن. جڏھن “مسٽر راکل داس بئنرجي” موھن جي ڌڙي جي کوٽائي ڪري ثقافت کي اڀاريو تہ مٿس گم ٿيل ثقافت کي وڌيڪ چار چنڊ لڳي ويا__سنڌ خطي جي تھذيب کي گھڻن پرڏيھي محققن مصر ۽ ميسوپوٽاميا جي تھذيبن کان بہ اوچي لکي آھي “جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ سنڌ پنھنجي تھذيبي جوھر ۾ قديم دورن کان مالا مال رھي آھي”.

    “ڪئپٽن مئڪمرڊو” ھي اُھو تاريخدان آھي جنھن ھن سنڌڙي تي تمام گھڻي تحقيق ڪئي آھي ھي ٻڌائي ٿو تہ ھن “سنڌ خطي يعني ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيھڪ تجارت لاء نھايت اھم آھي”_ھي وڌيڪ ٻڌائي ٿو تہ “سنڌ جو وڻج واپار ھندو دور ۾ وڏي عروج تي پھتل ھو”_ يقينن ڪئپٽن مئڪمرڊو جي ھن شاھدي مان سوچ اڃان وڌيڪ سگھاري ٿي وڃي ٿي تہ جيڪڏھن ھندو دور ۾ ھتان جو وڻج واپار عروج تي پھتل ھو تہ ان کان اڳ گُھڻو اڳ ھي واپار ھلندڙ ھو. ھُئن بہ اھم ڳالھ اُھا ڌيان ڇڪائي ٿي تہ ھتان جا واپاري دنياوي خطن ۾ هر دور ۾ پکڙيل رهيا آهن. سنڌي واڻين جو دنيا جي ھر خطي ۾ ملڻ اٽل آھي اُھا ڳالھ وڌيڪ ڌيان طلب آھي تہ سنڌي اوائلي دورن کان دنياوي خطن سان تجارتي لاڳاپا رکندڙ آھن.

    ھن خطي جي حسناڪين ئي دنيا کي موھي وڌو ھو_ڇو تہ ھن خطي وٽ جياپي لاءِ موجود وڏو ذخيرو ھو کاڌ خوراڪ کان ويندي لباس وغيره تائين ھن خطي وٽ پنھنجون وسيع صنعتون موجود ھيون. جنھنجو مثال کڻي با آساني ٺوس ثبوت طور پيش ڪري سگھجي ٿو ھن خطي جي شادابي ئي هئي جنھن ڪري ھن کي وقتي سزائون ۽ ڀوڳنائون ڀوڳرايون__ڇو تہ ھي ڌرتيءَ ھر لحاظ کان وڏي مالا مال ۽ سرشار رھئي آھي. ھن ملڪ تي ڪاھون جو اصل محرڪ ھن خطي جي شادابي ئي آھي_ان جو شاھديون پرڏيھي واپارين ئي وقتي فاتحن کي ڏيون آھن جيڪي ڏيساور کان اچي سنڌ جي بندرگاھن تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ وڻج واپار لاء سنڌ ۾ داخل ٿيندا ھئا. سنڌ صنعتي طور پوري دنيا ۾ 3000 ق .م کان ئي وٺي مقبول رھئي آھي 3000 ق.م وارو دور موھن دڙي جو عروج وارو دور ھيو. جنھن دور ۾ موھن دڙي کي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي تجارت جو مرڪز سمجھيو ويندو ھو جتان ڪپڙو وغيره دنياوي خطن ڏانھن واپار طور موڪليو ويندو ھو. اُھو سلسلو تجارت جو 3000 ق.م کان وٺي اڄ تائين ھلندڙ آھي__مٿي لکيو اٿم تہ ڪاھون وقتي پرڏيھي واپارين جي چُرچ تي ئي ٿيون_جڏھن پرڏيھي وپاري سنڌ ايندا ھئا تہ ھتان جي مڙني صنعتن بابت ڄاڻ پڻ ھٿ ڪري وڃي وقتي فاتحن کي سڻائيندا ھئا .

