ڇا ملڪ جو ايندڙ صدر آصف زرداري ٿيندو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏5 آگسٽ 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ظاهر ۾ ته اهو سوال عجيب لڳي ٿو پر اهو خيال ناممڪنات مان ناهي. کيس صدر بنجڻ ڏنو وڃي ٿو يا نه اها الڳ ڳالهه آهي پر باوثوق ذريعن موجب پي پي جي مٿين حلقن اندر نه رڳو اها سوچ موجود آهي پر پردي پويان انهيء کي عملي جامو پهرائڻ لاء سنجيدگيء سان ڪم به ٿي رهيو آهي.پهرين ڳالهه ته اها جيڪي ماڻهو نواز ليگ،پي پي ۽ ايم ڪيو ايم کي هڪ ٻئي کان سياسي طور تي پري سمجھن ٿا اهي بي وقوفن جي جنت ۾ رهن ٿا. پاور گيم جو اهو ٽڪنڊو ماضيء جيان اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهي.بس حالتون آهن جن في الحال انهن کي پنهنجي جدا پوزيشن تي بيهڻ تي مجبور ڪيو آهي.الطاف ڀائي اسٽيبلشمينٽ جي عتاب هيٺ آيو،نواز شريف عدالتن جي فيصلن جو نشانو بڻجي ويو جڏهن ته باقي رهيل آصف زرداري به ڪنهن پرسڪون پوزيشن ۾ ناهي.هن جي خلاف به ايترو مواد ڪٺو ٿيل آهي جو مٿين ٻنهي صاحبن جي قطار ۾ پهچڻ ۾ کيس گھڻي دير نه لڳندي.جڏهن سور ساڳيا هجن ۽ رقيب به ساڳيو هجي ته پوء حالتن جو جبر مختلف سوچون ۽ نظريا رکندڙ ماڻهن کي به ڪٺو ڪيو ڇڏي. هتي ته نظرين جو ڪو مسئلو آهي ئي ڪونه،سڄو معاملو پنهنجن ذاتي مفادن ۽ پاورجو آهي سو انهن مفادن جي تحفظ لاء جيڪر اهي ٽيئي متاثر پاڻ ۾ هڪ هئا ۽ هڪ آهن ته ان ۾ ڪهڙي حيرت جي ڳالهه آهي! لنڊن واري ڀائي صاحب جون تقريرون ٻڌو،ميان صاحب جا ڪيل خطاب ڏسو يا زرداري صاحب پاران سر سان سر وڄائڻ واري ڌمڪيء جو جائزو وٺو ته توهان کي انهن سمورين شين ۾ عجيب قسم جي عظيم مطابقت ۽ هڪجهڙائي نظر ايندي.انهن ٽن اهم شخصيتن سان گڏوگڏ مولانا صاحب،محمود خان اچڪزئي ۽ اسفند يار ولي پڻ ساڳئي ئي پليٽ فارم تي ماضيء ۾ بيٺل ڏٺا ويا ۽ هن وقت به اتي جو اتي موجود آهن.انهن جا بيان ٿورو گھڻو هڪ ٻئي کان مختلف ٿي سگھن ٿا،سندن وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن معمولي نوعيت جا اختلاف به محسوس ڪري سگھجن ٿا ۽ ڪيترن ئي معاملن تي سندن سوڄ ۾ ڪجهه گھٽ وڌائي پسي سگھجي ٿي پر بنيادي طور تي انهن سڀني جو مقصد ۽ ٽارگيٽ ساڳيو آهي .اتفاق جي ڳالهه اها جو انهن سمورن مان بنيادي طور تي ڪوبه اينٽي اسٽيبلشمينٽ نه رهيو آهي،سندن پارٽين جي ڳالهه نٿا ڪيون پر انهن شخصيتن جي ذاتي حيثيت ۾ ماضيء جي سوچ ۽ پاليسين جو غور سان جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿيندو ته اهي پاڻ ڪنهن نه ڪنهن طرح اسٽيبلشمينٽ جي سياسي هٿيار طور استعمال ٿيندا رهيا آهن.ڪڏهن اصل جمهوري نظام کي قائم ڪرڻ جي رستي ۾ رڪاوٽون اڀيون ڪرڻ ڪاڻ ته ڪڏهن انهن کي هڪ ٻئي خلاف استعمال ڪرڻ واسطي. هن وقت صورتحال اها آهي جو انهن مان هرهڪ جي پنهنجي سياسي بقا جيڪا انهن جي مفادن جي تحفظ لاء ضروري آهي اها رسڪ تي لڳل آهي.توهان ڏسو ته زرداري صاحب کان سواء انهيء پوري سنگت جا سمورا همراهه هن وقت في الحال سياسي ميدان يعني چونڊن جي عمل مان آئوٽ ٿي چڪا آهن يا ڪيا ويا آهن.اهي سڀ گڏجي اها جنگ وڙهڻ گھرن ٿا پر ٻئي طرف انهن جو هڪ ٻئي تي پورو اعتماد ۽ ڀروسو نه هئڻ سبب انهن مان هرهڪ ٻئي کان بدگمانيء واري ڪيفيت ۾ به ورتل نظر اچي ٿو.انهن مان هر هڪ کي ٻئي تي شڪ به آهي ته متان اهو ڪنهن طرح کين دوکو ڏيئي اسٽيبلشمينٽ جي ڪڇ ۾ نه ويهي رهي ۽ ايئن آهي به سهي جو ماضيء ۾ اهي هڪٻئي سان اهڙيون ويساهه گھاتيون ڪندا رهيا آهن.اهي سڀيئي هونئن ته تمام ڏاها ۽ ڦڙت آهن پر سندن پوري سياسي زندگي۾ هي پهريون موقعو آهي جو هو واقعي منجھي پيا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي بيوس محسوس ڪري رهيا آهن.