• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪڙي چٺي تنهنجي نالي…!

يوسف جميل لغاري

سينيئر رڪن
محبت جو اُهو رنگ انتهائي نرالي قسم جو آهي جيڪو رنگ قلم کي لکڻ وقت تنهنجي حسن اڳيان قرضدار بڻائي ڇڏي، ڀلا هڪڙو قلم ۽ هڪڙو مان تنهنجي حسن جو قرض ڪيئن ٿا لاهي سگهون، هت تہ ڀلي هزارين قلم هجن ۽ پوري ڌرتي توڙي آڪاش کي سميٽي ڪري ڪاغذ بڻائجي تب تنهنجي حسن جي هڪ جلوي جي تعريف کي مڪمل نہ ٿا ڪري سگهون، تنهنجو حسن جيڪو منهنجي لاءَ لامڪان مثل آهي…!

تنهنجو حسن جنهن جي اڳيان منهنجو وجود ڪنهن واچوئڙي جي جهوڪي جيان اڏامي گم ٿي وڃي ٿو، تنهنجي حسن اڳيان منهنجا سڀ خيالي خدا خاڪ ٿيو وڃن ٿا، من اندر جوڙيل سڀئي مقدس گاهون پٽ تي ڪري ڊهي پون ٿيون، اندر ۾ هڪڙو زلزلو برپا ٿي ٿو جنهن جي برپا ٿيڻ کان پوءَ هڪ نئي ڪائنات تخليق ٿئي ٿي، هڪ اهڙي ڪائنات جنهن جو محور ۽ مرڪز صرف جو صرف تون هجي ٿي…!

آءُ پنهنجي من اندر تخليق ٿيل اُن ڪائنات جو جڏهن جائزو وٺڻ شروع ڪيان ٿو تہ مون کي اول کان آخر تائين صرف جو صرف تنهنجو اولڙو ڏسڻ وٽان ملي ٿو، مون کي منهنجي من اندر تخليق ٿيل اُن ڪائنات جي هر هڪ منڍ توڙي هر هڪ پُڇُڙُ ۾ صرف جو صرف تون نظر اچي ٿي، اِهو ڪمال منهنجي ديوانگي جو آهي يا وري تنهنجي حسن جو آهي ان بابت آءُ اڃا تائين ڪو حتمي راءَ جوڙي ناهيان سگهيو…!
 
Back
Top