سنڌ جي حسن ۽ بيهڪ تي ڪاهون___حصو پنجون ڪوثر سنڌي مٿي ڳالھ پئي ڪئي تہ زميني رستن وسيلي پڻ سنڌ تي ڪاھون ٿيون آھن__جئين ھن بولان لڪ وسيلي تاريخ لکي ٿي تہ قلات جو ڪٽڪ يا لشڪر سنڌ تي ھن رستي وسيلي اڳتي وڌيو ھو__اُھو پڻ تاريخ ٻڌائي ٿي تہ ھن لڪ ۽ لنگ وسيلي ئي قلات جي ملڪن جو سنڌ سان واپار رھندو ھو ھي دور ساڳيو موھن دڙي جي عروج وارو دور ھيو يعني 3000ق.م وارو دور__۽ ھن لڪ لاء وڌيڪ پڪي شاھدي “وليم پاٽنجر” 1832 ع ۾ لکي آھي ھو لکي ٿو تہ “سنڌ جي ٽالپرن ايران جي حڪمرانن ڏانھن ھن رستي وسيلي ئي ھاٿي موڪليا ھئا” گھڻن محققن سنڌ کي ھن نقطي سان ڏٺو آھي تہ “سنڌ تمام ٿورن تجارتي مرڪزن مان ھڪ ھئي جتي 3000 ق.م کان يا ان کان اڳ ساري دنيا جا تجارتي ٻيڙا اچي لنگر ھڻندا ھئا”__انهي سان گڏ ابن بطوطه، البيروني ۽ چيتن لال کان ويندي ايسٽ انڊيا واري ڪوٺي جي دستاويزن ۽ رپورٽن انگريزي سياحن انگريز حڪومت جي سياسي وڏيرن ڪامورن انگريز فاتحن جي احوالن مان اُھي پڪيون شاھديون ملن ٿيون تہ “سنڌ وطن قديم دور کان وٺي شاداپ ۽ سرخيز خطو رھيو آھي”.جنھن کي اسان ايشيائي واپار جو مکيہ ذريعو پڻ لکي سگھون ٿا___جھڙي طرح ڀنڀور بندر کي بين الاقوامي محققن تجارت جو مرڪز لکيو آھي ساڳئي ريت قديمي تجارتي ٻيا بہ کوڙ سارا بندر لکيا وڃن ٿا. مثال طور ڇوڙ وٽ بار بريڪم نالي ھڪ مشھور بندر جنھن جو ذڪر پيريپلس ۾ نمايا آھي. يا ٻيا ڇوڙ وارا بندر ديول يا ديبل ھي بندر دنياوي ليول تي يورپي ماڻھن وٽ وڏو مقبول رھيو. ٻيو وري عربن وٽ ھن بندر جي گھڻي ساراھ ھئي___۽ عربن ھن بندر وسيلي ئي ديبل شھر تي حملو ڪيو ھو ۽ ان کان سواء “لاڙي بندر يا لاھري بندر” اورنگا ڌارجا شاھ وڪ، موگھر بير وغيره جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ “آگري ۽ اترين ملڪن کان واپاري بکر سامان کڻي پھچندا ھئا جيڪي پڻ خشڪي جي رستي سورت بندر ويندا ھئا”. تاريخ مان پتو پوي ٿو تہ ايران جي شھنشاھ آريس ڇھين صدي ق. م ۾ اسڪاء لئڪس کي قاصد طور تيار ڪري ڪنھن خاص مشين يعني مھم تي ھن خطي يعني سنڌ ڏانھن روانو ڪيو ھو جنھن قاصد جي ھتي سنڌ اچڻ ۽ انتھائي ضروري معلومات ھٿ ڪري وڃڻ کان ئي پوء ئي شھنشاھ ايران آريس پنھنجي قوم کي گڏ ڪري سنڌ تي ڪاھ ڪئي ھئي ۽ بعد ۾ ان سنڌ کي فتح ڪري ورتو ھو___آريس جو اصل نالو زرڪيسز ھيو. البت سنڌي محققن ان کي گھڻي ڀاڱي آريس نالي سان ئي ڪتابن ۾ لکيو آھي__ھن ايراني زرڪيسز جو اصل مقصد تہ يونان کي فتح ڪرڻو ھو ڇو تہ ھن جي اندر ۾ پنھنجي ڏاڏي دارا جي يونان کان شڪست باھ ڀڙڪائي ڇڏي ھئي.! ھن طئي ڪري ڇڏيو ھو تہ ھر صورت ۾ ھڪ دفعو ٻيھر يونان تي ڪاھ ڪري يونانين کي پنھنجي قبضي ھيٺ آڻيندوس. ھن ان باھ کي وڌيڪ ڀڙڪايو پنھنجي ايراني فوج تيار ڪئي__دارا يونان کان اڳ شڪست کائي چڪو ھو ھي انھي مشين منزل جو ٻيو ڪردار زرڪسيز پاڻ ٿي اڀرڻ پئي گھريو. 