    سنڌ سان قديم دور ۾ دنيا ڪھڙي شين جي ڏيتي ليتي ڪندي ھئي ۽ سنڌ وري موٽ ۾ انھن سان ڪھڙي شئين جي واپاري ورڇ ڪندي ھئي؟ اچو تہ اول ان شئين جو اڀياس ڪيون تہ سنڌ دنيا جي ڪھڙن ملڪن سان واپار ڪندي ھئي انھن مان ڪجھ ملڪن جا نالا هي آهن__ھندوستان، ايران، افغانستان، خراسان، يمن، فارس، ايراني نار وارا سڀئي ملڪ، يورپي سڀئي ملڪ، روم، مصر يونان، نيشاپور، فئزڪنيس، اٿوپيا، فونشيا، سري لڪنا، فلسطين، چين، برما، انگليڊ، ٿيٻٽ، تبت، نيگيريءَ، ۽ جاوا، وغيره شامل آھن. ان بابت وڌيڪ “گذيٽيئر” جو مولف بہ انھن مٿين ملڪن جا تفصل بيان ڪري ٿو تہ “سندن جا سنڌ سان قديمي تجارتي ناتا ھوندا ھئا”.

    سنڌ جي صعنت مان ھي ملڪ ڪھڙيون شيون خريد ڪندا ھئا ان بات ڪجھ شيون تاريخ لکيون آھن. سنڌ جي جو ململ ڪپڙو سوٽي ڪپڙو، سنڌ جي وينجھارن جي وٿ مڻيا، سنڌ جو نير، سنڌ جون مھرون ۽ سنڌ جا گھوڙا وغيره پڻ شامل آھن_واپسي ۾ سنڌ مٿين ملڪن کان ڪھڙيون شيون گھرائيندي ھئي اُھي پڻ هت ڏجن ٿيون_جھڙوڪ سنھو ڪپڙو، ٻن جنسن مان ٺھيل ڪپڙو، تصويرن وارو ڪپڙو، پکراج مرجان، عنبر، کونر، لوبان، شيشي جو سامان، چاندي، سون جون ڏٽيون، شراب، ڏامر، سليٽ، ڳيرڙي، ڪارو سنگ مرمر، شھيو ۽ ٽن مڻين لاء قيمتي پٿر وغيره شامل آھن.

    سنڌ سان دنياوي واپاري رستا گھڻي ڀاڱي سنڌو درياھ وسيلي رھيا آھن ۽ ان کان علاوع پڻ گھڻن ليکڪن ڀنڀور بندر کي بہ وڏو ساراھيو آھي_گھڻن ئي تاريخدانن محققن سنڌ جي ڀنڀور بندر کي بين الاقوامي بندر ڪوٺيو آھي__ھالانڪي ڀنڀور بندر وسيلي ئي بين الاقوامي تجارت کي ھٿي ملي هئي جنھن ڳالھ کان ڪو شڪ نٿو ڪري سگھجي. ھندوستان جي ليکڪ چيتن لال ماڙيوالا
    پنھنجي ڪتاب قديم سنڌ ھيٺ لکيو آھي تہ “سنڌ کي قديم دور کان وٺي مختلف ٽي تجارتي مارڪيٽ ھئا جن مان ھڪ اتر سنڌ ۾، ٻيو وچولي ۾ ۽ ٽيون ڇوڙ واري علائقي يعني اتر سنڌ واري واري مارڪيٽن ۽ ھي شھر چيتن لال ماڙيوال لکيا آھن.

