• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ها پرين تون مرڪندي ڪر…!

يوسف جميل لغاري

سينيئر رڪن
تنهنجي مرڪ منهنجي لاءَ اُتساھ جو سبب بڻجندي آهي پرين…!

تون مرڪندي ڪر تہ جئين منهنجا هي نماڻا نيڻ تنهنجي مرڪندڙ چهري کي ڏسي ڪري تسڪين حاصل ڪندا رهن…!

زماني جون سختيون ڪڏهن ڪڏهن دل کي مايوس ڪري وجهنديون آهن پر وري بہ جڏهن تنهنجي مرڪ ياد ايندي آهي تہ من اندر موجود سڀ مونجهارا پاڻهي ڄاڻ ختم ٿي ويندا آهن…!

آءُ حالانڪ هن دنيا جي جوڙيل دستورن کان ڪنهن قدر مطمئن ناهيان ۽ انهن جي خلاف اِن جي ڪري پڻ آهيان جو اِهي هٿ ٺوڪيا سڀ دستور پاڻ ٻنهي کي هڪ ٿيڻ کان روڪيون ويٺا آهن پر اِن جي باوجود بہ تنهنجي مرڪ منهنجي مُرجهايل من کي نئي زندگي بخشي ٿي …!

ان لاءَ تون مرڪندي ڪر…!

ها اهو ڏينهن بہ نيٺ اچڻو آهي جڏهن پاڻ ٻئي گڏ ويهي ڪري هڪ ٻي جي نيڻن ۾ نهاري ڪري مرڪنداسين…!
 
Back
Top