490 ق.م دوران ايران جي فوج تيار ٿي يونان جي سرحد ميراٿن جيڪو يوناني بندر وارو علائقو هو اوڏانهن يونانين تي حملي ڪرڻ لاءِ وڌڻ لڳي هئي. هوڏانهن يونانين کي بہ ايران جي طرفان جنگي حڪمت عملي جي خبر پئجي وئي هئي جنهن بعد يونانين پليٽيا قوم کي بہ مدد جي اپيل ڪري ڇڏي ۽ اسپارٽا جي قوم کي بہ مدد لاءِ چئي ڇڏيو_جنهن کان پوءِ اسپارٽن اهو چئي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو تہ “هن مهل اسان پنهنجي مذهبي ڏڻ ملهائڻ ۾ مصروف آهيون. ۽ توهان جي مدد ڪنهن به حالت ۾ نٿا ڪري سگھون” يونانين هاڻي ميراٿن جي ميدان تي پوري تياري سان دارا جي فوج جو انتظار ڪرڻ لڳا ۽ جيئن ئي دارا جي فوج ٻيڙين وسيلي ”ميراٿن“ جي علائقن ۾ پهتي تيئن يونانين جي ڪمانڊر “ملٽيڊس” کين پوري طاقت ۽ جوش سان حملو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو هو. يونانين کي تہ جنگ کٽڻ جي ڪا اميد نہ هئي پر تنهن باوجود بہ يوناني سڀ ڪجھ وساري وڙهڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي يونانين ايران جي فوج تي فتح حاصل ڪري ورتي . “دارا” جي شڪست ۽ يونانين جي فتح ايرانين کي وڏي پئماني تي چيڙائي وڌو هو جنهن کان پوءِ وري هي (ايراني) يونان تي حملي ڪرڻ جون حڪمت عمليون جوڙيندا رهيا. پر انهي وچ ۾ ايران جي بادشاه دارا جي قدرتي موت کان پوءِ ايرانين جي يونانين خلاف باھ ڪافي ٿڌي ٿي وئي هئي. پر ايئن بہ چيو ويندو آهي ته “پلاند ڪڏهن بہ پراڻا ناھن ٿيندا آهن” هاڻي دارا جو پوٽو “زرڪيسز ” 480 ق_م دوران ايران جون واڳون سنڀالڻ لڳو. ۽ تنهن مهل هن کي پنهنجي ڏاڏي جي يونانين طرفان شڪست جو پلاند ڪرڻو هو__ جنهن لاءِ هن وڌيڪ فوج تيار ڪئي ۽ هن پوءِ يونانين سان جنگ جوٽي جنهن ۾ زرڪيسز يونانين جي اسپارٽن ۽ اٿينس جي فوجن کي شڪست ڏئي يونان جي شهر تي قبضو ڪيو ۽ اٿينس جي ننڍڙي پٿريلي چوٽي تي اڏيل تاريخي شهر ايڪروپولس کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو هو. ۽ يونان ۾ ايراني غلامي جا ڌونھا ڪڪر بڻجي اوڏرڻ لڳا. ھن مضمون جو مقصد ته سنڌ جد حسن بيھڪ تي ڪاھن جو آھي سوچيندا ھوندا مون ايران ۽ يونان جو ذڪر ھن مضمون ھيٺ ڇو رکيو؟ ڏٺو وڃي تہ زرڪسيز بہ سنڌ جو فاتح آھي ۽ سڪندر يوناني بہ جنھن بعد ۾ ايرانين کان پنھنجي يونان جو بدلو ورتو ھو. جھڙي طري ايرانين يونان سان ورتاءُ ڪيو ساڳئي ريت سڪندر پڻ ايرانين سان ڪيو مٿي لکيل آھي پلاند پراڻا ناھن ٿيندا__ھاڻ مقصد تہ انھن جو ذڪر ھتي ڇو؟ اُھو انھي لاء تہ سڪندر جيڪڏھن ايران نہ پھچي ھا تہ شايد سنڌ کي فتح ڪون ڪري ھا__ ان ڪري ھن دارا زرڪسيز ۽ سڪندر جو سنڌ جي ڪھاڻي سان ميلاپ آھي. جيڪڏھن دارا يونان تي ڪاھ نہ ڪري ھا تہ شڪست نہ کائي ھا___ جي شڪست نہ کائي ھا تہ سندس دارا جو پوٽو زرڪيسيز يونان تي ڪاھ ڪري شڪست جو بدلو وٺي يونان کي فتح نہ ڪري ھا___ جي زرڪسيز يونان تي ڪاھ نہ ڪري ھا تہ ظاھر آھي سڪندر اعظم ايران تي ڇو ڪاھ ڪري ھا؟ جيڪڏھن ايران تي ڪاھ نہ ڪري ھا تہ بظاھر آھي ھو سنڌ جو رک بہ ڪون ڪري ھا …! سنڌ جي خوشحالي ۽ تجارتي مارڪيٽن وغير بابت جئين زرڪسيز کي يعني شھنشاھ ايران آريس اسڪائي لئڪس کي قاصد يا جاسوس طور سنڌ ڏانھن روانو ڪيو ھو تہ ھو ڪي معلوماتيون وٺي اچي. جڏھن ھو معلوماتيون وٺي ايران پھتو تہ شھنشاھ آريس يعني زرڪسيز سنڌ جي ڪجھ علائقن تي ڪاھ ڪري پنھنجو غلبو قائم ڪيو. ڪھڙن علائقن ۾ ھن فتح ماڻي ۽ انھن جو فاتح بڻيو اُھي پڻ ھيٺ لکجن ٿا. اُھي علائقا مڪران وارا ۽ ٽيڪسيلا کان مٿان وارا علائقا ھئا___ جن تي شھنشاھ ايران آريس يعني زرڪسيز سوڀ ماڻي ۽ اتان جا سنڌ واسي قبضي ھيٺ اچي ويا.! جئين شھنشاھ ايران آريس يعني زرڪسيز پنھنجي جاسوس اسڪائي لئڪس ذريعي سنڌ بابت معلومات ورتي ڇو تہ اسڪائي لئڪس ھڪ وڏو جاسوس سياح ھو. جنھن جو ڪم ئي صرف معلومات ھٿ ڪرڻ ھو__جڏھن معلومات شھنشاھ ايران کي ملي تہ ھو سنڌ جي سونھن خوشحالي وغيره تي موھت ٿي پيو__ساڳئي طرح سان سڪندر پڻ موھت ٿيي پيو ھو__“ڊاڪٽر ونسينٽ” پنھنجي ڪتاب ۾ ايرڪس جي ھاڪارڻ تي لکي ٿو تہ “سنڌو وسيلي سڪندر اعظم سان گڏ ھاڪارڻ مان گھڻن کي ھن ملڪ جي وسيع تجارت وغيره جي ڄاڻ ڪون ھئي__سڪندر جي تجسس واري مزاج پنھنجي ادارن کي تڪميل تي پھچائڻ لاء ھنن کان ڪيترائي سوال پڇا ھئا ڇاڪاڻ تہ سڪندر اعظم ڪيتري ئي عرصي کان وٺي اھڙي معلومات حاصل ڪرڻ لاء وڏو بيچين ۽ بيقرار ھو جنهن وسيلي سنڌ تي ڪاه ڪجي”___سنڌ هر دور ۽ هر حال ۾ سنڌين جي سڃاڻپ ئي رهي آهي پو کڻي ڪيترا به سڪندر ۽ قاسم هتي اچن پر هر بار انهن کي سنڌ جي سوڍن ۽ دودن کان ويندي مخدوم بلال ۽ دريا خان جي جوهر اڳيان مقابلو ڪرڻو پوندو پر اهي ياد رکن ته سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت اڃا زنده آهي ۽ زنده رهندي___تاريخ ۾!!!