سندن نظرون ڪنهن اشاري جون منتظر آهن پر اهڙو ڪوبه اشارو نٿو ٿئي.انهن مان هرڪو پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ لاء هر وقت تيار آهي پر اڳيان غضب جي بي رخي آهي جنهن کين گھڻو چڙچڙو به ڪري ڇڏيو آهي.تازو ٿيل چونڊن ۾ موسم جا انداز ڏسي انهن جي مايوسي اڃا به وڌي ويئي آهي.سياست جي ميدان مان آئوٽ ٿيڻ بعد احتساب جو خوفناڪ راڪاس وات پٽيو کين سامهون نظر اچي رهيو آهي.ڪيسن جي صورت ڪهڙي به ٿي سگھي ٿي،ڪرپشن،سيڪيورٽي رسڪ،ملڪ دشمني ،دهشتگردي وغيره وغيره. هو نئين ٺهندڙ وفاقي حڪومت ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ پي ٽي آئي حڪومت کي ڪنهن به صورت روڪڻ چاهين ٿا جيڪي حڪومتون قائم ٿيڻ جي صورت ۾ سندن مشڪلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو پر وفاق ۾ ته اهو ممڪن نظر نٿو اچي،باقي پنجاب ۾ اهي سڀ گڏجي پورو زور هڻندا ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ٻي ڪنهنجي به حڪومت قائم ٿي وڃي پر عمران حڪومت نه ٺاهي سگھي.ڪنهن مرحلي تي جيڪر محسوس ٿئي ته نواز ليگ حڪومت نٿي جوڙي سگھي ته اهي سڀ گڏجي چوڌري پرويز الاهي تي به راضي ٿي سگھن ٿا.توڙي جو انهن مان ٻن اهم پارٽين سواء ٻي ڪنهن به گروپ وٽ پنجاب اسيمبليء ۾ ڪي سيٽون موجود ناهن پر اهي سڀ ان سياسي مفاهمت جو حصو آهن ته پنجاب ۾ اقتدار ڪنهن به صورت ۾ عمران خان طرف نه وڃڻ گھرجي.جيستائين ذاتي طور تي نواز شريف جو تعلق آهي ته هو اليڪشن نتيجن کي مڪمل طور تي رد ڪري هڪ زوردار تحريڪ هلائڻ جي حق ۾ آهي .لنڊن وارو همراهه،مولانا صاحب،اچڪزئي ۽ اسفند يار ولي به نواز شريف جي خيال سان متفق آهن پر زرداري صاحب ۽ شهباز شريف جون پنهنجون مجبوريون آهن جن خلاف في الحال نه رڳو اهو ته اڃا ڪا قانوني ڪاروائي ناهي ٿي پر انهن کي صوبائي حڪومتون قائم ڪرڻ جو موقعو به مهيا ڪيو ويو آهي.انهيء سموري صورتحال کي ذهن ۾ رکندي هاڻي اچو ان شروعاتي سوال طرف ته ڇا زرداري صاحب ملڪ جو ايندڙ صدر ٿي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن ٿي سگھي ٿو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ڳالهه هيء آهي جو نون ليگ کي هن وقت پنجاب ۾ حڪومت سازيء لاء زرداري صاحب جي سپورٽ گھربل آهي ۽ زرداري صاحب جا قاف ليگ جي چوڌري صاحبن سان به گھاٽا لاڳاپا آهن. سو جيڪر زرداري صاحب پنجاب ۾ نون ليگ جي مدد ڪري ٿو ته ان جي جواب ۾ زرداري صاحب کي ڇا ملڻو آهي؟ سنڌ ۾ ته کيس نون ليگ جي ضرورت نه آهي.ان ڪري اهڙي مفاهمت جيڪر ٿي ته ان جو مرڪزي نڪتو اهو هوندو ته نون ليگ ان جي بدلي کيس ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ مدد ڪندي.پي پي . نون ليگ،ايم ايم اي،اي اين پي ۽ اچڪزئي سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو ايترو تعداد موجود هوندو جن ذريعي زرداري صاحب ملڪ جو صدر چونڊجي سگھي ٿو.شرط اهو ته نواز ليگ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿئي پر جيڪر نون ليگ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿي ته پوء نون ليگ جو سياسي طور تي اهڙو حشر ٿيندو جو نه ته ان وٽ ايترا ميمبر باقي رهندا ۽ نه ئي زرداري صاحب صدر ٿي سگھندو.انهن سمورن خوابن ۽ خواهشن ۾ بحث ان نڪتي تي هڻي وڃي هنڌ ڪري ٿو ته اسلام آباد جي ڀر ۾ ئي ويٺل بادشاهه گر زرداري صاحب کي هڪ دفعو وري صدارت جي شيرواني اوڙهي هر قسم جي احتساب کان بچڻ جو موقعو ڏيڻ پسند ڪندا؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو