تضادن سان ڀرپور پاڪستاني سياست.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سپريم ڪورٽ طرفان نااهليء جي فيصلي بعد جڏهن ميان نواز شريف جو قافلو جي ٽي روڊ ذريعي احتجاجي ريليء جي صورت ۾ لاهور وڃي رهيو هو ۽ ميان صاحب پوري زور شور سان رياستي ادارن کي سخت تنقيد جو نشانو بنائي رهيو هو ان وقت پيپلز پارٽيء جي ڪو چيئرمين جناب آصف علي زرداري ميان نوازشريف کي شيخ مجيب سان تشبيهه ڏيندي چيو هو ته هو پاڪستان ٽوڙڻ چاهي ٿو. هن جا دشمن ملڪ جي ڳجھين ايجنسين سان لڪيل رابطا آهن.انهيء بيان کان پوء پي پي قيادت جن ۾ بلاول ڀٽو به شامل آهي لاڳيتو ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف مختلف بيان ڏيندا رهيا آهن ۽ تازو چونڊ مهم دوران بلاول ڀٽو جتي هرهنڌ پي ٽي آئي قيادت کي پنهنجي سخت تنقيد جو نشانو بنائي رهيو هو اتي هن نون ليگ قيادت خلاف به ڪو گھٽ نه ڳالهايو.ٻئي طرف نون ليگ قيادت نام نهاد ميثاق جمهوريت باوجود پيپلز پارٽي حڪومت خلاف نه رڳو مختلف سازشن ۾ شريڪ رهي پر ننڍو ميان صاحب ته جذبات وچان ڊائيس تي لڳل مائيڪون ٽوڙي آصف زرداريء جو پيٽ ڦاڙي کيس لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي روڊن تي گهلڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي.پر حالتن جي ستم ظريفي يا سياسي اداڪاري چئجي جو اڄ ساڳئي آصف زرداريء جو نامزد ڪيل نمائندو سيد خورشيد شاه اسپيڪر جي عهدي لاء انهيء ئي نون ليگ طرفان به گڏيل اميدوار جڏهن ته ساڳيو ئي شهباز شريف پي پي پاران به وزارت عظميٰ جي عهدي لاء گڏيل اميدوار آهي.ساڳئي نموني سان ايم ڪيو ايم جيڪا عمران خان کي سياسي ليڊر تسليم ڪرڻ لاء تيار نه هئي ۽ ڪنهن دور ۾ کيس اهو چيلينج ڏيئي رهي هئي ته عمران خان ڪراچي اچي ته ڏيکاري،اڄ اها ئي ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي ڪڇ ۾ ويٺل نظر اچي ٿي ۽ ساڳيو عمران خان جيڪو ڪجهه عرصو اڳ ايم ڪيو ايم کي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏيئي 12 مئي جي پرتشدد واقعن ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن جي قتل جي سموري ذميداري ايم ڪيو ايم تي عائد ڪندو رهيو هو اهو ئي عمران خان ان ساڳي ايم ڪيو ايم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي لکت ۾ ساڻس معاهدا ڪندي نظر اچي ٿو.اها ئي اسان جي سياست ۽ اها ئي پاڪستاني جمهوريت آهي جنهن ۾ اصول ۽ اقدار صرف ٻين کي ٻڌائڻ ۽ سيکارڻ لاء هوندا آهن باقي جڏهن پنهنجو وارو اچي ٿو ته هرڪو پنهنجن ئي اصولن جو پاڻ جنازو ڪڍي ويهي ٿو.سو هي جيڪي جمهوريت جمهوريت جا نعرا هر وقت ٻڌڻ لاء ملن ٿا اهي رڳو عوام ۽ دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي مڪاراڻي ڪوشش هوندي آهي،اصل ۾ ته رڳو هڪڙي ئي راند هلندي نظر اچي ٿي سا آهي هر قيمت تي اقتدار ۽ طاقت حاصل ڪرڻ جي راند.25 جولائي تي ٿيل چونڊن جي تنور مان جيڪو ڌانڌلين جو دونهن اٿيو هو اهو اڃا تائين فضا ۾ پکڙجي رهيو آهي جنهن ۾ اصل سچائيون ۽ حقيقتون نظرن کان لڪي وييون آهن.ڌانڌلين جي ان سڄي راز ۾ جيڪو معمو سمجھهه کان ٻاهر آهي سو اهو ته پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ جيڪي ترتيبوار سنڌ ۽ پنجاب اسيمبلين ۾ اڪثريت سان سيٽون کٽي اتي پنهنجون حڪومتون ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهن اهي به ٻين هارايلن سان گڏ ڌانڌلي ڌانڌلي راند کيڏي رهيون آهن.سوال اهو ناهي ته ڪا وڏي پيماني تي منظم ڌانڌلي ٿي آهي يانه پر سوال اهو آهي ته اها ڌانڌلي ڪٿي ڪٿي ۽ ڪنهن ڪئي آهي؟انهيء سوال جو جواب ڪٿان به نٿو اچي.ايترو ضرور آهي ته سموريون سياسي ڌريون ان هڪڙي نڪتي تي متفق آهن ته ڌانڌلي ڪپتان کي کٽرائڻ لاء ڪئي ويئي آهي.ڌانڌلي ڪنهن ڪئي آهي انهيء سوال تي انهن سڀني جا چپ سبجيو وڃن.صرف اشارن ڪناين ۾ گونگن وانگر گفتگو ڪرڻ لڳن ٿا.جيڪر سندن ان موقف کي سو سيڪڙو صحيح مڃجي ته ته واقعي ڪا منظم ڌانڌلي ٿي آهي ته پوء سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڌانڌلين جون دانهون ڪندڙ انهن ٻنهي سياسي جماعتن جي ٻن صوبن ۾ اڪثريت واري مينڊيٽ کي ڪيئن تسليم ڪيو وڃي؟انهن جي چوڻ مطابق جيڪر پورو چونڊ عمل ئي ڌانڌلين سان داغدار آهي ته پوء اهي انهن ئي ڌانڌلين جي نتيجن ۾ کٽي آيل پنهنجي پارٽي اميدوارن جي اڪثريت جي بنياد تي صوبن يا مرڪز ۾ پنهنجون حڪومتون قائم ڪرڻ لاء ننهن چوٽيء جو زور هڻڻ بدران مڪمل طرح ٻيهر چونڊون ڪرائڻ واري مطالبي تي سندرو ٻڌي ڇو نٿيون بيهن؟انهيء جو مطلب اهو ٿيو ته ”مٺو مٺو هپ هپ ۽ ڪڙو ڪڙو ٿوٿو“ واري پاليسيء تي عمل ڪندي عوام سان هڪ عجيب قسم جي مذاق ڪئي پيئي وڃي يعني “ رند ڪي رند رهي اور هاٿ سي جنت ڀي نه گئي ” وار معاملو آهي.جيڪر واقعي ڌانڌلي ٿي آهي ته پوء مرڪز ۾ قائم ٿيندڙ عمران حڪومت سان گڏوگڏ سنڌ ۾ پي پي حڪومت جي اڳيان به ساڳيو سواليا نشان لڳڻ گھرجي.پوء ته پارليامينٽ يعني اسيمبلين ۾ هاڻي جيڪو به چونڊن جي حوالي سان عمل ٿيڻو آهي اهو تڪراري قرار ڏيڻ گھرجي.پر اهي سڀ جا سڀ هاء گھوڙا به ڪري رهيا آهن ته باقي رهيل سمورن انتخابي عملن ۾ به وڌي چڙهي حصو به وٺي رهيا آهن ته پوء ڌانڌلين جي اهڙي دانهن کي ڪهڙو وزن ملڻو آهي ۽ انهن جي احتجاجن جي ڪهڙي وقعت ٿيڻي آهي انهيء جو اندازو انهن کي پاڻ به چڱيء طرح آهي پر دنيا کي ڏيکارڻ ۽ پنهنجي شڪست تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاء اها انهن سٺي وندر هٿ ڪئي آهي.بجاء ان جي سمورن چونڊ نتيجن کي رد ڪندي اهي ٻيهر چونڊن جو ڪو موثر نموني مطالبو ڪن اهي چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفا جو کل جوڳو مطالبو ڪندي نظر اچن ٿا.ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفا ڏيڻ سان پوري جو پورو چونڊ عمل غير تڪراري ۽ شفاف بڻجي ويندو؟انهيء بحث کان هٽي ڪري ته چونڊن ۾ ڪا منظم ڌانڌلي ٿي آهي يا نه اصل ڳالهه اها آهي جو بظاهر اهي سموريون ڌريون جيڪي هن وقت اسان کي عمران دشمنيء جي هڪڙي بنيادي نڪتي تي متفق ۽ متحد نظر اچن ٿيون انهن مان هرهڪ جو پنهنجو مسئلو ۽ معاملو آهي.پيپلز پارٽي سنڌ ۾ پنهنجي خود مختيار حڪومت قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس قيادت،ڪجهه وزيرن ۽ مشيرن خلاف ايندڙ ڏينهن ۾ احتساب جي کلندڙ چٺي کي بند ڪرائڻ لاء ادارن تي دٻاء وڌائڻ گھري ٿي.نون ليگ پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ نون ليگ قيادت خلاف آيل عدالتي فيصلن ۽ مستقبل قريب ۾ باقي رهيل قيادت خلاف کلندڙ امڪاني ڪيسن ۾ رليف چاهي ٿي.مولانا صاحب کي اقتدار کان ٻاهر رهڻ جي عادت ناهي ۽ هن سان اضافي ستم اهو ٿيو جو هو پاڻ بنفس نفيس في الحال پارليامينٽ مان پهريون ڀيرو ٻاهر ٿي ويو آهي سو سندس اهو غصو سمجھه ۾ اچي ٿو.اي پي سي ۾ شامل باقي ٻين جماعتن جو ڪو ايڏو وڏو سياسي اثر رسوخ نظر نٿو اچي،اهي انهن سان سر ۾ سر ملائڻ لاء ساڻن گڏ آهن.خبر ناهي هي ڪهڙو گرينڊ اپوزيشن الائنس آهي جنهن ۾ هڪ وڏي سياسي پارٽيء جي اڳواڻن بلاول ڀٽو يا آصف زرداري مان ڪوبه اڃا تائين انهن سان گڏجي تصوير ڪڍرائڻ لاء به تيار ناهي.سيد خورشيد شاهه کي قومي اسيمبليء جي اسپيڪرشپ ۽ يوسف رضا گيلانيء صدر مملڪت جي عهدي جا لولي پاپ ڏيکاري فوٽو سيشن ڪرايا پيا وڃن.آصف زرداري جنهن کي سياست جو گرو چيو وڃي ٿو اهو في الحال “ڏسو ۽ انتظار ڪيو” واري پاليسيء تي عمل ڪندي چپ آهي.جيڪر پيپلز پارٽي شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جي چونڊ ۾ واقعي ووٽ ڪري ٿي ته پوء سمجھڻ گھرجي ته نون ليگ کي ان جي قيمت سينيٽ چيئرمينيء جي صورت ۾ پي پي کي ادا ڪرڻي پوندي.جن قوتن آصف زرداريء جي مدد سان موجوده سينيٽ چيئرمين کي آندو آهي اهي انهيء کي ايترو جلدي واپس گھر موڪلڻ پسند ڪندا؟انهيء سوال جو جواب ايندڙ وقت ئي ڏيئي سگھي ٿو.

    shafiquershakir@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو