شفيق الرحمان شاڪر اطلاعن موجب سپريم ڪورٽ پاران نااهل قرار ڏنل ۽ احتساب عدالت طرفان سزا يافتا اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي اڍيالا جيل ۾ اوچتو طبيعت خراب ٿي پيئي جنهن ڪري کيس ترت طبي امداد ۽ معائني لاء پمز اسپتال اسلام آباد منتقل ڪري ڪارڊياجيڪل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو.هي اهوئي ڪارڊياجيڪل وارڊ آهي جيڪو خود ميان صاحب جي حڪومت ۾ ڪيتري عرصي کان غير فعال ۽ بيڪار بڻيل هو جنهن کي سپريم ڪورٽ جي ان چيف جسٽس جي اسپتال جي اوچتي دوري دوران سندس حڪم تي فعال ۽ علاج جي لائق بنايو ويو هو جنهن چيف جسٽس جي اهڙن دورن ۽ سو موٽو نوٽيس وٺڻ خلاف ميان صاحب ۽ سندس ٻين سياسي رفيقن جون ڪاوڙ وچان اکيون ڳاڙهيون ٿي ٿي وييون. سياست به ڏاڍي بي رحم شيء آهي ميان صاحب ٻه ٽي ڏينهن اسپتال داخل رهيو پر سندس پارٽي قيادت توڙي ٻيا سياسي اتحادي اسلام آباد ۾ موجود هوندي به پنهنجي اقتداري ۽ سياسي راند جي سرگرمين ۾ ايترا ته مصروف رهيا جو انهن مان نه ته ڪو ميان صاحب جي طبيعت پڇڻ ويو ۽ نه ئي کيس ڪنهن ڪو گلدستو موڪليو.جن دوستن يا دشمنن ميان صاحب کي هشيون ڏيئي ان آٿت تي واپس پاڪستان اچڻ تي مجبور ڪيو ته ملڪ ۾ ڪروڙين ماڻهو سندس هڪڙي حرف جا منتظر بڻجي ملڪ جي سر سان سر وڄائڻ لاء تيار بيٺا آهن،اڄ انهن ڪم بختن مان ڪوبه ميان صاحب سان ملڻ لاء به وقت نٿو ڪڍي. نواز شريف سان اهو مسئلو آهي جو هو دٻاء برداشت نٿو ڪري سگھي ، رڳوچونڊن ۾ شينهن جو نشان چونڊڻ يا گھر ۾ شينهن جون تصويرون سجائڻ سان ڪواصل شينهن نٿو بڻجي وڃي.نواز شريف جي مقابلي ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۾ دٻاء برداشت ڪرڻ جي گھڻي سگھه هئي ۽ محترمه مريم نواز ۾ به پيء جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مزاحمت جي قوت موجود نظر اچي ٿي.مريم نواز نه هجي ها ته شايد ميان صاحب ڀلجي به واپس پاڪستان نه اچي ها.هي جيڪو بار بار نواز شريف جي طبيعت خراب ٿي رهي آهي اهو ڪو ڍونگ ناهي.هو واقعي ڪا سختي برداشت ڪري نٿو سگھي.هو ارڙهن سال اڳ مشرف وارو جيل به نه ڪاٽي سگھيو هو.هاڻي ته هو پوڙهو به ٿي چڪو آهي ۽ اڃا ٻن ريفرنس جو فيصلو سندس خلاف پوئتي رهيل آهي. ڊپ ٿو لڳي ته کيس جيل ۾ ڪجهه ٿي نه پوي.ڇو ته سخت ذهني دٻاء سبب گردن،دل ۽ دماغ کي ڪو وڏو نقصان به پهچي سگھي ٿو ۽ هن جي اڳ ۾ ئي دل جي سرجري به ٿيل آهي.بلڊ پريشر جي انتهائي ليول ۽ شگر جي سطح هيٺ مٿي ٿيڻ سان اوچتو ڪنهن وڏي عضوي جو نقصان به ٿي سگھي ٿو.ان ڪري بهتر اهو ٿيندو ته سعودي احتسابي ماڊل موجب ميان صاحب کان ملڪ جي ڦٻايل ڏوڪڙ پئسي جا چيڪ صحيح ڪرائي منجھائس هٿ پٽيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي رهيل گمنام زندگي وڃي انگريزن جي ملڪ ۾ گذاري سگھي.هونئن به ميان صاحب جي جيل ۾ سور ۽ سختيون برداشت ڪرڻ سان ملڪ ۽ عوام کي ڇا ملندو ،ملڪ ۽ عوام کي ان ڳالهه سان دلچسپي ۽ فائدو آهي ته سندن پئسو واپس وٺي سندن ڀلائيء تي خرچ ڪيو وڃي.جيڪر هنن حالتن ۾ ميان صاحب کي خدانخواسته ڪجهه ٿي پيو ته پوء پاڪستانين جهڙي زبردست جذباتي قوم کي ايندڙ ڊگھي عرصي تائين پوڄا پاٽ ڪرڻ لاء وري ڪنهن سياسي شهيدجو بت ملي ويندو. هن وقت تائين ڪوبه نتيجو ميان صاحب ۽ سندس صاحبزاديء جي سوچن مطابق نه نڪتو آهي،نه ته مظلوميت وارو ڪارڊ ڪا ڪرامت ڏيکاري سگھيو آهي ۽ نه ئي ڪا وڏي عوامي مزاحمت جو ڪو طوفان اٿي سگھيو آهي.تازي صورتحال موجب تحريڪ انصاف نه رڳو مرڪز ۽ ڪي پي پر بلوچستان ۾ گڏيل حڪومت سان گڏوگڏ پنجاب ۾ به پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي چڪي آهي.اهڙيء طرح جيڪر ميان صاحب کان سندس اقتداري ۽ سياسي قوت جو ڳڙهه پنجاب به کسجي وڃي ٿو جيڪو بظاهر نظر اچي رهيو آهي ته پوء خود نون ليگ جو وجود ئي داء تي لڳي ويندو.عمران خان حڪومت خلاف جڙندڙ گرينڊ اپوزيشن اتحاد جي صورت ۾ ملڪ جون اٽڪل سموريون پارٽيون هڪ ٿي عمران خان جون ٽنگون ڇڪڻ لاء تيار بيٺل نظر اچن ٿيون جن مان مولانا صاحب مڙيئي سرس ڪاوڙيل ۽ مايوس نظر اچي ٿو.هو ميان صاحب جيان سڀ ٻيڙيون ساڙي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاء آتو نظر اچي ٿو جنهن سان تازو ٿيل چونڊون ئي ڪالعدم ٿي وڃن جو هو پهريون ڀيرو اقتداري سياست جي مزن کان محروم ٿيو آهي.پر سندس سياسي دوستن ۽ مددگارن جي حالت اها آهي جو هڪ طرف اهي ڌانڌلين جي ماتم ۾ مولانا صاحب سان سر ۾ سر ملائي رهيا آهن ته ٻئي طرف پي پي سنڌ ۾ ۽ شهباز ليگ پنجاب ۾ انهن ئي مبينا ڌانڌلين جي نتيجي ۾ قائم ٿيل اسيمبلين ذريعي پنهنجون حڪومتون بنائي رهيون آهن يا بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.اصولن جو ٻٽو معيار ٻيو ڇا ٿيندو آهي؟جيڪر ڏٺو وڃي ته اهو اتحاد اصل ۾ عوام طرفان دسيل انهن مايوس ۽ ڪاوڙيل سياسي بازيگرن جو ٽولو آهي جيڪو پنهنجي هار جو بدلو پوري ملڪ ۽ عوام کان وٺڻ گھري ٿو.اهي سڀ جا سڀ پاڪستاني سياست جا اهي سدا حيات گل آهن جن ڏهاڪن تائين اقتدار ۾ رهندي به عوام جي قسمت ۾ ڪنڊن کان سواء ڪجهه ناهي وڌو. اهي هينئر جيڪر ڪنهن به طرح اقتداري سياست مان آئوٽ ٿيا آهن يا ڪيا ويا آهن ته عوا۾ کي انهيء تي ڪو افسوس ناهي ٿيو.اهي ماڻهن کي روڊن رستن تي آڻڻ ۽ ڪا وڏي تحريڪ هلائڻ جي جيڪا ڳالهه ڪري رهيا آهن اها رڳو هڪ خواهش ئي رهجي ويندي.ڪجهه ڏينهن ۾ جڏهن انهن مان گھڻن خلاف ڪرپشن جا دفتر کلندا ۽ وٺ پڪڙ شروع ٿيندي ته قبرستان واري خاموشي ڇانئجي ويندي.پنهنجون سموريون توانائيون ڪنهن حڪومت مخالف تحريڪ تي صرف ڪرڻ بدران انهن کي سندن خلاف ٿيندڙ ممڪنا قانوني ڪاروائين کان بچڻ جي تياري ڪرڻ گھرجي ۽ اهو به سوچڻ گھرجي ته آخر عوام انهن کي ڇو رد ڪري ڇڏيو آهي؟ اهي سڀ پاڻ ۾ ملي ڪري ۽ سمورو زور لڳائي به شايدعمران خان جو ڪجهه گھڻو بگاڙي نه سگھن.رهي نون ليگ ته انهن سان ڪابه ڌانڌلي ناهي ٿي. ٿيو رڳو اهو جيڪو ڪراچيء ۾ ايم ڪيو ايم سان ٿيو آهي يعني پنجاب ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز شريف کي سزا اچڻ جي نتيجي ۾ ماڻهن مان سندن رعب ۽ ڌاڪو ختم ٿي چڪو آهي ۽ سندن ان دعويٰ جو جنازو نڪري چڪو آهي ته پنجاب ۾ سندن اجازت سواء پن به چري نٿو سگھي ۽ ماضيء جيان رياستي ادارن مان ڪنهن به اليڪشن ۾ سندن ناجائز مدد نه ڪئي جنهن ڪري کير جو کير ۽ پاڻيء جو پاڻي ٿي ويو.نون ليگ وٽ ڌانڌليء جو مطلب اهو آهي ته ماضيء جيان اليڪشن مينيج ڪرڻ ۾ ادارن ساڻن ڪنهن به قسم جو تعاون نه ڪيو.نواز شريف جي اصل طاقت اها هئي جو هو ڀٽي جي مقابلي ۾ جنرل ضياء جو جائنشين هو ۽ ملڪ ۾ جيڪي به ڀٽو مخالف قوتون هيون سي ميان صاحب جي سياسي ڇٽيء هيٺ گڏ ٿيون هيون پر جڏهن سياسي وڌيل دٻاء هيٺ ميان صاحب جنرل ضياء جو نالو وٺڻ ئي ڇڏي ڏنو ته اهي قوتون به منجھائس هٿ ڪڍي ويون جنهن کان پوء هن پنجابي ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪيو پر هنن چونڊن جي هڪ مثبت ڳالهه اها به آهي جو عوام هر قسم جي لساني،نسلي ۽ مذهبي تعصب واري سياست کي به هميشه لاء دفن ڪري ڇڏيو آهي.