    اروڙ، سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو وري وچولي ۾ صرف سيوھڻ ئي لکي ٿو ڇو تہ وچولي مارڪيٽ ان جي ئي اوسي پاسي ۾ ھئي. لاڙ يعني ڇوڙ واري علائقي ۾ ھي ساڳيو محقق ھي شھر لکي ٿو .حيدرآباد ٺٽو ڪراچي ۽ ان جي آس پاس وارا ٻيا ننڍڙا شھر پڻ ھن محقق جي نظر ھيٺ آھن. اسين جيسين سنڌو جي اھم شئين جو اڀياس نہ ڪنداسين تہ اسان کي قطي اُھو معلوم نہ ٿي سگھندو ته ھن خطي تي ڇو ۽ ڇا لاء ڪاھون ٿيون ۽ وس آھر ممڪن ڪوشش ڪبي تہ ھن مضمون اندر اُھي سڀئي ڪارڻ لکجن__ ۽ منھنجي پنھنجي ذاتي راء اُھا آھي تہ “سنڌ تي يعلغارون ڪاھون جاسوس سياحن ۽ جاسوس واپارين جي ئي ڏس تي ئي ٿيون آھن”__جيئن ديبل بندر مشھور بندر لکيو وڃي ٿو اسان ڏسنداسين تہ ساڳئي بندر وسيلي عربن ديبل شھر تي يلغار ڪئي هئي ڇو تہ عرب واپاري گھڻو ڪري ديبل بندر تي ئي اچي لنگر ھڻندا ھئا. “ادرسي” محقق ديبل بندر لاء ھن ريت بيان ۾ لکي ٿو تہ “عمان ۽ ٻين گھڻن ئي ملڪن کان ٻيڙا اچي ھن ديبل بندر تي لنگر ھڻندا آھن”.

    “مئنيوسي” پڻ پنھنجي ڪتاب “اسٽوري دِ مورگور” ۾ لکي ٿو تہ “ھو جڏھن سنڌ ۾ لٿو تہ ھن ديبل بندر تي ڪيترائي تجارتي ٻيڙا ڏٺا__جن جو واسطو ايران ۽ عربستان وغيره سان ھو ۽ جيڪي سامان لاھي چاڙھي رھيا ھئا”__ساڳئي بندر لاء مشھور عرب جاگرافيدانن جو ھن ريت بيان ملي ٿو تہ “چين جا ٻيڙا اچي ديبل بندر تي ئي لنگر ھڻندا ھئا جيڪي چين کان ريشمي ڪپڙو آڻيندا ھئا ان کان علاوه چيني ھندوستان مان خوشبو دار شيون خريدي اچي سنڌ جي ھن بندرن تي فروخت ڪندا ھئا”__ جنھن ڳالھ ۾ ڪو بہ شڪ ناھي ڇو تہ تاريخي ڏس ۾ سنڌين گجراتين سان گڏجي جاوا ۾ ڪاروباري ڪوٺيون قائم ڪيون ھون ۽ ان متعلق سنڌين جي ھڪ لوڪ چوڻي پڻ مشھور آھي “جي ويا جاوا سي ساوا”. جيسين تائين ھن خطي جي قديمي رستن جي وايومنڊل جو اڀياس نٿو ڪجي تسيسن نت حملي آورن بابت لکي نٿو سگھجي ٿو ۽ نہ ئي وڻج واپار بابت___ڇو تہ حملا ٿيا ئي واپارين جي آمدرفت کان پوء آھن ۽ ان ڪري ڪجھ ان رستن ۽ واپارين متعلق ھي تاريخي رستا ۽ بيان ضروري آھن. تہ هيٺ لکجن.

    “ابن بطوطا” پنھنجي بيانن ۾ سنڌ جي ٺٽي واري بندرن جو گھڻو ذڪر ڪيو آھي جنھن جو بيان ڪجھ ھن ريت آھي تہ “ھي ٺٽي جو بندر وڏو بندر آھي جتي ايران، يمن ۽ ٻين کوڙ سارن ملڪن جا تجارتي ٻيڙا اچي لنگر ھڻندا ھئا”. ڏٺو وڃي تہ قديم تاريخ ۾ حد کان مٿي ٺٽي شھر تي حملا ٿيا آھن. سومرن کان بعد سنڌ تي سمن جي حُڪومتون رهيون هيون سومرن جي آخري بادشاه همير سومرو کي قتل ڪري سمن پنهنجي حُڪومت ٺاهي ۽ ٺٽي کي سڌ جو گادي هنڌ مقرر ڪيائون_پر سمن جي آخري بادشاه جام فيروز جي دور ۾ سنڌ تي ارغونن جو حملو ٿيو هو ۽ انهي حملي ڪو ڪارڻ مغل بادشاه بابر جو مرزا شاه بيگ کي ڪنڌار مان لوڌي ڪڍڻ هو جنهن ۾ ٻه دفعا بابر شاه بيگ کان شڪستون کاڌيو هُيون ۽ آخر ۾ ٽئين ڀيري مرزا شاه حملي جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ بابر سان ڊيل ڪري سنڌ ڏانهن ڀڄي آيو_ سنڌ ۾ شاه بيگ جو اچڻ به ڄڻ پنهنجي لاءِ امير ۽ پُر آسائش ڌرتي ڳولهڻ هو ۽ انهي حوالي سان هُن ڪنڌار ۽ باغبان، سستان جي علائقن مان فوج گڏ ڪري اچي ٺٽو پهتو ۽ دريا ٽپي سنڌ ملڪ جي گادي جي هنڌ ٺٽي تي پنهنجو قبضو جمائي ويٺو پر تنهن باوجود ڪافي ڳالهين کان بعد شاه بيگ ارغون سنڌ جي اڌ حصي تي جام فيروز کي حڪومت جي اجازت ڏني ۽ اڌحصي تي پاڻ حُڪومت ڪيائين_انهي دور ۾ سنڌ جي شهر ٽلٽي ۾ به مخدومي بغاوت زور سان هلي رهي هئي پر انهي کي ٺڳي جي بنيادن تي شڪست ڏئي ارغون بادشاه انهي تحريڪ جون پاڙون پٽي ڇڏيون هيون_ مرزا شاه بيگ جي وفات کان پوءِ شاه حسن پنهجي پي جي تخت تي ويٺو ۽ ڄام فيروز کي ڀڄائي سڄي سنڌ تي پاڻ حڪومت ڪرڻ لاءِ ويٺو ۽ هوڏانهن وري يورپ جي مُلڪن مان انڊيا کي ڳولي لهڻ واوا پرتگالي به سنڌ ۾ داخل ٿي چڪا هئا ۽ انهي مهل هُنن ٺٽي کي لٽي تباه ڪيو ۽ ڪيترائي دفعي ٺٽي ڪي وقفي وقفي سان لٽيندا رهيا هئا ۽ ٺٽو به انهي وقت هڪڙو انڊسٽريئل شهر هو جنهجون رونقون به جوان هيون ته پئسي جي حوالي سان به هي سامنوڊي شهر تمام امير ڄاتو ويندو هو_جنھن ڳالھ مان پڻ اُھو انومان ڪڍي سگھون ٿا تہ ھي يعلغارون ۽ ڪاھون سياحن ۽ واپارين جي ئي ڏس ۽ خبر تي ٿيون هيون__مثالي طور ۾ مٿي ھڪ اڌ بندر ڏنا آھن جن ذريعي سنڌ تي ڌاري قومون جون يعلغارون ٿيون آھن_صرف بندر ئي نہ پر سنڌ جا خشڪي وارا يعني زميني رستا بہ ڌارين لتاڙي سنڌ کي ۽ ان جي شادابي کي ڀينگ ڪيو. جئين بولان وارو لڪ جتان واپاري زميني رستي سنڌ اندر داخل ٿيندا ھئا__جئين “ڊاڪٽر پٿاولا” ان بولان لڪ بابت ڪجھ ھن ريت لکي ٿو تہ “ڌارين جا حملا تجارت ۽ ثقافت ھن سوڙھن لڪن مان لنگھي ھتي پھتا ھئا”__بولان واري لڪ يعني زميني رستي ڏانھن ڪھڙا ملڪ ھئا اُھو پڻ نہ وسارڻ گھرجي ان طرف کان ڪابل قندار ۽ ٻين اترين ملڪن جو سامان سنڌ اندر پھچندو ھو جنھن سامان ۾ گھڻي ڀاڱي عورتن جو ھار سينگار ئي ھوندا ھئا. جئين چيتن ماڙيوالا لکي ٿو تہ “سنڌ جون جھونڙيون عورتون اڃا بہ قنداري گلبدن ۽ ڪاري رنگ جي ڪنويز کي ياد ڪنديون آھن”.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو