زندگي متحرڪ رهڻ جو ٻيو نالو آهي جنهن جاندار ۾ حرڪت ڪرڻ واري صلاحيت ٿڌي ٿيڻ لڳندي آهي تہ اهو جاندار آهستي آهستي اڳتي هلي ڪري پنهنجي وجود کان هٿ ڌوئي وٺندو آهي، زندگي جي هر هڪ پل کي وقت جي ڪانٽي سان ماپي ڪري گهڙين ۾ تقسيم ڪري سمجهي سگهجي ٿو…!!! اهو بہ ضروري ناهي تہ وقت جي هر ڪا گهڙي متحرڪ هجي، ڪڏهن ڪڏهن وقت صفا سست روي جو شڪار ٿي ڪري هڪ هنڌ تي بيهي رهندو آهي، اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن شخص جي اکين ۾ ڪنهن ٻي شخص جي لاءَ انتظار جا ڏيا ٻرندا هجن، تڏهن وقت جون گهڙيون خاموش بڻجي ڪري هڪ جڳھ تي سڪونيت اختيار ڪري وٺنديون آهن…!!! انهي انتظاري واري عالم ۾ بي چيني وارو عنصر سگهارو ٿي ويندو آهي، هڪ پل هڪ صدي جي برابر ٿي ويندو آهي، سوچون هڪ جڳھ تي ٽڪ ٻڌي بيهي رهنديون آهن، اهڙي ڪيفيت جي طاري ٿيڻ شرط مضبوط کان مضبوط تر وجود بہ ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن، اهو ڪمال صرف وقت کي ئي عطا ٿيل آهي تہ اُهو جنهن کي چاهي جنهن مھل چاهي پنهنجي اڳيان جهڪائي سگهي ٿو…!!! انهن خاموش گهڙين جو هڪ مثبت پهلو اهو پڻ آهي تہ ان خاموشي واري گهڙين ۾ تخليق طاقت وٺڻ لڳندي آهي، تلخيقڪار جي ذهن ۾ نوا لاڙا ڪر کڻي اڀرڻ لڳن ٿا، ڪاريگر جي ڪاريگري ۾ سگھ پيدا ٿيڻ لڳي ٿي، تڏهن ئي تہ هن ڪائنات کي خلقيدڙ ذات نہ ڄاڻ ڪيترن ئي صدين تائين خاموش رهڻ کان پوءَ هي سهڻي ڪائنات خلقي جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي…!!!